بلوچستان جا مسئلا ۽ انھن جو  سياسي حل

تحرير: ايوب ملڪ

 26  آ گسٽ تي بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ ڏھن کان وڌيڪ هنڌن تي بيگناهه ماڻهن کي بسن ۽ ٽرڪن مان لاھي، سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو، انهن مان اڪثريت جو تعلق پنجاب سان ھو، انھن  واقعن جي فورن بعد سوشل ميڊيا تي ڪوئيٽا هوٽلن جي خلاف  ھڪ منظم مهم شروع ڪئي وئي ۽ اهو به چيو ويو ته بلوچ شاگردن کي پنجاب جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان ڪڍيو وڃي، اهڙي مهم جوئي ڪندڙ  اصل ۾ عليحدگي پسندن جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن. ياد رھي تھ صدين کان  بلوچ قوم جي روايت رھي آھي تھ  انهن بي ھٿيار، بي گناھ  ماڻهن کي ڪڏھن بھ  قتل نه ڪيو آهي، بلڪھ بلوچي ادب لوڪ  اھڙين ڪهاڻين سان ڀريو پيو آهي، جنهن ۾ بي هٿيار  دشمنن کي به پناهه ڏني وئي آهي. 25 آگسٽ جي انھن واقعن تي وزير داخلا ھڪ  غير ذميواراڻو بيان ڏيندي چيو ته اهي حملي آور تھ هڪ ايس ايڇ او جي مار آھن ۽ ان سان گڏ وقت جي حڪومت  بلوچستان ۾  ھڪ فوجي آپريشن جو اشارو پڻ ڏنو آھي. سون تي سھاڳو اھو تھ انھن واقعن جي آڙ ۾ حڪومت  بلوچستان جي ٽن ھزار شھرين جن  ۾ اڪثريت يونيورسٽين جي استادن، شاگرد اڳواڻن ۽ صحافين  جي آھي. انھن کي فورٿ شيڊول ۾ وجھي ڇڏيو آھي.

بلوچستان ۾ ساحل ۽ وسيلن سان گڏوگڏ معاشي حقن جي تاريخ ڪافي  ڊگهي آهي، پر هاڻوڪي بغاوت تڏهن شروع ٿي جڏهن ھڪ فوجي آپريشن ۾ پرويز مشرف پنهنجي انا جي تسڪين جي لاءِ نواب اڪبر بگٽي کي  ڪوهلو جي جبلن ۾ شهيد ڪري ڇڏيو. جنهن بعد ڪجهه نوجوانن مزاحمتي جدوجھد جو جھنڊو بلند ڪيو.جنھن سان گم ٿيل ماڻھن جو نھ کٽندڙ سلسلو شروع ٿيو، جيڪو ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ھلندڙ آھي. حڪمرانن ڪڏهن به ان مسئلي کي سنجيدگيءَ سان حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آھي، جنھن تي گم ٿيلن فردن جي خاندانن جي سوين عورتن پهريون ڀيرو ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ احتجاج ڪيو ۽  پوءِ گذريل سال وري اھي  اسلام آباد ۾ داخل ٿي رھيون ھيون تھ انھن کي مارڪٽ ڪئي وئي.حڪمران طبقي  جي بي حسي جو اندازو ان ڳالھھ مان لڳائي سگھجي ٿو تھ جڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت شھرين کي گم ڪرڻ واري قدم کي فوجداري  ڏوهه قرار ڏيڻ  جو مسودو  سينيٽ مان منظور ڪرائي ورتو تھ اوچتو اھو انڪشاف ٿيو تھ اھو بل گم ٿي ويو آھي. ان کان اڳ قومي اسيمبلي 8 نومبر 2021 تي ڪرمنل لاءِ امينڊ مينٽ بل 2021  پاس ڪندي پاڪستان پينل ڪوڊ ۽ ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجرز ۾ هڪ نئين شق متعارف ڪرائي، جنهن موجب اهي ماڻهو گم ٿيل فردن ۾ ڳڻبا  جن کي ڪي سرڪار اھلڪار يا گروپ بنا ڪنھن قانوني جواز جي اغوا ڪري ته جيئن انھن جي قانون مطابق بازيابي نھ ڪرائي  سگھجي. ان بل جي نھ منظور ٿيڻ سان نھ رڳو انساني حقن جي تحريڪ کي سخت ڌڪ رسيو، پر گم ٿيل ماڻهن جي دانھن ُڪوڪن  کي به مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو.

ان سان اھا ڳالهھ پڻ چٽي ٿي وئي  ته گم ٿيل ماڻهن جو معاملو سياسي قيادت جي پھچ کان ٻاهر آهي، ان کان اڳ بھ جڏهن ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ بلوچستان جو وڏو وزير هو، تڏهن هن سمورن اسٽيڪ ھولڊرز  جي مشوري سان جلاوطن بلوچ اڳواڻن سان ڳالهين جو سلسلو شروع ڪيو. پر جڏهن اهو مسئلو حل ٿيڻ جي ويجهو آيو ته ڪجهه قوتن ان عمل کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو، ٻئي پاسي  نه تھ بلوچستان ۾ ڪڏھن صنعتي زون قائم ڪيا ويا ۽ نه وري مڇيءَ جي واپار کي هٿي ڏني وئي.

بلوچستان جي شهرين جي زندگي جو گهڻو دارومدار ايران مان ايندڙ تيل ۽ ٻين شين تي آهي. ھئڻ ته ائين گهرجي ها ته ان واپار تي ٽيڪس لڳائي قانوني شڪل ڏني وڃي ها، پر 77 سال گذرڻ باوجود نه ته ان واپار کي قانوني شڪل ڏني وئي ۽ نه ئي وري بلوچستان جي بيروزگار ماڻهن لاءِ ڪو منظم پروگرام ٺاهيو ويو.ٻئي پاسي بلوچ شاگرد جيڪي  پاڪستان جي ٻين شهرن جي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رھيا آھن، اھي مسلسل خوف جي ڇانو ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ان سان گڏوگڏ بلوچستان جا نوجوان، جيڪي اڳ ئي سياسي عمل کان بيزار هئا، اھي 2024 جي اليڪشن نتيجن  جي ڪري سياسي عمل کان مايوس ٿي جبلن جو رخ ڪري رهيا آهن.انهن چونڊن نه رڳو سمورين قومپرست پارٽين کي ڀت سان لڳائي ڇڏيو، بلڪھ سياسي عمل ۾ هڪ نئين روايت جو اضافو ڪندي سياسي اڳواڻن کي ٺيڪيدارن ۽ مافيائن جي هٿان هارايو ويو. تازي ٿيل اليڪشن ۾ هڪ ئي خاندان جا ٽي فرد جن ۾ پيءُ، پٽ ۽ ناٺي شامل آهن، انھن کي کٽرايو ويو، جن کي مقامي ماڻهو سڃاڻن بھ نٿا.

اڄ 21هين صديءَ ۾ پاڪستان کي هڪ مضبوط ملڪ بنائڻ جي ضرورت آھي تھ جيئن  هن خطي ۾ آباد مختلف قومن کي هڪ وفاقيت جي فطري ترڪيبي جزن ۾ سھيڙيو وڃي. يعني پنجابين، سرائيڪي، سنڌي، پختون ۽ بلوچن جي رضامنديءَ سان ئي  انهن جا سياسي مسئلا اھڙي طرح حل ڪيا وڃن ته جيئن 24 ڪروڙ ماڻهو پنھنجو پاڻ کي پاڪستاني شهري سڏائڻ تي ناز ڪن. ياد رهي ته اڄ تائين  بلوچستان  مان اٿيندڙ سمورين شورشن جو حل  صرف ۽ صرف ڳالهين سان ئي طئي ٿيو آهي، ايتري تائين جو تازو ماھ رنگ بلوچ جي قيادت بلوچ  يڪجھتي ڪميٽي جي گوادر ۾ ڌرڻي جو حل به پاڻ ۾ ڳالهين ذريعي ئي ڪڍيو ويو. اھڙي طرح  حڪمرانن کي گھرجي تھ اھي  بين الاقوامي سطح طور تي  انھن پاليسين جو جائزو وٺن، جنھن سان عليحدگي پسند تحريڪن کي منھن ڏنو ويو آھي. ڪھڙي طرح  برطانيه جي حڪومت (آءِ آر اي) سان ڳالهيون ڪيون ۽ ڪھڙي طرح اسپين علحدگي پسند باسڪ گروپ (ِاي ٽي اي ) سان ڊگهي جنگ کان پوءِ ڪهڙن بنياد تي صلح ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.