ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس نئين جوهري ڪروز ميزائل بوريويسٽنڪ جو تجربو ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب روسي چيف آف جنرل اسٽاف ويلري گيرميسوو ٻڌايو ته نئين جوهري ڪروز ميزائل 14 هزار ڪلو ميٽر جو فاصلو طئي ڪيو ۽ اهو ميزائل تقريبن 15 ڪلاڪ فضا ۾ رهيو.
روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو ته اهم جوهري ڪروز ميزائل جي ٽيسٽ مڪمل ٿي چڪي آهي، هاڻ ميزائلن جي مقرري کان اڳ آخري مرحلي تي ڪم شروع ٿيڻ گهرجي.
روسي ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو ميزائل يورپ جي موجوده ۽ مستقبل ۾ سامهون ايندڙ سڀني ميزائل دفاعي نظامن جي پهچ کان ٻاهر آهي ۽ اڏام دوران ان کي ٽريس ڪرڻ ناممڪن آهي.
You might also like