چمبڙ ۾ وڌندڙ ايڊز جو مرض

تحرير: ثوبيا کوسو

ڪينسر ۽ ايڊز جنهن کي لاعلاج چيو ويندو آهي ۽ اهو مرض جنهن کي به لڳندو آهي انهي کي تڙپائي تڙپائي ماري ڇڏيندو آهي، عام انسان انهن بيمارين جو ٻڌي ڏڪي ويندو آهي، ۽ دعا گهرندو آهي ته مولا انهن بيمارين کان پناهه ڏي، ٻي طرف وري اهو مرض ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، آئون اوهان کي تعلقي چمبڙ جي ڳالهه ٻڌائينديس ته صرف چمبڙ شهر ۾ هڪ سال جي اندر ڪينسر وگهي فوت ٿيلن جو تعداد 25 تائين وڃي پهتو آهي ۽ اڃان به شهر سميت ٻهراڙين ۾ ڪيترائي ماڻهو وات، ڳلي جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي موت جو انتظار ڪري رهيا آهن، ته ٻي طرف وري ايڊز به خطرناڪ حد تائين وڌي چڪو آهي، پنهنجي ڪيل سروي موجب هيستائين چمبڙ ۾ ايڊز جي مبتلا مريضن جو تعداد 200 کان به وڌي چڪو آهي پر صحت کاتو مسلسل خاموش تماشائي بڻيل آهي، هي جيڪو مون تعداد ٻڌايو آهي اها منهنجي ڪيل سروي آهي، ٿيڻ ته ائين گهرجي جو صحت کاتو ايمرجنسي بنيادن تي  پنهنجون ٽيمون موڪلي ۽ چمبڙ شهر سميت ٻهراڙي ۾ ٽيمون موڪلي جيڪي ايڊز جي تشخيص لاءِ ٽيسٽون ڪن جيئن وڌيڪ ماڻهو هن موذي مرض کان بچي سگهن، پر صحت کاتي تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. جيڪو ڪن لاٽار ڪيو ويٺو آهي، مون صحت کاتي کي ڪيترائي دفعا آگاهي ڏني آهي ۽ سوشل ميڊيا تي لکيو اٿم، ۽ بار بار لکڻ، آگاهي ڏيڻ جي به صحت کاتو چپ جو روزو رکي ويٺل آهي، ايڊز هڪ پکڙندڙ مرض آهي جيڪو هم بستري سان هڪ انسان مان ٻي انسان ۾ منتقل ٿيندو آهي،  چمبڙ ۾پهريون ايڊز جو رجسٽر ڪيس هڪ سوزوڪي ڊرائيور ۾ ظاهر ٿيو.

مون اهو ڪيس ٻڌو ته ان کان حال احوال وٺڻ ويس، حال احوال ٻڌائيندي چمبڙ واسي ايڊز ۾ مبتلا ان ڊرائيور ٻڌايو ته آئون ڊرائيور آهيان ۽ مختلف شهرن ۾ ڪرايو کڻي ويندو هئس، ميلن ملاکڙن جو شوقين هئس، ڪٿي به ميلو لڳندو هو ته اتي ويندو هئس، مسلسل 10 سالن تائين ته سڀ ڪجهه سهي هو، پر هڪ ڏينهن اوچتو مون کي تيز بخار آيو ۽ فالج ٿي ويو، مونکي گهر وارن ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو ۽ ڊاڪٽر فالج جون دوائون ڏنيون ، آهستي آهستي منهنجي اکين مان نور به موڪلائي ويو، ۽ بلڪل انڌو ٿي ويس، نيٺ مجبور ٿي آئون ڪراچي ويس جتي منهنجون مختلف ٽيسٽون ڪرڻ کانپوءِ مونکي ٻڌايو ويو ته مونکي ايڊز آهي، جنهن کانپوءِ منهنجي گهرواري (زال) ۽ ٻارڙن جون ٽيسٽون به ڪيو ويون ۽ انهن ۾ به ايڊز جي بيماري ظاهر ٿي، جنهن کانپوءِ مون لاڙڪاڻي مان دوا ورتي ۽ اڃان تائين کائي رهيو آهيان ، انهي دوران منهنجو هڪ ٻار ايڊز جي ڪري فوت به ٿي چڪو آهي، آئون دوائون کائي رهيو آهيان، مون ان کان پڇا ڪئي ته آخر ايڊز اوهان ۾ ڪيئن منتقل ٿيو؟ هن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا نهايت ئي افسوسناڪ لهجي ۾ چيائين ته مونکي  ميلن ملاکڙن جي شوق تباهه ڪري ڇڏيو،ميلن ملاکڙن ۾ فحاشي جا اڏا هوندا آهن آئون به اتي ويندو هئس ۽ اتان ئي اهو انسان کائو مرض مون ۾ منتقل ٿيو، مون کائنس اهو به سوال پڇيو ته ڇا فالج ٿيڻ کان پهرين به اوهان ڪنهن سان همبستري ته نه ڪئي ۽ ان کلي ڏنو پر جواب نه ڏنائين، هاڻ اوهان پاڻ تصور ڪيو ته چمبڙ ۾ ايڊز ۾ ڪيترو واڌارو ٿيو هوندو؟ ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جن ۾ ايڊز جون علامتون هونديون آهن ۽ هو فوت به ٿي ويندا آهن،  پر هن جي مرض جي سڃاڻپ ناهي ٿيندي، ۽ ائين اهڙا ڪيترائي ماڻهو هوندا  ۽ آهن جيڪي ايڊز ۾ مبتلا هوندا ۽ آهن، صحت کاتو شايد ان انتظار ۾ ويٺل آهي ته وڌيڪ ماڻهو ايڊز ۾ مبتلا ٿين ۽ مرن، تعلقي/ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتي ۾ ڪو آسرو ته ناهي پر هڪ دفعو وري هن تحرير ذريعي اپيل ڪنديس ته خدارا نوٽس وٺي انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچايو.

سروي موجب هيستائين چمبڙ ۾ ايڊز جي مبتلا مريضن جو تعداد 200 کان به وڌي چڪو آهي پر صحت کاتو مسلسل خاموش تماشائي بڻيل آهي، هي جيڪو مون تعداد ٻڌايو آهي اها منهنجي ڪيل سروي آهي، ٿيڻ ته ائين گهرجي جو صحت کاتو ايمرجنسي بنيادن تي  پنهنجون ٽيمون موڪلي ۽ چمبڙ شهر سميت ٻهراڙي ۾ ٽيمون موڪلي جيڪي ايڊز جي تشخيص لاءِ ٽيسٽون ڪن جيئن وڌيڪ ماڻهو هن موذي مرض کان بچي سگهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.