جيتوڻيڪ استادن جي اهميت، عزت ۽ وقار جو پهريون ۽ آخري ڏينهن گڏيل قومن جي اداري پاران اعلانيل ڏينهن 5 آڪٽوبر ناهي پر 5 آڪٽوبر کان سوا به هر ڏينهن استادن جو آهي پر گڏيل قومن جي اداري سال ۾ هڪ ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن شعبي يا رشتي کي منسوب ڪري هڪ واکاڻ جوڳي روايت قائم ڪئي آهي جنهن ذريعي سال ۾ هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن شعبي يا رشتي کي ان ڏينهن جي مناسبت سان ڀيٽا پيش ڪرڻ جو هر عام ۽ خاص ماڻهن، ٽي وي، ريڊيو ۽ سياسي، سماجي، ادبي، صحافتي تنطيمن کي سونهري موقعو ملندو آهي جيئن اڄ اسان کي 5 آڪٽوبر جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان استادن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو اخلاقي فرض ياد ڏياريو ويو آهي.
سو گڏيل قومن جي اداري 5 آڪٽوبر جي تاريخ کي استادن جو عالمي ڏينهن مقرر ڪري برابر تمام سٺو ڪم ڪيو آهي. استادن جي ڏينهن جي حوالي سان هن ايڊيٽوريل ذريعي عوامي آواز ميڊيا گروپ به زبردست خراج تحسين پيش ڪري ٿو. اسان سمجهون ٿا ته عام ماڻهن يا ملڪي سطح تي ڏسجي ته هر قسم جي ترقي ۾ پهريون ڪردار استادن جو رهيو آهي. تعليم ئي اها واحد شئي آهي جيڪا ترقي جو بنياد رکندي آهي ۽ تعليم جو بنياد وري استاد رکندا آهن. استاد هوندا ته تعليم هوندي ۽ تعليم هوندي ته ماڻهو يا سماج توڙي ملڪ ترقي ڪري سگهندا.
اهو ٻڌائڻ يا سمجهائڻ جي اصولي طور تي ته موجوده جديد سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ ضرورت ئي نه هئڻ گهرجي پر افسوس ته اسان جي ملڪ اندر ” استادن “ کي هاڻي ماضيءَ واري اُها عزت نه ٿي ملي جيڪا کين ملڻ گهرجي. خاص ڪري اڄ جي استادن کي اها شڪايت عام آهي. ماضي ۾ جيتوڻيڪ اسان جو سماج گهڻو تعيلم يافته به نه هوندو هو پر ان دور ۾ استادن جي عزت مثالي هوندو هئي نه رڳو اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ٽائيم ۾ پر ڪل وقتي سندن وقار هوندو هو. ٿيڻ ائين گهرجي ته هاڻوڪي تعليم يافته سماج ۾ استادن جي عزت ماضيءَ کان وڌيڪ هجي. ٿيڻ ايئن گهرجي ته جيئن پوليس ۽ فوج ملڪي سربراهن ۽ حڪمرانن کي سلامي پيش ڪندي آهي تيئن پوليس ۽ فوج به جيڪر کي پابند ڪيو وڃي ته اهي استادن کي ڏسي ڪري کين سلامي پيش ڪن. استاد ڪهڙي به جاءِ تي وڃي ته جيڪر هر ڪو اٿي کين سلامي پيش ڪري.
اصولي طور تي استادن جو اهو مقام آهي. اهي نه رڳو انفرادي طور تي ماڻهن جا محسن آهن پر حقيقت ۾ ڏسجي ته اهي سماجن ۽ ملڪن جا به محسن آهن.
استاد مان مراد سيکاريندڙ آهي. استاد رڳو اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، جا ئي ناهن ٿيندا پر زندگي جي ڪنهن به شعبي ۾ سکيا ڏيندڙ ماڻهو استاد ئي هوندو آهي ۽ استاد نه هوندو ته ظاهر آهي ته پوءِ شاگرد جو به وجود نه هوندو. سو تعليم جي اهميت جو جڏهن به ذڪر نڪرندو ته ان سان لازم ملزوم طور استاد جو ئي ذڪر ٿيندو ۽ اها تعيلم ئي آهي جيڪا سماج کي جهالت جي اونداهي ما ڪڍي ان کي علم جي سج سان روشن ڪري ٿي ۽ ترقي يافته بڻائي ٿي.
سو اچو ته استادن جي مان مرتبي کي بحال ڪريون ۽ انهن کي اها عزت ڏيون جيئن کين پنهنجن شاگردن، سماج ۽ ملڪن کان بي قدري جي شڪايت نه رهي. افسوس ته اهو به آهي ته اهي استاد جڏهن پنهنجا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ سنڌ اسميبلي ڏانهن ويندا آهن ۽ اتي پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائڻ چاهيندا آهن ته مٿن لٺ بازي ڪئي ويندي آهي، ڳوڙها گيس اڇلائي ويندي آهي، پاڻي جي شيلنگ ڪئي ويندي آهي. کين ٽنگوٽالي ڪري پوليس وينن ۾ اڇلايو ويندو آهي، سندن گرفتاريون ڪيون وينديون آهن مطلب ته سندن هر قسم جي تذليل ڪئي ويندي آهي.جيڪا حقيقت ۾ حڪومتن ۽ حڪمرانن جي نافرماني هوندي آهي استادن سان اهڙو ورتاءُ ڪنهن به تعليم يافته سماج ۾ تصور ئي ناهي ڪري سگهبو پر اسان وٽ استادن سان سندس جائز مسئلن، پگهارن، پينشنن تي ڪيل احتاج تي بي حرمتي ڪئي ويندي آهي اها بي حرمتي انهن استادن جي ڪئي ويندي آهي جن جي ڪري ئي اهي حڪمران ۽ پوليس وارا اڄ ان جاءِ تي پهتا آهن انهن سڀني کي استاد ميسر نه هجي ها ته اهي اڄ ان مقام تي نه هجن ها. پر ڳالهه آهي اڻ شناسائي جي حڪومتي طاقت ۽ وڏن عهدن ماڻڻ کانپوءِ وڏن ماڻهن مان شناسائي ختم ٿي ويندي آهي طاقت جو نشو سندن مٿان حاوي ٿي ويندو آهي.
سو استادن جي عزت جو ماحول پيدا ڪرڻ هر دور جي اخلاقي گهرجن مان هڪ گهرج سمجهي ويندي آهي.استاد جي عظمت هر حڪومتي طاقت ۽ عهدي کان مٿانهين آهي. اهو شاگرد يا اهو سماج عظيم هوندو آهي جيڪو پنهنجي استاد جي عزت ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هجي. اها به حقيقت آهي ته عزت ڪرائڻ جو ماحول پيدا ڪرڻ جوڪم باشعور سماج ۽ حڪومت جو هوندو آهي. سماج ۽ حڪومت استاد جي عزت ڪندي ته سماج جو هر فرد به سماجي اخلاقي وهنوار کي ڏسندي استاد جي عزت ڪرڻ جو اتساهه وٺندو پر جيڪڏهن حڪومت ئي استادن جو قدر نه ڪندي، سندن مٿان لٺ بازي ۽ تذليل ڪندي ته نئون نسل به ايئن محسوس ڪندو ته استادن جي بي حرمتي به ڪري سگهجي ٿي. ماضي جيڪو شاگرد استادن جي عزت نه ڪندو هو تنهن کي نافرمان شاگرد سمجهيو ويندو هو ائين سماج يا حڪومت به نافرمان سمجهي ويندي.
سو مجوعي طور تي ڏسجي ته اسان جو حڪومتي ۽ سماجي نظام استادن جي حوالي سان سان نافرمان ٿي ويو آهي جنهن جو احساس اڄ جي استادن کي به ٿيڻ لڳو آهي. بهرحال اسان مجموعي طور تي استادن جي عظيم پيشي ۽ ڪم جو قدر ڪندي کين پنهنجو محسن سمجهون ٿا. زنده دل قومون پنهنجن محسنن جو قدر ڪنديون آهن. اسان هر ڏينهن استادن کي اٿي بيهي سلام پيش ڪرڻ جا قائل آهيون ۽ اهو ئي پيغام ڏينداسين ته استادن کي اٿي بيهي سلام پيش ڪريو ۽ اڄوڪو ڏينهن به استادن کي پنهنجن محسنن کي جن اسان کي تعليم يافته ۽ ترقي يافته بڻايو آهي تن کي اٿي بيهي سلام پيش ڪرڻ جو عظيم موقعو ڏئي ٿو.