ادب جو سماجي ڪارج

تحرير؛خالده منير

جڏهن ماڻهو جو شعور شروعاتي طور اڀار کاڌو ته ان شعور جي اظهار لاءِ ادب جي مختلف صنفن جي چونڊ ڪئي، توڙي جي شاعري ۽ نثري صنفن جا ڪي طئي ٿيل گهاڙيٽا ان وقت موجود نه هئا، پر ماڻهن کي متاثر ڪرڻ لاءِ پنهنجي شاعري يا چوڻين ۾ مٺاس ۽ تخليقي رنگ ڀري ماڻهن جي ذهنن کي متاثر ڪيو ويندو رهيو، شاعري توڙي نثر به اھو جيڪو زميني حقيقتن کي خوبصورت لفظن ۾ واضع نموني، سماج ۾ موجود براين سميت نروار ڪري ۽ انھن مان ڇوٽڪاري جا گس ڏسي. اها شاعري هجي يا نثر، پڙهندڙن جي ذهن تي نقش ٿي ويندي آهي.

جيڪڏهن اسان آڳاٽي دور جي ادب تي نظر وجهنداسين ته ان ۾ لوڪ ادب کي وڏي اهميت هئي جنهن ۾ ديو، ديوتائن، بادشاھن، شهزادن، پرين جون آکاڻيون هيون، اهي ماڻهو وڏي چاھ سان پڙهندا ۽ ٻڌندا هئا، جيتوڻيڪ اهي آکاڻيون ڏند ڪٿائن تي ٻڌل هونديون هيون، پر انهن ۾ به زندگي گذارڻ لاءِ سليقو ۽ سبق هوندو هو، پوءِ جيئن جيئن ماڻهن ۾ شعور ايندو ويو، هن جون سوچون تبديل ٿينديون ويون، هنن بجاءِ ڏند ڪٿائن جي حقيقت کي لکڻ پڙهڻ زياده پسند ڪيو، آکاڻي جيڪا ڏند ڪٿا تي ٻڌل آهي، جنھن اڳتي ھلي افسانوي شڪل اختيار ڪئي جيڪا ماڻهو جو تخيل هجي جنهن جو حقيقت سان ڪو تعلق نه هجي، پر ڪهاڻي جيڪا اسان جي آس پاس ٿيندڙ لقائن تي آڌاريل هوندي آهي، جڏهن اوهان ڪنهن به دور جي تاريخ پڙهندا، ۽ ان دور جو ادب پڙهندا ته اوهان کي ان ادب مان ان دور جي تاريخي حقيقتن جي ڄاڻ ملندي، اها ڄاڻ اوھان کي تاريخ مان شايد ايتري نه ملندي، حقيقي ادب ئي اهو ادب آهي جيڪو پنهنجي دور جي سماج جي عڪاسي ڪري، جيڪڏهن اسان جي آس پاس جيڪي لقاءُ آهن انهن کي پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن جي ڪردارن ۾ پيش ڪري ڪافي واقعا، ڏاڍ، جبر، ظلم، معاشرتي برايون يا سٺايون، هلندڙ دور جون حقيقتون انهن ڪهاڻين ناولن جي ڪردران ذريعي ظاهر ڪري پڙهندڙ جي اڳيان چٽي آئيني جيان پيش ڪرڻ ڪامياب ليکڪ جي نشاني آهي، جنهن دور ۾ ليکڪ رهي ٿو، ان دور جي سماجي براين توڙي سٺاين ۽ سياسي توڙي سماجي حالتن کي خوبصورتي سان پنهنجي لکڻين جي ڪردارن جي شڪل ۾ اظھارڻ وڌيڪ آسان آھي، جيئن آمريت جي دور ۾ اسان کلي طرح نٿا لکي سگهون، سڌي طرح پنهنجي ڳالهھ نٿا پيش ڪري سگهون، ته انهن کي پنهنجي پنهنجي ڪردارن کان چورائي ان دور جي تصوير سماج اڳيان پيش ڪري سگهون ٿا، ساڳئي ريت شاعري ۾ به ڪيتريون ئي صنفون آهن، غزل، وائي ،ڪافي، بيت، نظم، نثري نظم جنھن ذريعي پنھنجن جذبن ۽ احساسن کي آساني سان اظھاري سگھجي ٿو.

شاعر فطرتن حسن پرست هوندو آهي، هن کي سونهن وڌيڪ موهيندي آهي، آڳاٽي دور ۾ به شاعرن جا لکيل عشقيه داستان شاعري ملي ٿي، پر وقت سان گڏ شاعري ۾ به تبديلي اچي وئي ڪو دور هو جو شاعر جو محور صرف محبوب هوندو هو، ان جي حسن تي، ان جي وارن تي، ان جي چهري جي تر تي، شاعري لکندو هو، بدلجندڙ وقت سان گڏ شاعري ۾ به نوان رنگ ۽ نوان روپ اچڻ لڳا، جنهن ۾ ڌرتي سان محبت، فطرت جي هر روپ سان محبت، سماج جي براين ۽ سٺاين، ڏاڍ ۽ جبر تي مزاحمتي شاعري پڙهندڙن تائين آندي، هن وقت به ڪافي نوجوان شاعر مزاحمتي شاعري  لکن پيا ۽ پڙهندڙن ۾ مقبول به آهن، درٻاري شاعر هر دور ۾ رهيا آهن، شاعر هجي يا ليکڪ جيڪو درٻاري آهي اهو صرف ان دور تائين زنده رهيو آهي، پر مزاحمتي شاعر ليکڪ ھر دور ۾ زنده رهيو آهي اها ٻي ڳالھه آھي ته ھو محل ماڙين تائين نه رسي سگهيو، پر سماج جي دلين ۾ محلات اڏڻ ۾ ڪامياب ويو، ذاتي طور آئون سمجهان ٿي ته، ان کان وڏي ڪا مڃتا به نه آهي ته پڙهندڙ جي دلين تي سندس راڄ هوندو آهي،

اڄ  ڪلهه ولگر شاعري به عام جام ٿئي پئي جيڪا نه صرف سماج لاءِ هاڃيڪار آهي پر ان شاعري جو مستقبل به نه آهي ۽ اھا سماج جي بگاڙ جو سبب پڻ بڻجي پئي، اهڙي شاعري جي ڦهلاءَ جو سڀ کان وڏو ذريعو سوشل ميڊيا آهي جنهن ۾ اڌ اگهاڙي عورت جي تصوير لڳائي واھ واھ وٺي خوش ٿيندا آهن، پر سماج لاءِ اهڙي شاعري بي ڪارج آهي، بي ڪارج شين جو انت ڊسٽ بن ٿيندو آهي، هن وقت سماجي لقائن کي ڏسنداسين ته ته هڪ طرف بيروزگاري، نوجوانن جي ميرٽ جي لتاڙ ته ٻئي طرف خودڪشيون، ڪارو ڪاري جهڙين بڇڙين رسمن توڙي قبائلي جهيڙا، ڪڌا اڻ وڻندڙ ڪم، بگڙيل سياسي صورتحال سان گڏ تباھ ڪن مهنگائي جي ڪري عام ماڻهو جي حالت زار نهايت دکدائڪ ٿيندي پئي وڃي، ان ۾ اسان پنهنجي لکڻين ۾ محبوب جي حسن ۽ پيار جي پيچن جا گيت ويھي  ڳائينداسين يا ڪهاڻيون ناول لکنداسين ته اهو ادب پنهنجو سماجي ڪارج وڃائي ڇڏيندو.  جيڪڏهن اسان عالمي ادب تي نظر وجهنداسين ته خبر پوندي ته ڪيئن نه ان ادب جي ذريعي وڏا وڏا انقلاب آندا ويا، ادب جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته ادب جي سماجي ڪارج سماجي عڪاسي جي صورت ۾ پنھنجو ارتقائي سفر ڪيو آهي، جڏهن ديو ديوتائن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ گيت نظمن ڊرامن جي تخليق ٿيندي هئي، اڳتي هلي مشهور فلاسفرن 427 ـ437 ق م ادب جو سماجي ڪارج بيان ڪندي چيو ته ادب اهو آهي جنهن مان سماج جي اخلاق ۽ صداقت جي واڌ ويجهھ ٿئي، ادب زندگي جو عڪس آهي ڪارج جو مطلب ئي آهي ڪنهن به شئي جو استعمال. ڊاڪٽر غلام علي الانا مطابق علم ادب زندگي جي تصوير آهي، فلسطين ۾ جيڪڏھن مزاحمتي ادب جي تاريخ ڏٺي وڃي ته فلسطيني اديب نقاد غسان ڪنفاني فلسطيني مزاحمت تي هڪ مضمون لکيو جنهن ۾ تڪرار کي نه صرف نمايان عالمي ادب جو حصو بڻايو پر ان وقت جي همعصر تحريڪن کي ھٿي ڏيڻ ۾ پنھنجو حصو ملايو، جيڪي ان وقت آزادي جي جدوجهد ڪري رهيون هيون. جيڪي لاطيني آمريڪا، مشرق بعيد ۽ آفريڪا ۾ هلندڙ هيون، ميڪسم گورڪي جي ادبي لکڻين ۾ محبت امن ڀائچاري جو پرچار وڌيڪ ملي ٿو هن هر طرح جي ظلم استحصال خلاف لکيو آهي اهوئي سبب آهي جو ميڪسم گورڪي اڄ به پڙهيو وڃي ٿو، روسي انقلاب کان اڳ ادب گھڻي ڀاڱي سياسي ڪارج کان آسارو هو جيڪو صرف دماغي تخيل تي ٻڌل هو اديبن پنهنجو تاريخي ڪردار جيترو ادا ڪيو اهڙو ان کان اڳ ڪٿي نه ٿيو، اديب دنيا بدلائي سگهن ٿا گورکي ۽ ٻين روسي اديبن جون ڪهاڻيون ۽ ناول نه هجن ها ته روس ۾ انقلاب اچڻ ناممڪن هو، دنيا جي اڪثر سياسي انقلابي تحريڪن جي پٺيان اتان جو سگھارو ادب موجود ھئڻ سبب وڏيون سوڀون حاصل ٿي سگھيون ھيون، روس، چين، ڪيوبا، فرينچ، ويٽنام، چلي توڙي ڪوريا جي انقلاب جي پٺيان اتان جو قلم ڌڻي بيٺل نظر اچي ٿو. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اڄ اسان ادبي طور ڪٿي بيٺل آھيون؟  توڙي جو سنڌ جي ليکڪن جو ھڪ وڏو انگ سماجي بھتري لاءِ پنھنجي لکڻين کي ھٿيار طور استعمال ڪري رھيو آھي پر انقلابي مطالعي سان ان ادب کي اڃان به وڌيڪ سگھارو ڪري سگھجي ٿو. وقت جي ضرورت آھي ته سنڌ جي اڻوڻندڙ حالتن کي سڌارڻ لاءِ اسان کي پنھنجي ادبي مورچي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.