پيپلز پارٽي پارٽي جو نوجوان اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري

تحرير: مير ذوالفقار چانڊيو

اڄوڪي ڏينهن تي جڏهن دنيا اندر ھڪ پاسي ،، امن ،، جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي ته ٻئي پاسي وري ان امن ڏھاڙي پاڪستان جي ھڪ وڏي سياسي پارٽي جي نوجوان چئرمين جي ڄمڻ جو ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري 21 سيپٽمبر 1988ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو هو اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداريءَ جو موڀي پٽ ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو ڏهٽو آهي بلاول ڀٽو جو ڄمڻ محترمه بينظير ڀٽو لاءِ وڏين خوشين وارو ثابت ٿيو جنهن جي ڪجهه مھينن اندر محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم چونڊجي وئي بلاول جو نالو سندس ڏاڏي حاڪم علي زرداري پنهنجي وڏڙن جي نالي پويان يادگار نشاني طور رکيو.

بلاول شروعاتي تعليم ڪراچي گرامر اسڪول مان حاصل ڪئي سندس امڙ بينظير ڀٽو جڏهن ٻيو ڀيرو وزيراعظم ٿي ته بلاول فروبيلس انٽرنيشنل اسڪول اسلام آباد ۾ داخل ٿيو صدر فاروق لغاري جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت کي برطرف ڪيو ۽ مٿس مختلف ڪيس مڙهيا ويا ۽ سندس ور آصف زرداريءَ کي گرفتار ڪيو ويو ته انهن حڪومتي ڪاررواين سندس والده کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪري وڌو ۽ هوءَ بلاول ۽ پنهنجي ٻن ڌيئرن کي ساڻ ڪري دبئي هلي وئي بلاول راشد اسڪول فار بوائز دبئيءَ ۾ پڙهيو جتي هو شاگرد يونين جو نائب صدر چونڊيو ويو جنهن کان پوءِ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج ۾ پڙهائي شروع ڪري ڏني هي اها ئي يونيورسٽي آهي جتي سندس امڙ ۽ نانو به شاگرد رهيا هئا.

بلاول جي تعليم دوران سندس امڙ ملڪ جي ٻه ڀيرا وزيراعظم رھندڙ بينظير ڀٽو صاحبه شھيد ٿي وئي بينظير ڀٽو جي شهادت بلاول لاءِ وڏي صدمي جي برابر هئي ڇو ته جڏهن هُو اڃا ٻار هو تڏهن کان ئي سندس والد آصف علي زرداري مسلسل جيل ۾ رهيو ۽ پيءُ جي شفقت کان محروم رهيو ۽ اهڙي وقت ۾ اها سندس والده ئي هئي جنهن کيس ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي جو پيار ڏنو . بلاول کي محترمه بينظير ڀٽو جي ٽيجهي 30 ڊسمبر 2007ع تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو چئرمين مقرر ڪيو ويو بلاول کي چئرمين ايڏي ننڍي عمر ۾ سندس وڏيءَ سياسي جماعت جي سربراهه طور مقرري دنيا جي تاريخ جو پهريون واقعو آهي،انهيءَ سان گڏ بلاول جي سڃاڻپ ۾ هڪ ٻي تبديلي به آئي ان وچ ۾ آصف علي زرداريءَ پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته بلاول اڄ کان پاڻ کي ’بلاول ڀٽو زرداري ‘سڏائيندو ۽ لکندو . بلاول ڀٽو زرداري پارٽيءَ جي واڳ سنڀالڻ کان اڳ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو بلاول ڀٽو پنهنجي شهيد والده جي تدفين ۽ بعد ۾ والد جي صدر طور قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ خصوصي طور پاڪستان آيو هو ته بلاول جي ماءُ سان ڏاڍي پريت هئي ۽ هو ماءُ جو فرمانبردار پٽ هو .

بلاول ڀٽو 2008ع ۾ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سياست ۾ اچڻ بابت چيو هو ته” في الحال ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي وقت اچڻ تي ڏسنداسين آءٌ پاڪستان جي ماڻهن جي مدد ڪرڻ چاهيندس پر اهو فيصلو تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ڪندس “.پر وقت ۽ حالتن مٿس وقت کان اڳ اهو فيصلو مڙهي ڇڏيو ۽ کيس سياست ۾ اچڻو پئجي ويو جنهن جي لاءِ پاڻ 2011ع ۾ ملڪ جي سياست ۾ دلچسپي وٺڻ پارٽي جي سياسي مصروفيتن ۾ لڳي ويو جنهن دوران پاڻ مسلسل سياست جي حوالي سان گڏجاڻيون اجلاس ميل ملاقات ڪندو رھندو ھو پر عمر گھٽ ھجڻ ڪري پاڻ 13 واري اليڪشن ۾ نه بيھي سگھيو جنهن جي لاءِ پاڻ آڪٽوبر 2014ع ۾ ڪارساز واري هنڌ سياسي قوت جو مظاهرو ڪندي مڪمل طور سياست ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيائين جتي پاڻ اعلان ڪيو ته ڪراچي ۾ منهنجي امڙ جي منزل پوري ڪرڻ منهنجي ذميواري آهي .

ان سان گڏ آھستي آھستي سياست ۾ مشهور ٿيندو ويو ۽ حقيقي طرح پنهنجي پارٽي پ پ پ کي سنڀالڻ ۽ ورڪرن سان ملاقاتون ڪندو رهيو نيٺ 2018 واري اليڪشن ۾ پنھنجي جيجل امڙ واري تڪ لاڙڪاڻي تان ڪاميابي ماڻي ننڍي عمر ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو جتي اپوزيشن ليڊر نه ھجڻ باوجود ان جي ذميواري کي پورو ڪندو رهيو ھر پاسي کان عوام دشمن فيصلن کي روڪڻ ۽ غريبن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ سندس اولين ترجيح ۾ شامل ھو .

بلاول ڀٽو سياست اندر ٿوري وقت ۾ گھڻو ڪجهه سکي ۽ ڪري رهيا آهن جنهن ۾ 2018 واري اليڪشن ۾ پنھنجي پارٽي طرفان پوري ملڪ ۾ سياسي جلسا ڪري اليڪشن مهم ھلائڻ کان وٺي گلگت آزاد ڪشمير جي اليڪشن ۾ پڻ دونھيدار تقريرن سان اليڪشن مهم ھلائي پنهنجي پارٽي کي مضبوط بنائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي عمر گھٽ ھجڻ ۽ سياست اندر ڪجهه نئون ھجڻ ڪري پاڻ ھن وقت ملڪ جي وڏن سياسي ليڊرن ۾ ڳڻيا ويندا آهن جنهن جو واضح مثال گذريل حڪومتي دؤر دوران ننڍي عمر ۾ ملڪ جو پرڏيهي وزير بڻجي ويو جنھن دوران پوري دنيا اندر پنھنجي صلاحيتن تحت پاڪستان جي ڪرندڙ ساک کي ٻيھر بحال ڪندي پاڪستان ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو پاڪستان جي ترقي لاءِ ڏينھن رات ڪوششون ڪري ملڪ جي ترقيءَ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو رھيو ان سان گڏ پاڪستان کان سواءِ دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ سياست متعلق ليڪچر ڏيندو رھندو آھي جنھن سبب پاڻ ھن وقت ملڪ سان گڏ دنيا ليول تي عظيم ليڊر بڻجڻ طرف وڃي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.