حسن نصرالله کي ڪيميائي مادي جي مدد سان نشانو بڻائڻ جي دعوي’

تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي اخبار حزب الله سربراهه حسن نصرالله کي اسرائيلي فوج طرفان ڳولڻ جي حوالي سان حيران ڪندڙ دعويٰ ڪئي  آهي. عرب ميڊيا اسرائيلي اخبار معاريف جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته هڪ شخص حزب الله جي شهيد اڳواڻ حسن نصرالله جي جاءِ جي نشاندهي ڪئي هئي. اسرائيلي اخبار موجب ڪيميائي مادو لڳل شخص ڪجهه عرصو اڳ حسن نصرالله سان هٿ ملايو هو. اخبار دعويٰ ڪئي ته اسرائيل حسن نصرالله جي ان ڪيميائي مادي جي مدد سان نشاندهي ڪئي.

  1. دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وي سي تي حملي ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت رد

ڪراچي (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت اولهه ۾ دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ  ٽيڪنالاجي جي وي سي تي قاتلاڻي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر ثمرين حسين تي حملي جي ٻن جوابدارن زوهيب ۽ جاويد جي عبوري ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

  1. گڏاپ ۾ هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت جي زخمي ٿيڻ جو ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽر )گڏاپ سٽي پوليس هٿيارن جي ناجائز استعمال ۽ هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل عورت جي واقعي  ۾ 22 جوابدارن کي گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪري ورتو. اطلاع ملڻ تي پوليس اڪبر نواز مري گرين فارم هائوس وٽان 22 جوابدارن کي گرفتار ڪري علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.