کاٻي ڌر ڏانھن جھڪاءَ رکندڙ سياستدان انورا ڪمارا ڊسانائيڪي کي سريلنڪا جو نئون صدر چونڊيو ويو آهي. 55 سالن جي ڊيسانائيڪي اپوزيشن ليڊر سوجٿ پريماداسا کي شڪست ڏئي ان منصب تي پھتو آھي،ان ڊوڙ ۾ اڳوڻو صدر رنيل وڪرما سنگهي ٽئين نمبرتي آيو ھو.اهو نتيجو هڪ اهڙي شخص لاءِ ڏاڍو حيران ڪندڙ آهي جنهن پنج سال اڳ 2019 جي چونڊن ۾ رڳو ٽي سيڪڙو ووٽ کنيا هئا.
ڊسانائيڪي نيشنل پيپلز پاور الائنس جي اميدوار طور چونڊن ۾ حصو ورتو. ھن گذريل ڪجھه سالن کان ڪرپشن مخالف بيانئيي۽ غريبن جي مدد وارين پاليسين سبب مقبوليت حاصل ڪئي آهي،اھو بھ ان وقت جڏهن سري لنڪا جو ملڪ تاريخ جي خراب معاشي بحران جي ور چڙھيل آهي. ھو ھڪ اھڙي حڪومت سنڀالي رھيو آھي،جنھن کي ملڪ کي ان بحران مان ڪڍڻو پوندو.
ڊسانائيڪي24 نومبر 1968ع تي گالي ويلي ۾ پيدا ٿيو، ھڪ وچولي طبقي جي خاندان سان تعلق رکي ٿو، فزڪس ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ شاگرد طور سياست جي ُپرخار وادي ۾داخل ٿيو.هو، هندستان سري لنڪا وچ ۾ 1987 ۾ ٿيندڙ معاهدي وقت سياست جو حصو بڻيو. جنهن سان ملڪ ۾ رتوڇاڻ جو دور شروع ٿيو ھو
1987 کان 1989 تائين، هڪ کاٻي ڌر جي سياسي پارٽي جنٿا ومڪتي پيرامونا( جي وي پي ) جيڪامارڪسزم کان متاثر ھئي،ان جماعت سري لنڪا حڪومت خلاف هٿياربند بغاوت جي اڳواڻي ڪئي ھئي، ڊسانائيڪي جو ان جماعت سان بعد ۾ ويجهو تعلق رھيو ھو.ان هٿياربند بغاوت ۾ ٻھراڙي جي علائقن ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ نوجوان شامل ٿيا. بغوات دوران سياسي مخالفن سان گڏ عام ماڻھن خلاف حملن ۽ قتلن ۾ هزارين جانيون ضايع ٿيون.ڊسانائيڪي 1997 ۾ JVP جي مرڪزي ڪميٽي ۾ شامل ٿيو ۽ 2008 ۾ پارٽي جو صدر ٿيو، جنهن دهشتگردي جي دور ۾ پارٽي جي پرتشدد ڪارروائين تي معافي پڻ ورتي.
بي بي سي سان 2014 ۾ هڪ انٽرويو دوران هن چيو ته، "هٿياربند بغاوت دوران گهڻو ڪجهه ٿيو جيڪو نه ٿيڻ گهرجي ها ”ھن جوچوڻ ھو تھ ”اسان اڃا تائين صدمي ۾ آهيون ته اسان جي ھٿان جيڪو ٿيو اهو نه ٿيڻ گهرجي ها “جي وي پي، جنهن وٽ سري لنڪا جي پارليامينٽ ۾ صرف ٽي سيٽون آهن، ان اتحاد جو حصو آهي جنهن جي سربراهي ڊسانائڪي ڪري رھيو آهي.صدارتي اليڪشن مهم دوران، ڊسانائيڪي سري لنڪا جي تازي تاريخ جي هڪ بھ ُپرتشدد واقعي جو ذڪر ڪيو: اھو 2019 جا ايسٽر بم ڌماڪا. ھئا21 اپريل 2019ع تي راڄڌاني ڪولمبو ۾ ٿيل ڌماڪن ۾ 290 ڄڻا مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿيا ھئا.
پنجن سالن کان پوءِ به جاچ باوجود سڪيورٽي جي نااهلي سبب ڪو به تسلي بخش جواب نه ملي سگهيو آهي. ڪجهه ماڻھون اڳوڻي حڪومت تي جاچ ۾ رڪاوٽ وجھڻ جو الزام ھڻن ٿا،جنھن جي سربراهي گوتابايا راجاپڪسي ھو.بي بي سي کي ڏنل هڪ تازي انٽرويو ۾، ڊيسانائيڪي واعدو ڪيو ته صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي جي صورت ۾ ان معاملي جي جاچ ڪرائبي ۽ ھن اشارو ڏنو ته سري لنڪا اختيارين انڪري جاچ نھ ڪرائي جو ان سان پنھنجي پاڻ جي ڏوھي ثابت ٿيڻ جو خطرو آهي.هن چيو ته جن سياستدانن ڪرپشن ختم ڪرڻ جا واعدا ڪيا تن ڪرپشن ڪئي، جن قرض ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو تن قرض وڌائي ڇڏيو، جن قانون کي مضبوط ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو تن ان کي ٽوڙيو.انڪري عام ماڻهو مختلف قسم جي قيادت چاهين ٿا ۽ اسان اهو مهيا ڪري سگهون ٿا.
ياد رهي ته ڪجھھ وقت اڳ اڳوڻي صدر گوتابايا راجاپڪسي کي معاشي بحران جو ذميوار قرار ڏيڻ بعد شروع ٿيل وڳوڙن سبب اڳوڻو صدر ملڪ مان ڀڄي ويو ھو.جنھن بعد صدر وڪرما سنگهي، معاشي سڌارا متعارف ڪرايا ۽ مهانگائي کي گهٽائڻ ۽ سري لنڪا جي ڪرنسي جي زوال کي روڪڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب ٿيو. پر عام ماڻھون تاحال ان بحران سبب پريشان آهي. 2022 ۾ هن پاڻ کي هڪ اھڙي سگھاري سياسي اڳواڻ طور ثابت ڪيو جيڪو جمود کي ٽوڙي سگھي ٿو. هن ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته هو اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پنهنجي پاليسين لاءِ نئون مينڊيٽ پڻ وٺندو.هن چيو ته هن پارليامينٽ کي جاري رکڻ جو ڪو به فائدو ناهي جيڪڏهن اها عوامي خواهشن جي مطابق ناھي.ڊسانائيڪي جي ڪرپشن خلاف قدمن، وڏين ڀلائي جي اسڪيمن ۽ ٽيڪس اوڳاڙي جي ڳالھھ ڪري ٿو.
پر تازو حڪومت پاران متعارف ڪرايل سادگي واري پاليسي جنھن جو مقصد معيشت کي واپس رستي تي آڻڻ هو. پر انهن قدمن سان ڪيترن ئي ماڻهون وڌيڪ مالي مشڪلاتن جو شڪار ٿيا آهن.ڊسانائيڪي انھن ۾ سڌارن آڻڻ جو واعدو ڪيو آھي.
ماھرن موجب ڊسانائيڪي جي معاشي پاليسين سان سري لنڪا جي معيشت جي بحالي ۾ رڪاوٽ بھ ٿي سگهي ٿي.ڊسانائيڪي چيو آهي ته هو آءِ ايم ايف سان صلاح مشوري کانسواءِ ڪابه تبديلي نه ڪندو ۽ اهو به چيو آهي ته هو سريلنڪا جو قرض لاھيندو.ماھرن جو چوڻ آھي تھ سري لنڪا جو اصل مسئلو معاشي آھي ۽ ڪنھن بھ حڪومت کي آءِ ايم ايف سان گڏجي ئي ڪم ڪرڻو پوندو.