سينئر صحافي ۽ تجزئي نگار نجم سيٺيءَ هڪ ٽي وي پروگرام ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته موجوده آرمي چيف جي ڪراچي ۾ واپارين سان ملاقات ۾ ملڪ اندر انتظامي يونٽ وڌائڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٿي آهي. تجويز ڏيندڙن جو چوڻ هو ته ملڪ هاڻي موجوده انتظامي صورتحال ۾ هلائڻ مشڪل ٿي ويو آهي، ڀارت ۾ به واهنوار هلائڻ لاءِ نوان صوبا ٺاهيا ويا اتي 29 رياستون آهن. رپورٽ موجب واپارين آرمي چيف جي ان تجويز سان اتفاق ڪيو. ان حوالي سان نجم سيٺي جو چوڻ هو ته واپاري اهڙين ملاقاتن ۾ هر ڳالهه مڃي وٺندا آهن ڇو ته انهن کي ٽيڪس بچائڻو هوندو آهي. سندس خيال هو ته صوبن جا حصا ڪرڻ واري ڳالهه بس هڪ شو شو ڇڏڻ آهي ته جيئن ان تي رد عمل ڏسي سگهجي. هن چيو ته ان تي سڀ کان گهڻو ردعمل سنڌ مان ايندو، پ پ حڪومت به اهڙي ڳالهه نه مڃيندي پ پ ته ڪراچي کي ئي انتظامي يونٽ بڻائڻ جي مخالف آهي ته ٻين حصن کي ڪيئن ٽُوڙڻ ڏيندي. ڏسجي ته سنڌ ۾ اڳواٽ ڊويزنون آهن تنهن ڪري اتي ايڊمنسٽريٽو حصن جي ڪا ضرورت ناهي ٻيو ته اهڙن مسئلن جو حل مڪاني کاتن وٽ آهي. هن چيو ته ان قسم جي تجويز سان قوم پرستي جي جيڪا لهر ا ڀرندي سا رياستي ڍانچي لاءِ به خطرو بڻجي سگهي ٿي.
اسان نجم سيٺي جي ان تجزئي سان متفق آهيون باقي سندس ان ڳالهه سان متفق ناهيون ته اها تجويز پ پ ڏيندي ته پوءِ اها قابل قبول ٿي ويندي ۽ ڪنهن کي اعتراض نه ٿيندو،پ پ حڪومت کي به سنڌي عوام جي اين او سي بنا سنڌ جا ٽڪر ڪرڻ جو ڪو حق ناهي ۽ نه ئي ان کي ڏبو. نجم سيٺي صاحب کي اها ڳالهه الائي ڇو ذهن تي نه آئي ته سال 2008 ۾ جڏهن پ پ جي سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي سنڌ کي انتظامي طور ٻن يونٽن ۾ ورهائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو ته سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي هئي ۽ ان سان پ پ کي 2013 جي چونڊ ۾ سنڌي عوام طرفان ووٽ نه پوڻ جو شديد خطرو پيدا ٿي ويو هو ته ان پنهنجي حڪومتي مدي پوري ٿيڻ کان اڳ اهو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو هو تنهن وقت پ پ کي اصل ۾ وفاقي حڪومت لاءِ ايم ڪيو ايم جي سيٽن جي حمايت گهربل هئي تنهن ڪري ان حڪومتي مفاد ۾ ايم ڪيو ايم کي راضي رکڻ لاءِ اهڙو سنڌ دشمن فيصلو ڪيو هو پر ان سان اهو واضح ٿي چُڪو هو ته سنڌي عوام سنڌ جا ڪنهن به ريت ٻه ٽڪر ڪرڻ کي زندگي ۽ موت جو معاملو سمجهي ٿو. هاڻي به ڏسجي ته سنڌي عوام جيڪڏهن ڪارونجهر جبل جا ئي ٻه ٽڪر ڪرڻ نه ٿو ڏئي ۽ سراپا احتجاج آهي ته پوءِ اهو سنڌ جا ٽڪر ڪرڻ ڪيئن ڏيندو.
سو اهو طئي آهي ته سنڌي عوام هڪ سنڌ جا گهڻا صوبا يا ٻه انتظامي حصا ڪرڻ نه ڏيندو ۽ نه ئي سنڌي عوام کان سواءِ سنڌ بابت پاڻمرادو فيصلا ڪرڻ جو ڪنهن فرد واحد يا اسٽيبلشمينٽ کي ڪو حق آهي. ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي اهڙين روين ڪري ئي ملڪ جي وحدت کي هر دور ۾ نقصان رسيو آهي پر حد اها آهي ته اهڙن غلط روين ۽ ناڪام ترين تجربن باوجود ملڪي اسٽيبلشمينٽ ڪجهه سکڻ لاءِ تيار ناهي جنهن نتيجي ۾ بلوچستان ۽ سنڌ کان پوءِ هاڻي خيبرپختونخواهه به اسٽيبلشمينٽ سان سخت ڪاوڙيل آهي. اهڙي ماحول ۾ وري ملڪ اندر نون يونٽن ۽ نون صوبن جي ڳالهه ڪرڻ غير زميواراڻو عمل آهي. ٻيو ته سيڪيور ٽي ادارن کي حڪومتي ۽ سياسي معاملن توڙي واپارين سان ملڻ ۽ نون يونٽن يا صوبن جي ڳالهه ڪرڻ جو اختيار ئي ناهي، ان ڪم لاءِ سياسي جماعتون، حڪومتون ۽ پارليامينٽ موجود آهن جيڪي عوام جون نمائندگي ڪنديون آهن ۽ جن کي عوام ووٽ ڏيندو آهي.
تنهن ڪري اهو هر دور ۾ بحث ٿيندو رهيو آهي ته ادارن کي پنهنجي پنهنجي حدن ۾ رهڻ گهرجي ۽ ٻين جي حدن کي اورانگهڻ نه گهرجي ۽ اڄ ڪلهه ته اهو بحث مباحثو چوٽ چڙهيل آهي. ويجهڙ اسلام آباد هاءَ ڪورٽ جي ڇهن ججن به سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي اها شڪايت ڪئي آهي ته اسٽيبلشمنيٽ ججن جي ڪم ۾ مداخلت ڪري رهي آهي ۽ اها فيصلن تي اثرانداز ٿيڻ ٿي چاهي. ايئن پارليامينٽ کي به هميشه کان اهو اعتراض رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڪيرائڻ ۾ هميشه مداخلت جو ڪم ڪندي رهي آهي ۽ هاڻي ڏٺو پيو وڃي ته اسٽيبلشمينٽ ڏيهي پرڏيهي پاليسين ، آئيني ڪمن، معيشت ۽ ڪاروبار وغيره ۾ سنئين سڌي مداخلت ڪري رهي آهي. جڏهن ته ان حقيقت جي ٻارن کي به خبر آهي ته اختياري دائرا اورانگهڻ سان اختلاف ۽ تڪرار ئي وڌندا آهن پر افسوس ته ملڪ جي ذميوار ادارن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي جڏهن ته ملڪ هلائڻ جو هر طريقو آئين ۾ موجود آهي ۽ هر اداري جي ڪم ڪرڻ جون حدون به مقرر آهن پر ان جي باوجود جڏهن ادارا پنهنجون آئيني اختياري حدون اورانگهن ٿا ته مسئلا ۽ بحران پيدا ٿين ٿا. ملڪ اندر نون صوبن يا يونٽ قائم ڪرڻ جو ڪم به حڪومتي ۽ پارليامينٽ جو آهي. اهي ڪم انهن کي ئي ڪرڻ گهرجن ۽ انهن کي ئي سونهي ٿو. ٻيا ادارا اهڙو ڪم ڪندا ته اهو غير آئيني، آمراڻو ۽ غير جمهوري عمل سمجهيو ويندو ۽ وري جيڪڏهن مزاحمت ڪئي ويندي ته تڪرار ۽ بحران پيدا ٿيندا آهن. پر جيڪڏهن هر ادارو پنهنجي پنهنجي آئيني حد ۾ رهي ته جيڪر اهڙا تڪرار ۽ بحران پيدا ئي نه ٿين.
سو اسان سمجهون ٿا ته اسان جو ملڪ ايڏو وڏو ناهي جو انتظامي طور نه سنڀالي سگهجي ٻيو ته جيئن نجم سيٺي صاحب ٻڌايو ته ايڊمنسٽريشن جو سڄو نيٽ ورڪ موجود آهي جنهن ذريعي معاملا سنڀالي سگهجن ٿا ته پوءِ غير ضروري شوشا، اختلاف ۽ تڪرار پيدا ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. ٻيو ته واپارين کان سياسي انتظامي ۽ حڪومتي نوعيت جي معاملن تي ڳالهائڻ يا تجويز وٺڻ جو به ڪو تُڪُ ئي ناهي.
جيستائين سنڌي عوام جو تعلق آهي ته اهو جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته اهو جيڪڏهن ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي يا ڀاڱن جي خلاف آهي ته سنڌجا ڀاڱا ڪرڻ ڪيئن ڏيندو؟ سنڌ ۾نوان صوبا ٺاهڻ يا نون صوبن جي ڳالهه ڪرڻ کي سنڌي عوام سنڌ جي وحدت تي وار سمجهي ٿو ۽ اهو سنڌ جي وحدت تي ڪنهن ريت به هٿ وجهڻ نه ڏيندو. اها ڳالهه طئي آهي سو مهرباني ڪري سنڌ جي وحدت تي هٿ وجهڻ کان پاسو ڪريو ۽ ان حوالي سان ان سنڌ جو احترام ڪيو وڃي جنهن هن ملڪ ٺاهڻ لاءِ پهرين قرارداد پنهنجي سنڌ اسيمبيلي مان پاس ڪرائي هئي، جنهن ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان کي آئين ٺاهي ڏنو تنهن جو تعلق به سنڌ سان آهي تنهن ڪري وفاق کي يا وفاقي ادارن کي سنڌ ۽ سنڌ جي اين او سي بنا سنڌ بابت پاڻمرادو ڪو فيصلو نه ڪرڻ گهرجي، سنڌي عوام نون يونٽن ۽ نون صوبن جي هر قسم جي تجويز کي رد ڪري ٿو.