اسرائيل  لبنان ۾  زميني آپريشن شروع ڪري ڇڏيو

اسرائيلي فوج چيو آهي ته  ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله خلاف زميني آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. حزب الله اسرائيلي فوجين کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ به ڪئي آهي. ساڳئي وقت  لبنان ۾ اسرائيل جي ڪارروائي بعد ھڪ اندازي موجب ھڪ کان ڏيڍ لک ماڻھن شام ڏانھن لڏپلاڻ ڪئي آھي.اسرائيل ھڪ ئي وقت غزا ۾ حماس،لبنان ۾ حزب اللھ، يمن ۾ حوثين سميت شام تي بھ مسلسل حملا ڪري رھيو آھي.

اسرائيلي دفاعي فورسز  اڱاري ڏينهن چيو آهي ته ڏکڻ لبنان ۾ سومر جي رات دير سان هڪ زميني فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو آھي.جنھن کي ’آپريشن ناردرن ايروز‘ جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ لبنان جي انهن علائقن ۾ آپريشن ڪيو ويندو، جيڪي اسرائيل لاءِ خطرو بڻيل آهن. اسرائيلي فوج  مطابق، غزه ۾ حماس جي خلاف حملا جاري رهندا،

اسرائيلي دفاعي فورسز موجب  ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي دهشتگردن جي مقصدن ۽ بنيادي ڍانچي خلاف محدود پئماني جي ڪارروائي ڪئي وئي آھي.جنھن ۾ مقامي ۽ ھدف بڻايل  زميني حملا  شروع ڪيا ويا آھن. اھا ڪارروائي انٽيليجنس جي معلومات  تحت ڪئي وئي آهي. محدود حملن لاءِ زميني فوج کي هوائي فوج ۽ آرٽلري فورسز  جي مدد حاصل آهي.

ساڳئي وقت لبنان جي فوجي تنظيم حزب الله دعويٰ ڪئي آهي ته هن اڱاري جي صبح المطلع جي سرحدي علائقي ۾ اسرائيلي فوجين کي نشانو بڻايو. اسرائيلي فوج حملن جي تصديق ڪئي، پر چيو ته آھي تھ ڪجهه راڪيٽ هوا ۾ تباهه ٿي ويا ۽ ڪجهه خالي ميدانن ۾ ڪريا.

لبنان جي صحت واري وزارت چيو آهي ته سومر تي لبنان ۾ اسرائيلي هوائي حملن ۾ اٽڪل 95 ماڻهو مارجي ويا ۽ 172 زخمي ٿيا. لبنان ۾ گذريل ٻن هفتن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته هن وقت تائين هڪ لک کان وڌيڪ بي گهر ٿي چڪا آهن.

.

لبنان ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب دنيا جي ٻين ملڪن به پنهنجي شهرين کي هي ملڪ ڇڏڻ جي اپيل ڪئي آهي، جڏهن ته دنيا جي ڪيترين ئي ايئرلائنز به لبنان ۾ پنهنجا آپريشن  بند ڪري ڇڏيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.