اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله سان جهڙپن ۾ 8 فوجي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
اسرائيلي فوج ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ تصديق ڪئي آهي ته ڏکڻ لبنان ۾ ويڙهه دوران اسرائيلي فوج جي 3 ڪيپٽن سميت 8 اهلڪار مارجي ويا.
عرب ميڊيا موجب اسرائيل فوج اربع ڏينهن لبنان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران اسرائيلي فوج ۽ حزب الله جي ويڙهاڪن ۾ مقابلو ٿيو.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته حزب الله اسرائيلي فوج جي لبنان ۾ زميني رستي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي ۽ ان دوران اسرائيلي فوج کي ڳرو جاني نقصان به ٿيو.