عمر سرھندي جي ضمانت، پوليس عملدارن جا نالا اِي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي جڙتو مقابلي ۾ مارجڻ واري ڪيس ۾ نامزد پير عمر جان سرھندي   ميرپورخاص جي عدالت پهچي پنهنجي وڪيل جان علي جوڻيجو ذريعي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي، عدالت جوابدار جي هڪ لک روپين جي مچڪلن عيوض 10 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ ۽ قانون موجب جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، جڏهن ته سنڌڙي ٿاڻي ۾ داخل ڪيل قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار پير عمر جان سرهندي پاران سندس نالو ڪيس مان خارج ڪرڻ جي استدعا واري درخواست تي عدالت سامهون واري ڌر کي 14 آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا آهن، جوابدار پير عمر جان سرهندي جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي اطلاع تي پوليس جا وڏا اٽالا عدالت ٻاهران گڏ ٿي ويا، جوابدار  کي ضمانت منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ گرفتار ڪرڻ ۽ امن امان بحال رکڻ لاءِ مڪمل تياريون ڪيون ويون هيون  پر عدالت پاران جوابدار جي حفاظتي ضمانت منظور ٿيڻ تي پوليس اٽالا واپس موٽي ويا، ان موقعي تي پير عمر جان سرھندي صحافين سان ڳالهائيندي   چيو ته اسين پرامن ۽ محب وطن شهري آهيون ۽ قانون جو احترام ڪريون ٿا، مون  ته پنهنجي شهر کي وڳوڙ کان بچائڻ لاءِ جذبات ۾ آيل ماڻهن کي امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ کان روڪيو ۽ انتظاميا جي مدد ڪئي پر افسوس جھڙي ڳالھه آهي ته انتظاميا جي مددگار خلاف ئي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اسين ان ڪيس کي قانون  مطابق منهن ڏينداسين ۽ پنهنجي ملڪ ۽ شهر کي وڳوڙ کان روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.ٻي پاسي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏيارڻ ۽ سندن نالا اِي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ واري پٽيشن جي ٻڌڻي  سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ۾ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس امجد علي ٻوهيو جي سامهون ٿي جنهن ۾ پٽيشنر وڪيل اصغر ناريجو، وڪيل علي پلھه ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ڪيس ۾ نامزد ميرپورخاص جي اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد سونهارو جسڪاڻي، اڳوڻي ايس ايس پي ميرپورخاص اسد علي چوڌري ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا گرگيج بلوچ جا نالا اِي سي ايل لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو حُڪم ڏيندي وڌيڪ ٻڌڻي 4 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ان موقعي تي وڪيل علي پلھه، جاويد قاضي، وڪيل اصغر ناريجو، وڪيل ممتاز جروار ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿاهين واري قتل ۾ داخل ڪيل پٽيشن تي عدالت جي معزز ججن پاران ڪيس ۾ نامزد ڊي آءِ جي ۽ ٻين ايس ايس پيز جا نالا اِي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، ٻڌڻي کان پوءِ وڪيلن جي وفد سان پنھل ساريو، سنڌو نواز گھانگھرو ، حمز علي ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن ملاقات ڪئي.

  1. لاش ساڙڻ کي جائز نٿا سمجهون: عبدالخالق قادري

عمرڪوٽ ( ڊ  ر ) شعور کان وانجھيل قومپرستن ڪجهھ  ماڻھون گڏ ڪري عالمن  ۽ گادي نشينن کي گھٽ وڌ ڳالھايو جيڪڏھن اسان احتجاج جو سڏ ڏنو ته لکين ماڻھو گڏ ٿيندا جماعت اهلسنت پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ پير عبدالخالق عرف ميان مٺو، مفتي اعظم، جماعت اهلسنت جي امير  عبدالخالق قادري سنڌ صوبي جي امير ۽ مفتي اعظم مفتي جان محمد نعيمي، شاهد غوري، مرڪزي اڳواڻ پاڪستان سني تحريڪ پاڪستان مشائخ اتحاد ڪائونسل جي صدر پير غلام مجدد سرھندي  ۽ ٻين عمر ڪوٽ پريس ڪلب ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمرڪوٽ واقعو ڇو پيش آيو، ان جا ڪهڙا سبب هئا؟ ماڻهو ڇو نڪتا احتجاج ڇو ڪيا؟ ان جي مڪمل ۽ جامع جاچ ڪرائي وڃي  اسان قانون جا پابند آهيون ۽ رهنداسين ھنن چيو ته اسين ھتي انصاف ۽ امن ٿا چاھيون ھنن وڌيڪ چيو ته اسان عدالت کان مٿانھن  قتلن کي صحيح  نٿا سمجهوڻ ، جيڪڏهن عدالتون  وقت تي پنهنجو ڪم ڪن ها ته عدالت کان مٿانهين قتل جهڙا واقعا پيش نه اچن ها،  ھنن پنھنجي تفصيلي پريس ڪانفرنس ۾  چيو ته  عمرڪوٽ واقعي ۾ اسان لاش جي بي حرمتي ۽ ساڙڻ کي جائز نٿا سمجهون، ھنن چيو  عمرڪوٽ واقعي کان پوءِ عالمن جي گرفتاري سمجهھ کان ٻاهر آهي،  ھنن مطالبو ڪيو ته پير عمر جان سرهندي، مولانا احمد شاهاڻي، مولانا امجد پنهور ۽ ٻين عالمن خلاف داخل ڪوڙي ايف آءِ آر ختم ڪئي وڃي.

  1. ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس ۾ 3  جوابدار گرفتار

ميرپورخاص ( بيورو رپورٽ)  آءِ جي سنڌ پاران ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ڪيس جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي ميرپورخاص جي اڳواڻي ۾  جوڙيل ڪاميٽي جي ٽيمن جي ڪارروائي عمل ۾ آئي آھي  نواب شاھ ۽ ميرپورخاص پوليس جي ايس ايڇ اوز مقصود چنا جي نگراني ۾ ڍورنارو ۾ اڳوڻي ايس ايس پي آصف رضا بلوچ جي اڳوڻي ريڊر ستار سمون ۽ ميرپورخاص جي اڳوڻي ڊي آءِ بي انچارج دانش ڀٽي جي ڀاءُ سنگھ آباد ميرپورخاص واري گھر تي رات گذريل رات دير سان ڇاپو هنيو پر پوليس موجب ڇاپن دوران ڪا به گرفتاري نه ٿي آهي پوليس ذريعن موجب ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس ۾ پوليس ڇاپن دوران 3 اھم جوابدار گرفتار ڪيا آھن ۽ انهن کان وڌيڪ  جاچ جاري آهي  ٻئي طرف ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس ۾ اهم گواھ وڪيل جنيد ڪنڀر عمرڪوٽ ۾ ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته مون کي منھنجي سئوٽ مقتول ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس ۾ شاھد ٿيڻ تي مقتول جو ڪيس لوڙھڻ لاءِ مختلف موبائيل نمبرن تان  ڌمڪي واريون  فون اچن پيون جيڪي نالو نٿا ٻڌائين مون کي چون ٿا ڪيس تان ھٿ کڻي وڃ نه ته توسان تنھنجي سئوٽ مقتول ڊاڪٽر شاھنواز جھڙو حشر ڪنداسين ھن چيو ته مون کي موتمار ڌمڪيون ڏيندڙن جي جانچ ڪري ملوثن خلاف  ڪاروائي ڪري کيس تحفظ فراھم ڪيووڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.