پي ٽي آءِ جي جلسن تي پابندي

تحرير: خدابخش بروھي

وفاقي حڪومت پاران پي ٽي آئي جي رستا روڪ ڪري کيس احتجاج ڪرڻ روڪيو پيو وڃي، قانوني مسئلن جي طور طريقن  ذريعي  سندس لاءِ مونجھارا پيدا ٿي رھيا آھن ان جو ھڪ تازو مثال پي ٽي آئي پاران اسلام آباد ۾ ڪيل جلسي مان ڪري سگھجي ٿو. جتي پي ٽي آئي ورڪرن کي جلسي گاهه  ڏانھن وڃڻ کان روڪيو ويو،  روڊ رستا بند ڪيا ويا پر ساڳي وقت شھر جي ڪيترن ئي علائقن کي  بند ڪيو ويو، پر پي ٽي آئي ورڪرن ٻين رستن ذريعي جلسي ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين روڪيو  ان تي ورڪرن پوليس مٿان پٿراءِ ڪيو جنھن ۾ ايس پي اسلام آباد سميت ڪافي پوليس اھلڪار زخمي ٿي پيا جڏھن ان کان پوءِ  ايف سي کي گھرايو ويو جنھن اچي ماڻھن ۾ ٽاڪوڙا وڌا  ڪافي ورڪر گرفتار ٿيا. ان جي باوجود ماڻھو جلسي گاھ مال منڊي پھچي ويا ڪي پي ڪي جو وزير اعليٰ علي  امين گنڊاپوري، بريسٽر گوھر ۽ اتحادي محمود خان  اچڪزئي ۽ ٻين جلسي کي خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته عمران خان کي آزاد ڪريو. جيڪڏھن کيس آزاد نه ڪيو ويو ته اڊيالا جيل جو گھيراءِ ڪنداسين محمود خان اچڪزئي چيو ته عمران جي رھائي لاءِ پنجاب ۾ به جلسا ڪنداسين.

ڏٺو وڃي  ته ھن وقت ھڪ طرف عمران خان جي پارٽي جلسا جلوس ڪڍي عمران خان مٿان ڪيس ختم ڪرائڻ ۽ رھائي جو مطالبو ڪري ٿي ٻئي پاسي  حڪومتي ڌر عمران خان کي ھر قيمت جيل ۾ رکي سزا ڏيارن لاءِ ڪوشان آھن

اسرائيلي اخبار جي رپورٽ به عمران خان لاءِ مسئلو پيدا ڪري سگهي ٿي، جنهن تي راڻا ثنا الله چيو آھي ته عمران خان اسرائيلي برانڊ آھي اخبار جي رپورٽ بعد 9 مئي جي منصوبابندي جا راز فاش ٿي ويا آھن.لڳي ٿو ته  موجودہ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ به ان خطري جي ڪڙي آھي پر ڪجهه ماڻهن جو خيال آھن ته ھي سڀ ڪجهه عمران خان جي وڌندڙ مقبوليت کي روڪڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي.تازو ٿيل  جلسي جي اڳواڻي علي امين گنڊاپوري ڪري رھيو ھو جلسو پي ٽي آئي جي 22 آگسٽ واري ملتوي ڪيل جلسي جي بدران 8 سيپٽمبر تي اعظم سواتي جي ذريعي عمران خان کي راضي ڪري  پوءِ رکيو ويو ھو عمران خان   8 سيپٽمبر واري جلسي جي اڳواڻي علي امين گنڊاپوري حوالي ڪري  ڇڏيو.جنھن تي ڪجهه  پي ٽي آءِ ليڊر ناراض ٿيا ھئا پر عمران علي امين جي اڳواڻي ۾  ورڪرن کي ھدايت ڏيئي ڇڏي ھئي ته اھي اسلام آباد ۾ جلسي لاءِ گڏ ٿين ان جسلي جي ڪورٽ اجازت ڏيئي ڇڏي ھئي  جنھن تحت پي ٽي آءِ ورڪر وڏي ڪوششن سان اسلام آباد ۾ گڏ ٿيا ته حڪومتي ادارن  پوليس جا اٽالا ورڪرن کي روڪڻ لاءِ رڪاٽون وجھي گرفتاريون شروع ڪيون حڪومتي ڌر جي دعوا آھي ته پي ٽي آءِ ورڪر طئي ٿيل ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ڪئي ان ڪري کين روڪڻ ضروري ٿيو ڏٺو وڃي ته  عمران لاءِ جيڪا رستا روڪ ڏسجي پئي ان مان اندازو ٿو ٿئي کيس گوڏا کوڙائڻ لاءِ وڏا حربا استعمال ٿي رھياآھن.

اھڙي طرح ٻئي پاسي  سپريم ڪورٽ قومي احتساب بيورو (نيب) ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏنو آھي جيڪو عمران خان لاءِ  ھڪ ٻيو مسئلو کڙو ڪيو آھي ڪورٽ نيب ترميمن کي بحال ڪرڻ خلاف وفاقي حڪومت ۽ ٻين متاثرن جي انٽرا ڪورٽ اپيلون منظور ڪندي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين  عمران خان نيب ترميمن کي آئيني قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو فيصلو سپريم ڪورٽ نيب ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف اپيلن تي 6 جون تي محفوظ ڪيو هو، چيف جسٽس آف پاڪستان انٽرا ڪورٽ اپيلن تي 16 صفحن تي ٻڌل فيصلو محفوظ ڪيو هو. گذريل ڏينھن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي فيصلو ڏنو ويو، نيب ھڪ اھڙو ادارو آھي جنھن تي وڏا شڪ شبهه پيدا ٿين ٿا  مشرف دور ۾ ٺاهيل  نيب قانون جو مقصد ڪرپشن کي روڪڻ ھو پر ان وقت جن سياستدانن يا سياسي پارٽين پرويز مشرف سان اتحاد ڪيو انهن کي يا ته اين آر او ڏنو ويو يا  بري ڪيو ويو. لڳي ٿو ته نيب قانون جو اصل مقصد سياستدانن کان سياسي انتقام ٺڻ آهي

فيصلي ۾ ڪورٽ چيو آھي ته  پي ٽي آءِ جي باني نيڪ نيتي سان درخواست داخل نه ڪئي، عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نيب ايڪٽ ۾ 3 ترميمون ڪيون ويون. پهريون ايڪٽ 22 جون 2022 تي نافذ ڪيو ويو. ٻي ترميم 22 آگسٽ 2022 تي ڪئي وئي. ٽين ترميم 29 مئي 2023ع تي ڪئي وئي، جڏهن نيب ترميمن خلاف ڪيس جون 6 ٻڌڻيون ٿيون، ان کانپوءِ ٽين ترميم آئي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ نيب قانون جي ٽئين ترميم تي نظرثاني نه ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو ته نيب قانون جي ٽين ترميم جو تعلق عدالتن جي ٽرائل ۽ ڪارروائي سان آهي. پي ٽي آءِ جي  ايڊووڪيٽ خواجه حارث جون خدمتون سرڪاري خرچ تي ڏنيون ويون، جڏهن ته ايڊووڪيٽ خواجه حارث پي ٽي آءِ جي نمائندگي ڪندي چيو ته آئيني تشريح ڪيس جي ٻڌڻي 5 رڪني بينچ ڪندي. سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ نيب ترميمي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ تضاد آهي

سپريم ڪورٽ جي نيب ترميمي بل کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي ۾ واضح ناهي ڪيو ويو ته ڪيئن بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. فيصلي ۾ اهو نه ٻڌايو ويو ته ڪنهن فرد جي وقار کي ڪيئن نقصان پهچايو ويو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آھي ته آئيني ادارا عوام کي بهتر ڪارڪردگي فراهم ڪندا، نيب ترميمي درخواست تي فيصلي کان 5 مهينا اڳ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ٺاهيو ويو. نيب ترميمن خلاف درخواست تي 5 رڪني بينچ ٺاهڻ جي درخواست رد ڪئي وئي. جسٽس منصور علي شاه چيو ته نيب ترميمن تي 5 رڪني بينچ جوڙي وڃي. جيڪڏهن جسٽس منصور علي شاه پاڻ کي بينچ کان ڌار ڪري ها ته 2 رڪني نيب ترميمن خلاف درخواست جي ٻڌڻي يا فيصلو نه ڪري سگهي ها، جسٽس عمر عطا جي سربراهي ۾ بينچ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي ڪارروائي معطل ڪري ڇڏي، جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.  پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي 100 ڏينهن تائين ٻڌڻي نه ٿي. پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون خلاف درخواستن جي ٻڌڻي 18 سيپٽمبر 2023 تي ٿي. فيصلي ۾ اها وضاحت نه ڪئي وئي ته نيب ۾ ترميمون بنيادي حقن سان ڪيئن ٽڪرائجن ٿيون .اھا ٿي ھڪ طرف جي ڳالھه ٻئي پاسي ان مسئلي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان

اڊيالا جيل ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالھه ٻولھه ڪندي هن چيو ھو ته سپريم ڪورٽ نيب ترميمي بل تي فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، اين آر او 2 تي حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، 190 ملين پائونڊ جو ريفرنس به ختم ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته جيڪي به حڪومت ۾ آهن انهن جو پئسو ٻاهر پيل آهي، مان ملڪ مان ڀڄي وڃڻ وارو ناهيان پر سڄي زندگي جيل ۾ رهڻ لاءِ تيار آهيان، سندس خلاف ڪرپشن جا سمورا ڪيس پراڻا آھن ۽ سندس دور حڪومت ۾ ٺاهيا ويا. هن چيو ته ڪرپشن جو پئسو عوام جو پئسو آهي، عوامي نمائندا ڪرپشن ڪن ٿا ۽ پوءِ انهن جا ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ قانون پاس ڪن ٿا، هاڻي وائيٽ ڪالر ڪرائيم کي پڪڙڻ ناممڪن آهي، هنن ڪرپشن جا رستا کولي ڇڏيا آهن. هن چيو ته  اڊيالا جيل ۾ سوين قيدي آهن، انهن قانونن جو کين ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ اهڙي طرح هن ڌمڪي ڏيندي چيو آھي  آزاد ٿي چيئرمين نيب کي گرفتار ڪندس، نيب جي جاچ آفيسر ۽ شاهد انعام شاه خلاف 3 ارب 18 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪندس.ان سڄي مسئلي کي ڏسجي ته عمران خان لاءِ ھر طرف ھر طرح جون ڏکايون پيچيدگيون کڙيون ٿي  ويون آھن ھاڻ ڏسجي ته سندس اپيلن مان کيس ڳتي. ھلي ڪا رليف ملي ٿي يا نه؟

ٻئي پاسي  سپريم ڪورٽ قومي احتساب بيورو (نيب) ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏنو آھي جيڪو عمران خان لاءِ  ھڪ ٻيو مسئلو کڙو ڪيو آھي ڪورٽ نيب ترميمن کي بحال ڪرڻ خلاف وفاقي حڪومت ۽ ٻين متاثرن جي انٽرا ڪورٽ اپيلون منظور ڪندي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين  عمران خان نيب ترميمن کي آئيني قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو فيصلو سپريم ڪورٽ نيب ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف اپيلن تي 6 جون تي محفوظ ڪيو هو، چيف جسٽس آف پاڪستان انٽرا ڪورٽ اپيلن تي 16 صفحن تي ٻڌل فيصلو محفوظ ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.