ٻار جي تربيت ڪيئن ڪجي

تحرير: زينت احمد

ڳالِھيُون پيٽَ وَرَنِ ۾، وَڌي وَڻَ ٿِيوُن؛

پَرَ سين مُون نه ڪَيُون، گوشي پِرِين نه گَڏِيا

شاھه

اسان شايد اها آخري پيڙهي آهيون جن جون مائون ايتريون ته ساديون آهن جو انهن جو ڪو سوشل ميڊيا اڪائونٽ ناهي نه انهن کي سمارٽ فون جا لاڪ کولڻ ايندا آهن نه پنهنجو فوٽو ڪڍڻ جو شعور اٿن انهن مائرن تمام گهڻي صبر ۽ شڪر سان پنهنجي زندگي گذاري آهي نه ڪنهن سان ڪا شڪايت نه نه ڪو ٻيو مطلب رهيو آهي بس پنهنجي ئي دائري مان زندگي کي گذاري رهيون آهن ڇاڪاڻ جو هاڻي زمانو مٽجي ويو آهي ته هاڻي مائرن کي تعليم نٿي ڏني وڃي.

اسان جو اڄ جو نسل ماءُ پيءُ کي ڪجهه سمجهي ئي نٿو پنهنجي هڪ الڳ دنيا بڻائي ويـٺو آهي پر آئون چوندس ته ان ۾ به اسان مائٽن جو ئي ڏوھ آهي جو اولاد ڪئين هجي ان جو ذهانت تي ڪيترو ڌيان ڏنو وڃي پر اهڙو ڪجهه نه پيو ٿئي هن نئين دور ۾ اسان نظرن وجهو چار سو سال اڳ جي تاريخي اسلام ۾ ته جيڪي به نبي يا عالم فاضل ڪامل ٿي گذريا آهن انهن جي مائرن کين ڪڏهن بنا وضو جي کير نه پياريو.  انهن سان ايڏو ته گهرو رشتو هيو محبت جو پيار جو احساس ۽ احترام جو جو ڄمندي ئي آهي پڙهيل ڳڙهيل هيا.

ھاڻي مائٽن تي نظر وجهجي ٿي ته خبر پئي ٿي دنيا ۾ ايندڙ ننڍڙي ٻار جي تربيت ڪئين ٿي ٿئي ايئن هو.  دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪئين ٿو ڪمائي ويجهڙائي ۾ ڊاڪٽر آسٽفن ڪارل من جي تحقيق ۾ نظر مان گذري  جنهن ۾ هن جا انيڪ سوال هيا ايئن هن  پنهنجن سوالن جا جواب ڳوليا سوال ڪجهه هن ريت هيا ته اسرائيل جي نوجوانن جي ترقي جو راز ڇا آهي ڇو هي هيڏا ذهين آهن ڇو هي دنيا تي پنهنجو ڌاڪو جمائي ويٽا آهن!؟ ائين ٻيا به انيڪ سوال هيا  ڊاڪٽر آسٽفن ڇئي ٿو ته دنيا جي نقشي مطابق ڏسجي ته اسرائيل؛ هڪ ٽٻڪي کان سواءِ ڪجهه به ناهي پر به هن جي ترقي جو راز ڇا آهي!  ڊاڪٽر آسٽفن چئي ٿو ته آخر ڇھون نوبل انعام به انهن جي حصي م دنيا جا ڪاروبار به هنن جي حصي م ان جو جواب اهو  مليو ته هي ايندڙ نسل تي تمام گهڻو ڪم ڪندا آهن جيئن هڪ عورت جڏهن پيٽ سان ٿئي ٿي ته ان جو تمام گهڻو خيال رکيو ويندو آهي نه صرف کائڻ پيئڻ جو بلڪي سڪون وارو ماحول پيدا ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ اها ذهني طرح پرسڪون رهي ۽ تازي هوا خوشگوار ماحول ان کي ڏنو ويندو آهي موسقي ٻڌرائبي اٿس ايئن ان کان به وڏو ڪم اهو هوندو جو زال مڙس گڏجي رياضي جو مشڪون ڪندا آهن ٻار جي اچڻ کان اڳ اها ٻار جي ذهن ۾ بهترين خيالن کي وجهندي رهندي آهي ڊاڪٽر آسٽفن جو خيال هيو ته ماءُ جو کاڌو ماءُ جي سوچ سمجهه ٻار ۾ هلي ويندي آهي جنهن ڪري هو دنيا ۾ ايندي ئي هر ڳالهھ کان اڳ ۾ اهو  واقفڪار هوندو آهي!

سنڌي ۾ چوڻي آهي ته هي ته پيٽ پڙهيو آهي. اها چوڻي سو سيڪڙو سچ آهي ته جيڪو علم پيٽ ۾ هوندي توھان تائين پهچي ٿو ان جو نتيجو توهان دنيا ۾ اڇي ڏيو ٿا.

ڪي سال اڳ ۾ منهنجي آڏو هڪ لکڻي گذري هئي جنهن ۾ هڪ ماءُ به ايئن پيٽ ۾  ٻار جي آچڻ کان اڳ ان جي پسند نا پسند هر ڳالھه   ان کي پهچائي ڇڏي هئي  خوشي رهندي هئي جيڪا ڳالھه ان پنهنجي پٽ ۾ پڻ محسوس ڪئي، وري اوچتو هن جي پٽ جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو ائين هو گذاري ويو  ته ماءُ هئي سو روئي پئي پر يڪدم پاڻ کي سنڀالي ورتو ايئن پنهنجن مائٽن کي چوڻ لڳي ته هن جو روح زنده آهي هو مونکي روئيندو ڏسندو ته پاڻ به ڏکارو ٿي پوندو ان ڪري آئون هن کي روئي ڪري نه پر مسڪرائي هن کي ياد ڪندس جئين هو هُن جهان ۾ به پرسڪون رهي……… شال اسان جو ايندڙ نسل به خوشگوار ماحول م زندگيءَ کي گذاري سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.