ڪامريڊ منان چانڊيو کي سرخ سلام

تحرير: عرفان منان چانڊيو

 ڪامريڊ منان چانڊيو سياست جي شروعات 1980ع ۾ ڪامريڊ الهه رکيو چانڊيو ”فدائي“ جي معرفت، مشهور هاري اڳواڻ قاضي غفار سان ملاقات کان پوءِ ڪئي، هو فڪر پليجو جي واٽ کان متاثر ٿي عوامي تحريڪ جي سنڌي هاري تحريڪ جي ڳوٺاڻي شاخ جو پهريان ڪچو ۽ پوءِ پڪو ميمبر بڻيو، ٽن سالن کان پوءِ 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران 13 سيمپٽبر تي لاڙڪاڻي جي پاڪستاني چوڪ تي پاڻ مرادو گرفتاري ڏني. شروع ۾ کيس هڪ مهيني تائين لاڙڪاڻه ڊسٽرڪٽ جيل ۾ رکيو ويو ۽ بعد ۾ کيس سکر سينٽر جيل ڏانهن ٻين سياسي قيدين سميت منتقل ڪيو ويو، سندس ڪيس فوجي ڪورٽ ۾ انڊر ٽرائل رهيو، جتان هو 18 مئي 1984ع تي آزاد ٿيو. اهو سياسي انقلاب ۽ رومانس وارو دور هو، دنيا جي گولي تي ڪيئي انقلاب اچي چڪا هيا، ماڻهن ظلم کان ڇوٽڪاري لاءِ ڪوشان هيا، ڪيئي محڪوم قومون آجپي جي ڳل تي مٺيون ڏئي رهيون هيو.

ان دور ۾ ڪامريڊ منان به انقلابي ساٿ سان سلهاڙجي ويو، ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ انقلابي گيت آلاپجي رهيا هيا، ديس جا ڪيئي ڳڀرو انقلابي بنجي پنهنجي قوم جي ماڻهن جي تقدير بدلائڻ لاءِ اڳيان اڳيان هيا.
ان انقلابي، نظرياتي ۽ تمام ڏکئي دور ۾، ڳوٺ ڳاڙهي جاگير لڳ وارهه ۾ عوامي تحريڪ، سنڌي هاري تحريڪ ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جا ڪيترائي مرڪزي اڳواڻ سياسي دوري تي ايندا هيا جيڪي ڳوٺ جي سادن هارين کي علم، ادب، عقل، سمجهه ۽ انقلاب جا درس ڏيندا هيا.اهو سراپا انقلاب جو دور هيو جنهن ۾ آدرشي ۽ نظرياتي ماڻهو عوام ۾ انقلاب جي پرچار ڪندا هيا، ماڻهن کي پنهنجي حقن کان آگاهه ڪندا هيا، ان سٿ ۾ ڪامريڊ منان به شامل هوندو هيو.هن جو پنهنجي پارٽي ۾ ڪل وقتي ڪارڪن وارو ڪردار رهيو، هن مقامي توڙي سنڌ ليول تي ٿيندڙ هر تنظيمي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته هو عوامي تحريڪ جو ٽي دفعا ضلعي صدر، سنڌي هاري تحريڪ جو ٻه دفعا ضلعي جنرل سيڪريٽري ۽ ٽي دفعا تعلقه صدر رهيو.

ڪامريڊ منان اخباري دنيا سان پهريون ڀيرو 2007ع ۾ سلهاڙيو، سندس 12 مئي جي واقعي تي پهريون آرٽيڪل سکر مان شايع ٿيندڙ  هڪ اخبار ۾ شايع ٿيو. ان کانپوءِ هن ڪيترن ئي ٻين اخبارن ۽ مئگزينن ۾ لکڻ شروع ڪيو. گھٽ پڙهيل هوندي به جڏهن هو ملڪي، عالمي، ۽ مقامي   معاملن تي ڳالهائيندو يا لکندو هيو ته ائين محسوس ٿيندو هيو ڄڻ ڪو هو وڏو لکيو پڙهيو هجي. هن جي سماجي مامرن تي ڄڻ ته پي ايڇ ڊي هئي جو وڏي آسانيءَ ۽ روانيءَ سان انهن تي ڳالهائيندو هيو. هن هر موضوع تي ڪالم لکيا.هن جا اڪثر ڪالم ڪرنٽ اشوز تي هوندا هئا، پر ان سان گڏ هن دنيا ليول تي ٿيندر سياسي اٿل پٿل تي پڻ چڱا ڪالم لکيا. اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي ته کيس ڌڻيءَ وڏي ڏات سان نوازيو هيو. هڪ ڳوٺاڻي ۽ سادي طبيعت جي انسان جي لکڻين مقامي سطح تي ڏاڍي مڃتا ماڻي. ماڻهو سندس لکڻين جا مداح ٿي پيا. سندس شوخ لکڻين وڏا اثر ڇڏيا. ڪامريڊ منان هر مسئلي تي سراپا احتجاج ۽ آواز بنجي اڳيان اڳيان آيو. هن اڪيلي سر پڻ احتجاج ڪيا، ڪڏهن اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون، ڪڏهن ڏينهن جو لالٽين هٿن ۾ کنيون ۽ ميڻ بتيون ٻاريون، ته ڪڏهن خاموش احتجاج ڪري مسئلن جي نشاندهي ڪئي.

ڪامريڊ منان جيڪي لکڻيون کٽمڙن، سگريٽن ماچيسن، دوائن جي ٻاٺن ۽ اڌ ڦاٽل پنن لکي ڏکئي مرحلي مان گذري ڪمپوز ڪرائي ڪنهن نه ڪنهن وٽان اخبار ڏانهن اي ميل ڪندو هو انهن سنڌ اندر وڏي مڃتا ماڻي. هو ڏتڙيل، مسڪين، مصيبت جي ماريل، لاچار، بي وس، بي سهارا ۽ مظلوم ماڻهن جو ليکڪ ۽ آواز هيو، سندس لکڻين جو محور اهي انسان هيا جن جو آواز ورنائڻ وارو ڪير به ڪو نه هيو. ڪامريڊ منان جتي گند جي ڍير تان پاٺا کڻندڙ يتيم ٻارن، ريڙهي تان ڪريل ٻٽالو ميڙي ٻچن کي  پيٽ جي پورت ڪندڙ جهور عورتن، لينڊ ڪروز، ڪار يا جيپ جي ٽڪر ۾ پساهه پورا ڪندڙ ستن ٻچن کي پاليندڙ ڪتي، انسان دشمن دستور طبقاتي نظام، سنڌ ۽ بلوچستان جي مسنگ پرسن،  ذوالفقارآباد، ڪالا باغ ڊيم، ڀاشا ڊيم، چشما لنڪ ڪئنال، هٿرادو پاڻي جي کوٽ، انتظامي نااهلي، ڌاري آبادڪاري، غلط آدمشماري، جڙتو پوليس مقابلن تي بهادري سان لکيو، اتي وري هن ايران جي انقلاب، ويٽنام جي قومي آزادي، وينزويلا جي هوگو شاويز جي حڪمت عملي، چين جي چيتي ڪامريڊ مائوزيتنگ، ڪيوبا جي ڪوپي ڪنڌار ڪامريڊ فيڊل ڪاسترو، فلسطين جي بي بها موتي ياسر عرفات، لبيا جي لاڏلي ڪرنل قذافي، عراق جي ارڏي صدام حسين، کان ٿيندي ملڪ جي اهم اشوز، سنڌ سان ٿيندڙ هر انياءَ، ڏاڍ، ظلم، جبر  تائين جهڙي انداز لکيو ۽ تز تجزيو ڪيو اهو هر ليکڪ جي وس جي ڳالهه نه آهي، اهم ڳالهه ته هو ڪرنٽ اشوز تي لکڻ جو وڏو ڏانءُ رکندڙ ليکڪ هيو، هن جنهن مهارت سان ان اشوز تي لکيو اها به هر ليکڪ جي حصي ۾ ناهي ايندي هن عوامي آواز سميت ٻين اڻ ڳڻين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم لکيا. هن باقائدي هڪ ليکڪ جي حيثيت سان عوامي آواز اخبار ۾ لکيو ۽  حياتي جي آخري گهڙين تائين ان ۾ ئي لکندو رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.