حسن نصرالله جي قتل لاءِ اسرائيل ويھن سالن جي جاسوسي ۽ محنت ڪئي

بي بي سي جي سيڪيورٽي نمائندي فرينڪ گارڊنر ان جو جائزو ورتو آھي. جنھن موجب  ته حسن نصرالله کي نشانو بڻائڻ اسرائيل لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ فيصلو هو، هو ڪيترن ئي سالن کان روپوش هو ۽ اسرائيل جون نظرون گهڻي وقت کان مٿس هيون.تازو هزارن جي تعداد ۾ حزب الله جا پيجر ۽ واڪي ٽاڪيز کي ڌماڪي سان اڏايو ويو ۽ اھو خدشو سامھون آيو  ته ان جي پٺيان اسرائيلي انٽيليجنس ايجنسي موساد جو هٿ آهي.سمجھيو وڃي ٿو ته اسرائيل جي ڳجهي ايجنسي موساد تقريبن 15 ڏينهن اڳ ڊوائيسز جي سپلاءِ چين تائين رسائي حاصل ڪئي ۽ انهن ۾ ڌماڪيدار مادو فٽ ڪيو. ان کان پوءِ ڇا ٿيو آهي، ان مان ظاھر ٿئي ٿو ته اسرائيل ڪيئن حزب الله جي ڪمانڊ ڍانچي ۾ داخل ٿيڻ جي قابل ٿي ويو آهي.

جنھن مان انڪشاف ٿيو ته ڪيئن اسرائيل شيعا ويڙهاڪ گروپ جي سپلاءِ واري  سسٽم ۽ ڪمانڊ ڍانچي کي تباهه ڪري ڇڏيو ھڪ ذريعي ٻڌايو تھ حسن نصرالله ۽ حزب الله جي هيڊ ڪوارٽر تي حملو 20 سالن جي جاسوسي جو نتيجو هو.اسرائيلي عملدارن رائٽرز کي ٻڌايو ته اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ سندس ويجهن وزيرن  اربع واري ڏينھن  حملي جي اجازت ڏني هئي، پر حملو ان وقت ٿيو جڏهن نتن ياهو نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ خطاب ڪري رهيو هو.

رائل يونائيٽيڊ سروسز انسٽيٽيوٽ ۾ ملٽري سروسز جي عملدار ميٿو سيويل جو چوڻ ھو تھ لڳي ٿو تھ ان رٿابندي تي ڪافي سالن کان ڪم ٿي رھيو ھو ۽ ممڪن آھي تھ اھو ڪيئي سطحن تي ٿيو ھجي.هن جي مطابق اھو عمل اشارو ڪري ٿو تھ ڳالھھ ٻول ۾ ڳجھي مداخلت ٿي ھوندي، ان ۾ تصويرن جو تجزيو شامل ٿي سگھي ٿو، چاھي اھي  سيٽلائيٽ جون ھجن يا ڳجهي طور تي ڇڪيون ويون ھجن. پر ان ۾ انساني انٽيليجنس معلومات پڻ شامل ٿي سگهي ٿي.ٻين لفظن ۾، ان سموري ڪارروائي  ۾ زمين تي موجود  جاسوسن جون مخبريون بھ  شامل هونديون.

2006  واري جنگ بعد حسن نصرالله عوامي گڏجاڻين يا جلسن  توڙي تقريبن ۾  شرڪت ڪرڻ بند ڪري ڇڏي ھئي.سندس سيڪيورٽي جي رهندڙ ذريعن ويجهو ٻڌايو ته حسن نصرالله انتهائي محتاط هو ۽ سندس چرپر  محدود هئي، ھو رڳو هڪ ننڍڙي گروپ سان  ملاقات ڪندو ھو.ٽن سينيئر اسرائيلي فوجي آفيسرن ڇنڇر تي نيويارڪ ٽائمز کي ٻڌايو ته انهن کي حسن نصرالله جي  مقام جي ڪيترن ئي مهينن کان ڄاڻ هئي.اسرائيلي رپورٽن موجب نصرالله کي نشانو بڻائڻ جو فيصلو فوري طور تي ۽ آمريڪا کي اطلاع ڏيڻ کانسواءِ ڪيو ويو ته جيئن دير نه ٿئي.رائٽرز موجب  ته 17 سيپٽمبر جي پيجر ڌماڪن کان پوءِ حزب الله جو اڳواڻ گھڻو محتاط ٿي ويا ھئا، ڇاڪاڻ ته کين شڪ ٿي پيوتھ  اسرائيل کين مارڻ چاهي ٿو. ايستائين جو سندس تقريرون اڳي رڪارڊ ڪري  ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ئي پروگرامن ۾ ھلايون وينديون ھيون.

اسرائيل  موجب ته هن ڏکڻ بيروت ۾ هڪ رهائشي عمارت جي تهھ خاني  ۾ حسن نصرالله جي هيڊ ڪوارٽر کي نشانو بڻايو.گذريل هفتي ۾ حسن نصرالله سميت حزب الله جا 9 اعليٰ فوجي ڪمانڊر مارجي ويا .سويڊن ڊفينس  يونيورسٽي ۾ حزب الله جي ھڪ تجزيھ ڪار  ماهر ميگنس رينسٽورپ رائٽرز کي ٻڌايو ته اهو عمل حزب الله لاءِ هڪ وڏو ڌڪ ۽ هڪ انٽيليجنس جي ناڪامي آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.