نوٽري پبلڪ پاٺڪڻ لاءِ ٻچڙائپ ۽ منافقت جي وڪڙ ۾ ويڙھيل انھن لوڪن جي داستان آھي جنھن ۾ ڪڏھن ڪڏھن جنسي تشدد عورتون بھ ڪنديون آھن، خاص طور “ اپر ڪلاس ويمن ” اِن ڏس ۾ گھڻيون ئي وارتائون ڪنديون آھن جن کي وائکو ڪرڻ لاءِ اُھا اَک بھ ھجي جيڪا اوندھ مان سوجھرو ڪري سگھي.نوٽري پبلڪ ناول پڻ ان اَک جو گُھرجَائو آھي جا “ آسماني اک ” وانگر ھر ھڪ جا وکا پڌرا ٿي ڪري . عبدالواحد سومري ھڪ سادي ڪھاڻي کي جھڙيءَ ريت ناول جي صورت ۾ آندو آھي اھڙو ڏانءُ اسان جي ڪھاڻي منڊل ۾ گھٽ ماڻھن کي آھي، فريد تي حميدھ جو موھجڻ ، ۽ ان لاءِ آپگھات جھڙي عمل کان بھ نھ مڻڻ عورت جي بي انتھا پيار جو ھڪ اڻ ميو ثبوت آھي ۽ آخري منظر ۾ حميدھ جو روئڻ ۽ فريد جو ڳوڙھا اگھڻ پڙھندڙن کي موھي ٿو ڇڏي. اھڙي وارتا کي واحد پنھنجي سياسي ۽ سماجي شعور سان قلم بند ڪندي ھڪ اھڙي سنڌ جو منظر ڏيکاريو ھي جيڪا پنھنجي اندر کي لڪيل سچاين کي سامھون آڙيندي ڪنھن بھ مصلحت ۽ ٻيائيءَ جو شڪار ناھي ٿيندي.
نوٽري پبلڪ شھري ۽ ڏيھي سنڌ ۾ ٿيندڙ واقعين جو اھڙو بيان آھي جن کي پڙھندي توھان کي سنڌ جي حال جي خبر پوندي، خاص طور وڏيرڪي سماج ۾ زيادتي ۽ بي واجبي کي بيان ڪندي اھو بھ ڏس ڏنو ويو آھي تھ ڪنھن بھ سماج ۾ تبديلي تيسيتائين نھ ٿي اچي سگھي جيستائين تعليم حاصل نٿي ڪجي. ان حوالي سان واحد جي ھن ناول کي تعليم خاص طور وڪالت جي لاءِ پڙھائي جي لاڙي ڏانھن وڌڻ لاءِ اتسا ھڪ چئجي تھ ڪو بھ وڌاءَ نه ٿيندو.
لکت جي رنگن ۾ فڪشن کي زندگيءَ جو عڪس چيو وڃي ٿو جڏھن تھ ناول ۾ سڄي زندگي ڪردارن وسيلي ساھھ کڻي، ناول ان اعتبار سان مٿ ڀري صنف آھي جو ان ۾ اوھان ڪلھوڪي ۽ اڄوڪي وقت بابت ڄاڻ ٿا حاصل ڪيو، فڪشن ۾ ڪردارن واڪان ۽ منظر ڪٿيءَ وسيلي دل جي ڳالھھ بھ ڪري سگھجيءَ تھ گڏوگڏ پاٺڪ پاڻ کي ان ڪردار ۽ ماحول جو حصو بھ سمجھي ٿو، واحد جنھن ريت سياسي ملڪي حالتن ، بوڏ تي سياست، وڏگھراڻن جي ڇڙواڳين ، ڳوٺن ۾ ڪامورن جي ٿاڻي ڪلچر، ادبين جي مصورفيتن کي “ نوٽري پبلڪ ” ۾ بيان ڪيو آھي سي پروڙ ۽ ساڃاھھ جا دڳ کولڻ سان گڏ تبديليءَ لاءِ پڻ اتساھن ٿا، جيئن ھڪ پيرسن واتان ھي حقارت ڀريا جملا : “ خدا انھن حڪمرانن کي غرق ڪري جن ھن مُدي خارج رسم رواج کي ھٿي ڏني. ڀوتارڪي سياست، ڪرپٽ بيروڪريسي، موقعي پرست قيادت جي موجودگيءَ ۾ چڱائيءَ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جي برابر آھي. ”
عبدالواحد سومرو ڏيھي ۽ شھري سنڌ جي مسئلن کان ڀليءَ ڀت وقف آھي، کيس وڏيرڪي سياست ۽ شھري بيروڪريسيءَ جي ڊبل گيم بابت سٺي ڄاڻ آھي تھ عوام ھرپاسي وڊل ۾آ، ڳوٺ ۾ آ تھ وڏيرن جي حڪم جو غلام ، شھر ۾ آھي تھ واپارين جو ڳيجھو ، ھن ملڪ ۾ سڀني کي ھڪ جھڙن بنيادي حقن جي آرزو کني جڏھن واحد سنڌي جي درد کي پئي تي، اُڪري ٿو تھ کائنس فريد واتان رڙ نڪري وجيس ٿي : “ ھي ڪلاس پرايلم آھي، شھري زندگي، ڳوٺاڻي زندگي ۽ سوچ _ ھڪ ڌارا _ وچ تي ليڪ ڇڪيل آھي .
عبدالواحد سومرو ڳوٺاڻي ۽ شھري مزاج جو پارکو آھي جيڪو کيس نھ رڳو ھڪ نڪور ڪھاڻيءَ کي آڏو آڻڻ لاءِ اتساھي ٿو پر اِھو احساس بھ ڏياري ٿو تھ ھر ڪھاڻيءَ ۾ نواڻ ھڻڻ گھرجي، اِھو ئي ڪارڻ آھي تھ سندس اڳ ڇپيل ناول “ مس ڪال ” ۽ “ اڌ چھرو ” کانپوءِ ھن ٽئين ناول “ نوٽي پبلڪ ”۾ پڻ ھڪ ڌار موضوع کي کنيو ويو آھي وڪيل ۽ ادب دوست شخصيت فرريس جي لباس ۾ ھُن سياسي ۽ معاشري تضاد تي کلئي عام لکيو آھي جنھن کان اسان جا اڪثريتي اديب لنوائيندا آھن، گذريل ڪجھھ سالن ۾ جھڙيو ريت ناول پڙھندڙ جو لاڙو اِن طرف وڌيو آھي ان مان اِھا خبر چار پڻ ملي ٿي تھ اسان جو ادب ھاڻ جدت ۽ فڪر جي لحاظ کان گھڻ رخي موضوعن جي پچار ڪرڻ لڳو آھي ۽ ھن وقت شھري ۽ ڳوٺاڻي معاشرت جي فرق کي چٽو ڪندي ڪيترائي ناول منظر تي اچي چڪا آھن. عبدالواحد سومرو پڻ ان سٿ جو مسافر آھي جنھن لاڳيتو پڙھندڙن اڳيان پيش ڪيو آھي. ھن ناول ۾ اوھان کي وڪيلن اديب سان گڏ ڀوتارڪي ٿاڻي ڪلچر جو احوال بھ ملندو تھ ڪيئن اڄ بھ ڳوٺ وڏيري جي اوطاق ٿيل آھن . جڏھن تھ شھر ڇڙواڳي ۽ بي راھھ رويءَ جون فيڪٽريون.
عبدالواحد سومرو پاٺڪن جي لاءِ نھ رڳو راز جي ڳالھن کي پڏرو ڪندو آھي پر تربيت ۽ اصلاح جو سامان بھ رکندو آھي جيئن ھن عريبھ کي پڙھڻ جي لاءِ اتسايو ۽ ھن فريد جي چوڻ تي لائبرري وڃڻ شروع ڪيو جنھن تي رٽائرڊ ڪاموري رحمت کي پڻ حيرت ٿي تھ ھي انقلاب ڪيئڻ آھيو ؟ واحد پنھنجي تخليق ۾ معاشري جي بُڇڙي پاسي ي پيش ڪندي ھاڪاري پاسا بھ سوشل ۽ ايجوڪيشن انقلاب جي واٽ طور بھ پيش ڪري ٿو. ڪرود ۽ دڪاريل ماحول ۾ بھ ھو ادبي دوستن ۽ ڪتابن سان سلھاڙيل رھي ٿو. ڇو تھ کيس خبر آھي تھ تعليم ئي شعور جي اھا واٽ آھي جتان ترقي ۽ خوشحالي جي واٽون نروار ٿين ٿيون. جتان روح جي خوشي ملي ٿي.
ڪڙمي خاندان جي ھن ھاري نوجوان جھڙيءَ ريت ٻني ٻھاري ۽ پنھنجي تعليم کي پورو ڪري وڪالت جي سند حاصل ڪئي سا پڻ نوجوان لاءِ مثال آھي تھ ڏکن ڏوجھرن کي منھن ڏئي سوڀ ڪيئن ماڻي آھي؟
سنڌ جي راجڌاني ڪراچيءَ ۾ اچي ھن ڪھاڻي ۾ سياسي ۽ معاشرتي ٻچائپرائپ جا اولڙا ان ريت نظرجن ٿا جو ھن شھر جو بھ حشر مھا ٻوڏ وانگر مھا جاکوڙ تي ٻڌل آھي تھ ماڻو پاڻ کي ڪيئن حجوم کان بچائيندي پنھنجي انفراديت کي اجاڙي ٿو. سنڌ جي ڇڙواڳ سياست کان ويندي پرينءَ جي حاصلات تائين ھيءَ ناول اسان کي سبق ٿو سيکاري تھ زندگي ھوش جو نانءَ آھي راھھ تان ڌڙيل مسافر کي ڪا بھ منزل پلئھ نٿي ٿي.
نوٽري پبلڪ وڪيلن جي نرالي دنيا کي پيش ڪندي اھو اشارو پڻ ڏئي ٿو تھ قومي شعور ۽ حقن جي حاصلات لاءِ وڪيل برادري جي ڪردار نظر انداز نھ ٿو ڪيري سگھجي تھ ھڪ سيکڙاٽ وڪيل کي ڪھڙين ڏکائين سان منھن ڏيڻو پوي ٿو.جڏھن ڪردار شھري زندگي ۾ داخل ٿئي ٿو تھ ھتي جي مصروف زندگي جي سحر ۾ جڪڙجي ڳوٺاڻي سڪ کي نٿو وساري جيڪو ثابت ڪري ٿو تھ فطرت جا پاليل ڪڏھن بھ ھٿراڌو رنگن ۾ موھجي پنھنجي اصليت ناھن وساريندا. سندن لاءِ وٽن ئي سڀ ڪجھھ ھوندو آھي سندن لاءِ ماروئڙن ۽ سانگيئڙن جو درد سندن سُک لاءِ پتوڙڻ مَرڪُ ۽ لک ھوندي آھي…