ٿڪِيائي ٿَرَ ٿيل چڙھ چُڪيائي چوٽئين،
ھَلندي ھوت پنھون ڏي ڀؤ مڙيئي ڀيل،
اُٿي رائو ريل ويٺن تان واري وري
(لطيف)
نه ھي واقعو انساني تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ٿيو آھي، ۽ نه ھي ڪو آخري ڀيرو ٿيو آھي جيڪڏھن اسان پنھنجو قبلو سڌو نه ڪندا سين ۽ ڏپ جا بُتَ ٽوڙي پنھنجي ڌرتيء جو دائرو تنگ ٿيڻ کان نه روڪيو سين. تاريخ گواهي ڏئي ٿي جڏھن جڏھن برداشت، امن ۽ محبت جا در جتي جتي به بند ٿيا آھن اتي اتي فقط تباھي ۽ بربادي ھي آئي آھي. جناب عيسيٰ کي سليب تي چاڙھيو ويو، گليليو کي سندس خيالن تان دستبردار ڪرايو ويو، سقراط کي زھر جو پيالو پياريو ويو، ڀڳت ڪنور رام کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو.
پر تاريخ ۾ اڄ اھي ڪردار ۽ انھن جي جدوجھد زنده ۽ امر آھي جڏھن ته انھن سان ظلم ڪرڻ وارا اڄ تاريخ مان نه رڳو غائب آھن پر ھو خوار پڻ ٿين پيا. انھن ماڻھن جي قربانين اڄ دنيا ۾ ماڻھپي، محبت ۽ رواداري کي قائم رکيو آھي. ڀڳت ڪنور رام ڀلي ماريو ويو ھجي، پر سندس سوچ، سندس مذھبي روادار سنڌ جو تصور جيئرو رھيو ۽ سندس گيت اڄ به مائرون پنھنجن ٻچڙن کي ٻڌائن پيون. پر سنڌ مٿان انتھا پسندي جو اھو راڪاس ھڪ ڀيرو ٻيھر لامارا ڏئي رھيو آھي جيڪو جناب عيسيٰ کي، گليليو کي، سقراط کي، ڀڳت ڪنور رام کي ۽ اھڙن ھزارين جانين کي کائي ويو
اڄ پاڻ مٿان اھا ذميواري تاريخ وڌي آھي ته پاڻ اُنھن روايتن جا امين ٿيون ۽ ھن معاشري جي زميني خدائن جا بُتَ ٽوڙي ان معاشري جي اڏاوت ڪيون جنھن لاءِ انساني قبيلي جا بزرگ پنھنجون زندگيون ڏئي ويا. پاڻ انھي معاشري کي ڊاھڻ جو خواب ڏسون پيا جنھن ۾ علم ۽ محبت جي نه رڳو کوٽ پر ان سان نفرت ڪئي وڄي ٿي ۽ جنھن جي ڪري اسين روز رياستي ادارن پاران سڌيءِ ريت يا وري رياست جي پاليل انسان دشمن، امن دشمن ۽ محبت دشمن انتھا پسندن ذريعي اسان جي نوجوانن جا لاش کڻون ٿا، روز نئين جنازي کي ڪلھو ڏيون ٿا ۽ پوءِ وري پھريان ٿيل خون کي وساري وجھون ٿا.
جلتي گھر ڪو ديکني والو
ڦوس ڪا ڇپر آپڪا هي
آگ ڪي پيڇي تيز ھوا
آگي مقدر آپڪا ھي
اُسڪي قتل پر مين ڀي چُپ ٿا
ميرا نمبر اب آيا
ميري قتل پر تم ڀي چُپ ھو
اگلا نمبر تمھارا ھوگا
پاڻ ڌار ڌار ٿي مرون پيا ٿا ان ڀئه کان ته گڏبا سين ته ماريا ويندا سين، جڏھن ته حقيقت ۾ اھو نظر اچي پيو ته اڪيلا اڪيلا ماريا وڄون ٿا ڇو ته پاڻ گڏجئون نٿا، انتھا پسنديءَ خلاف ھڪ نٿا ٿيون، پنھنجي بقا ان ۾ ئي آھي ته پاڻ گڏ ٿيون، ھڪ ٿي وڃون، انھن انتھا پسندن خلاف جيڪي اسان کي کٽمل وانگر کائن پيا ٿا، اسان جي روشن مسقبل جا دشمن آھن، انسانيت جا دشمن آھن، رواداري جا دشمن آھن، خود مذھب جي امن، محبت، برداشت، علم ۽ رواداري جي پيغام جا دشمن.
اڄ جيڪو دؤر پاڻ ڏسون پيا، تاريخ جا پنا ورائي ڏسبو ته اھو ئي دؤر در اصل ڪارو دور آھي، جنھن دؤر مان اڄ موجود تمام سلجھيل قومون پڻ گذريون، پر انھن پنھنجي موجوده سلجھيل حيثيت تڏھن ئي حاصل ڪئي جڏھن ھنن ان ڪاري سياح دؤر سان جنگ جوٽي. يورپ جي تاريخ ۾ جنھن دؤر کي ڊارڪ ايجز يعني سياح دؤر چون ٿا اھو اھڙن ئي ڪلورن وارو دؤر ھيو، جتي ھزارين عورتون ڏائڻ سڏائي ماريون ويون، پر تورپ جي عوام جڏھن ھڪ بھتر سماج جو خواب ڏٺو ۽ سندس تڪميل لاءِ پتنگ ٿي جنگ جوٽيئون ۽ بلآخر، بلآخر اھو ٿيو جو ڪليسا کي ۵۰۰ سالن کان پوءِ نيٺ گليليو کان معافي وٺڻي پئي.
انسان جي ٻچي ۽ باندر جي ٻچي ۾ اھو ئي بنيادي فرق آھي ته باندر جو ٻچو اتان شروع ڪندو آھي جتان سندس ابي ڏاڏي شروع ڪيو، جڏھن ته انسان جي ٻچي جي خاص ڳالھ اھا آھي ته ھو اتان شروع ڪندو جتان سندس وڏڙن ڇڏيو ھو ۽ ھُو ان جي جدوجھد کي وڌيڪ اڳتي ۽ بھتر سماج جي خواب جي تڪميل جي مزيد ويجھو کڻي ويندو آھي.
انسان بنيادي طور چار قيد خانن ۾ بند رھيو آھي، پھريو آھي فطرت جو قيد خانو، ٻيون آھي، تاريخ جو قيد خانو، ٽيون قيد خانو آھي سماج جو قيد خانو، ۽ چوٿون آھي انسان جي پنھنجي ذات جو قيد خانو.
انسان ھزارين سالن جي تجربي بعد جيڪو ڪجھ سکيو آھي، انھن تجربن ضريعي ھو پھرين ٽنھي قيد خانن مان آزادي ماڻي ۽ اھو سڀ انسان علم ضريعي ڪيو. فطرت جي قيد خاني مان آزادي جو روستو آھي علم، يعني سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جنھن ضريعي انسان فطرت تي قابو پاتو، تاريخ جي جبر جان به انسان علم ضريعي ئي آزادي حاصل ڪئي، يعني تاريخ جو علم حاصل ڪري. انسان سماج جي جبر مان به علم ذريعي ئي آزادي ورتي، يعني عمرانيات جو علم.
پر انسان اڄ تائين آخري ۽ سڀ کان ڏکئي جبر يا قيد خاني مان آزاد ناھي ٿي سگھيو. ڇو ته ذات جي جبر کان علم ذريعي آزادي ماڻڻ جو تجربو ناڪام ويو آھي جنھن جو سؤلو مثال آھي ته يونيورسٽين ۾ موجود پي ايڇ ڊي اسڪالر سڏرائيندڙ استاد به شاگردن تي اھڙا ئي الزام لڳائيندي ڏٺا وڃن ٿا جيڪي انتهاپسند لڳائين ٿا. يا وري شاگردياڻين کي ھراسان ڪندي ڏسجن ٿا.
ان ھڪڙي جبر مان آزادي جو رستو اھو ئي آھي جنھن جي اجتماعي طور ھن سماج ۾ کوٽ آھي، يعني عشق جي. ڇو ته عشق جو ئي جذبو آھي جيڪو، انسان ۾ رواداري، امن ۽ برداشت جا جزبا ۽ روايتون پيدا ڪري ٿو. پاڻ کي ھن جنگ ۾ پنھنجي پاڻ کي عشق جي ھٿيار سان ليس ڪرڻو آھي، پر گڏوگڏ نفرت به پالڻي آھي، اھا نفرت جيڪا ھن ھٿرادو سماج اسان کي ھڪ ٻئي خلاف ڏني آھي، ان نفرت کي ھاڻ ڦيرائي ان کي انجينيئر ڪندڙن خلاف استعمال ڪري ھر عشق دشمن، رواداري دشمن، ۽ سنڌ دشمن قوت خلاف استعمال ڪري ڀڳت ڪنور جي ڏٺل خواب جي تعبير ڪرڻي آھي.