قاضي فائز جسٽس منير پرو ميڪس بڻجي ويو آهي: عمران خان

راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جو چوڻ آهي ته قاضي فائز عيسيٰ جسٽس منير پرو ميڪس بڻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس هر فيصلو قانون خلاف ۽ ايڪسٽينشن مافيا جي حق ۾ آهي، ايڪسٽينشن مافيا پنهنجي توسيع لاءِ ملڪ کي تباهه ڪرڻ جو عزم ڪري ڇڏيو آهي. جيل مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پرامن احتجاج ڪري ايڪسٽينشن مافيا جو رستو روڪينداسين، ايڪسٽينشن مافيا جعلي پارليامينٽ ذريعي آئين جي تشخص کي تباهه ڪرڻ جي تمام گھڻن سازش ڪري رهي آهي، سڀني کي خبردار ڪريان ٿو ته هن آئيني ترميم کان پاسو ڪن، هو 5 آڪٽوبر تي لاهور ۾ مينار پاڪستان تي به احتجاج ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.