کپرو (رپورٽ:اسلم بوزدار)کپري ويجهو ڳوٺ بانڪو چانھيون ۾ رات دير سان پسند جي پرڻي تان چانھيون برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب ڀاءُ ھٿان ڀاءُ محمود چانھيون قتل ٿي ويو، جڏھن ته مقتول جو نوجوان پٽ رستم زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال ريفر ڪيو ويو، ٻئي طرف مقتول محمود چانھيون جي ڌيءُ گل ناز گھران 3 ڪپڙن ۾ نڪري حيدرآباد جي عدالت ۾ سندس سئوٽ فاروق چانھيون سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، پسند جي پرڻي تان ناري جي وارثن مڇرجي نوجوان فاروق چانھيون جي گھر تي حملو ڪري گھر ساڙي ڇڏيو، گھر ۾ پيل سامان سڙي رک جو ڍير ٿي ويو، جنهن بعد ٻنئي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، ٻئي پاسي ناري گل ناز ۽ نوجوان فاروق چانھيون جو وڊيو ۽ نڪاع نامو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آھي،رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جو چوڻ آھي ته ناري جي وارثناغوا جي اين سي داخل ڪرائي آھي.