ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي)ڪنڌڪوٽ شھر جي ھندو واپارين سميت ضلعي ۾ ڌاڙيلن پاران معززين ۽ واپارين کي ڀتي لاءِ تنگ ڪرڻ واري عمل خلاف آل پارٽيز موومينٽ ۽ شھري اتحاد پاران ڪيل اعلان مطابق 6 ڏينهن تي به وڏي تعداد ۾ شھري امن جي بحالي، ضلعي ۾ غنڊاگردي، بدمعاشي ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف گھنٽاگھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين امن مارچ ڪيو. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي دلمراد ڏاھاڻي، ڊاڪٽر ميھر چند، ظريت بجاراڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، طارق خان باجڪاڻي، سجاد بروھي، والي ڏنو سنڌي، اشوڪ ڪمار سونارو، شاھ علي سھرياڻي، سنتوش اگروال ۽ ھريش لال سميت ٻين چيو ته ڪنڌڪوٽ شھر تباھي طرف وڃي رھيو آهي پر ھتان جي چونڊيل نمائندن ۽ پوليس جي مجرماڻي خاموشي آهي انھي خاموشي سبب ضلعي جو معاشي قتل ٿي رھيو آهي جنهن ۾ واپاري ۽ سرمائيدار لڏي رھيا آهن باقي مسڪين ۽ غريب مجبوري ۾ رھن پيا جن جو گذر سفر به بند ٿي ويو آهي جيڪڏهن اھو سلسلو ھلندو رھيو ته ھڪ سال ۾ ڪنڌڪوٽ شھر سميت ضلعو تباھه ٿي ويندو، انھيءَ تباھي جو ذميوار سنڌ پوليس، سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل عوامي نمائندا ھوندا، ڏوھارين ۽ ساٿارين خلاف ڀرپور آپريشن ڪري ضلعي جو امن امان بحال ڪرايو وڃي.
-
گهوٽڪي جي هندو واپارين کي ڀتي لاءِ چٺيون، خوف
گهوٽڪي(ڊ ر) گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي وارن ننڍن وڏن شهرن قادرپور، عادلپور ۽ سرحد سميت ٻين علائقن جي هندو ڪاروباري ماڻهن کي ڌاڙيلن پاران ڀتي لاءِ پرچيون موڪلڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ڪيترن ئي ڪاروباري ماڻهن کي ڀتي جي پرچي ملڻ بعد خوف جي صورتحال ڇانيل آهي، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته ڀتي جون پرچيون هندو واپارين کي سندن گهرن، دڪانن، فيڪٽرين ۽ ٻئي ڪاروبار تائين پهچائي کانئن 5 کان 50 لک روپين تائين ڀتو گهريو ويو آهي، ذريعن موجب ڪچي سان تعلق رکندڙ اهڙن ڌاڙيلن لاءِ شهر ۾ رهندڙ ڪجهه ماڻهو سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪن ٿا. جيڪي سندن پرچيون پهچائڻ ۾ به مدد ڪن ٿا، ذريعن موجب ڀتي جي پرچي ۾گهربل رقم نه ملڻ جي صورت ۾ جاني ۽ مالي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن.
-
سکر واسي اغوا ٿيل 9 ڄڻا بازياب نه ٿيا، اڍائي ڪروڙ ڀنگ طلب، احتجاج
سکر(رپورٽ:آزاد مهر) سکر جي مائيڪرو ڪالوني جا رهواسي 8 ڏينهن اڳ مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت اغوا ٿيل 9 ڄڻا بازياب نه ٿيڻ خلاف وارثن اعجاز علي سيال، نعيم علي سيال، آچر پنهور، تاج محمد پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته 8 ڏينهن اڳ ڪرمپور فيضو لاڙي ۾ رشتي لاءِ ويندڙ کوسا، پنهور ۽ سيال برادري جا 9 ڄڻا اغوا ٿي ويا هئا، فهيم سيال، مجيب سيال، غزالا سيال، عمبرين پنهور، 2 ورهين جي ڪونج سيال، 6 ورهين جي عائشا سيال، 8 مهينن جي ثمرين پنهور، 4 ورهين جو يوسف پنهور، 8 ورهين جي ساره کوسو کي هٿياربند اغوا ڪري ويا هئا جيڪي 8 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيا آهن. پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن پوليس صرف حدبندي ۾ مصروف آهي. هنن چيو ته ڌاڙيلن مغوين جي بازيابي لاءِ اسان کان اڍائي ڪروڙ رپيا ڀُنگ ۽ جيل ۾ قيد ڏوهارين جي بازيابي جو شرط رکيو آهي اسان مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندا آهيون اسان وٽ ڌاڙيلن کي ڀُنگ ڏيڻ لاءِ ايتري رقم نه آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته مغوين کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.
-
اوٻاوڙي مان اغوا ٿيل پورهيت جي بازيابي لاءِ خيرپور ۾ احتجاج
خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ۾ مغل برادري جي ماڻھن پاران مغوي جي آزادي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي خوشي محمد مغل، تاج محمد مغل، يوسف مغل، اصغر مغل، وقاص مغل ۽ ٻين ڪئي. مغل برادري جي ماڻهن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي واسي پورهيت علم الدين مغل کي اوٻاوڙي مان اغوا ڪيو ويو آهي، وارثن کان 40 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، ھنن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي مغوي کي بازياب ڪرائي پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.
-
گهوٽڪي ۾ گهر تي ڪاهه، عورتن تي تشدد، هڪ نوجوان اغوا، ٻيو زخمي
ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير)گهوٽڪي ضلعي ۾ اغوا جون وارداتون رڪجي نه سگهيون آهن، آندل سندارڻي جي حد مان ميگھواڙ برادري جو نوجوان عطر ميگهواڙ اغوا ٿي ويو. ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته رات دير سان آندل سندارڻي ٿاڻي پويان ڏوھارين ڇٿي فائرنگ ڪئي فائرنگ دوران ڄاڻايل ميگھواڙ برادري جي نوجوان کي اغوا ڪيو ويو۽ ھڪ ڄڻي کي هٿياربند زخمي ڪري فرار ٿي ويا، پوليس سستي جو مظاھرو ڪندي دير سان پھتي مقامي ماڻھن کان ڄاڻ حاصل ڪري واپس ھلي وئي، مغوي ۽ زخمي جي وارث پرتو ميگھواڙ جو چوڻ آھي ته ڏوھاري گھر اندر داخل ٿي عورتن مٿان تشدد ڪيو ۽ اسان وٽ ترسيل مھمان کي ڏوھارين ھٿيارن زور تي اغوا ڪيو جڏھن ته منھنجي پٽ مزاحمت ڪئي مزاحمت تي کيس سخت زخمي ڪيو آھي، وارثن ايس ايس پي گھوٽڪي کي اپيل ڪئي ته اسان غريب مسڪين آھيون اسان جو نوجوان بازياب ڪرايو وڃي.