ڊراپ ڪيل رانديگرن کي ڊوميسٽڪ تي فوڪس ڪرڻ گهرجي: مائيڪ هيسن

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن چيو آهي ته ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز ۽ ٽي ملڪي سيريز سان اسان کي ورلڊ ڪپ لاءِ آپشن ملندا.
راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مائيڪ هيسن چيو ته بابر اعظم جي ٽي ٽوئنٽي ۾ شاندار واپسي لاءِ پراميد آهيان، هو ٽئين نمبر تي بيٽنگ ڪندو.
هن چيو ته محمد حارث کي گهڻا موقعا ڏنا پر هن فائدو نه کنيو، هو نوجوان آهي ۽ کيس وڌيڪ بهتري جي ضرورت آهي، عثمان خان اسپن کي سٺو کيڏندو آهي، تنهن ڪري کيس موقعو ڏنو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ شڪست تي مايوسي ٿي، ايشيا ڪپ جو فائنل وڏو ڏينهن هو، ٽي ٽوئنٽي ۾ مختلف شعبن ۾ بهتري جي ضرورت آهي.
مائيڪ هيسن چيو ته جن کي اسڪواڊ جو حصو ناهي بڻايو ويو، انهن کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تي فوڪس ڪرڻ گهرجي، سفيان مقيم کي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ واپس موڪليو آهي، عثمان طارق هڪ باصلاحيت اسپنر آهي.
فخر زمان جي حوالي سان هيڊ ڪوچ چيو ته هو هڪ ڊي فارميٽ جو حصو آهي، ان کي به فرسٽ ڪلاس ۾ ڪم ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.