ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) سنڌ انڊيجنس رائيٽس الائنس جو اجلاس صدر سيد خدا ڏنو شاهه جي صدارت ۾ ٿيو اجلاس ۾ مرڪزي ۽ ڪراچي چيپٽر جي عهديدارن سميت الائنس جي ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ تنظيمي حوالي سان جائزو وٺڻ سميت سياسي صورتحال تي غور سميت آئينده جو لائحه عمل جوڙيو ويو، اجلاس ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ، الائنس جي ڪارڪردگي جي حوالي سان آگاهي ڏيندي چيو ته کيرٿر نيشنل پارڪ ڪيس ملير جي ليز زمينن جي بحالي لاءِ کنيل قدم ۽ ملير ايڪسپريس وي سبب متاثر ڳوٺن سميت زرعي زمينن جي تباهي خلاف قانوني قدم کڻڻ بابت پٽيشن فائل ڪئي ويندي، ملير جي ٻين اهم مسئلن تي الائنس پاران جدوجهد وڌيڪ تيز ڪئي ويندي انڊيجينس رائيٽس الائنس ماڻهن جي حقن جي جدوجهد لاءِ سرگرم آهي، الائنس کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ رابطا مهم تيز ڪئي ويندي، ان موقعي تي الائنس جي مرڪزي نائب صدر عبدالخالق جوڻيجو چيو ته الائنس جو بنيادي ڪم سياسي طور تي فعال هجڻ آهي جنهن لاءِ محنت جي سخت ضرورت آهي اسان جي جدوجهد سبب سڄي دنيا ۾ سنڌ جا اهم معاملا اجاگر ٿيا، مرڪزي صدر سيد خدا ڏنو شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ملير ۾ ليز زمينن جي بحالي جي جدوجهد هجي، کيرٿر نيشنل پارڪ جو تحفظ هجي يا ملير ايڪسپريس وي هجي ان سمورن اهم مسئلن تي اسان مقامي ماڻهن سان جڙيل رهياسين، سندن بنيادي حق غصب ٿيڻ نه ڏينداسين، اجلاس ۾ گڏيل طور تي لائحه عمل جوڙيو ويو ته ليز زمينن جي بحالي لاءِ قانون ذريعي سياسي محاذ تي جدوجهد تيز ڪنداسين ۽ رابطا وڌائينداسين، ملير ايڪسپريس وي جي متاثرن سان گڏجي ان خلاف جدوجهد کي اڳتي وڌائينداسين، ملير ايڪسپريس وي مان متاثر غلام محمد ڳوٺ، سيد ظهور شاهه هاشمي ريفرينس لائبريري سميت متاثر زمينن جا دورا ڪري متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪنداسين ۽ کيرٿر نيشنل پارڪ جي تحفظ لاءِ جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪنداسين