حصو پهريون
سڀاڻي قوم جي ابي جِي ورسيءَ جو ڏينهن آهي ۽ کيس اسان کان وڇڙئي 76 ورهه ٿي رهيا آهن. خبر ناهي ته رياستي سطح تي ملڪ جي بانيءَ جي وڇڙڻ جي ڏينهن کي اها اهميت ڇو ناهي ڏني ويندي، جيڪا ان جو حق آهي. اسان جي ننڍپڻ ۾ 11 سيپٽمبر جي ڏينهن عام موڪل ٿيندي هئي، پر هاڻي اهو ڏينهن عام ڏينهن جيان گذري ويندو آهي ۽ قوم پاران ان ڏينهن جي اهميت کي ظاهر ڪرڻ وارا ميڙاڪا به گھٽ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. اچو ته ان اهم ڏينهن جي مناسبت سان جناح صاحب جي زندگيءَ جي ذاتي نوعيت جي ڪجھه دلچسپ پهلوئن جو ذڪر ڪريون، ڇاڪاڻ ته هُو هڪ عظيم ليڊر هجڻ سان گڏو گڏ هڪ عام انسان به هو، جنهن سان هر اهو جذبو، غم، خوشي ۽ ٿڌو ڪوسو واقعو، ايئن ئي سلهاڙيل هو، جيئن عام ماڻهوءَ سان واڳيل هوندو آهي. اسان سڀ ڄاڻُون ٿا ته مسٽر محمّد علي جناح (1876ع ــ 1948ع) جناح پونجا / جيڻا ڀائيءَ (1857ع ــ 1901ع) جي گهر ۾ جِھرڪن ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس ماءُ جو نالو ’مِٺي ٻائي‘ (شيرين ٻائِي) هو، پر اڪثر ماڻهن کي اها خبر ناهي ته جناح پونجا جي والد (قائداعظم جي ڏاڏي) جو نالو ’پونجا ڀائي‘ هو. جڏهن ته پونجا ڀائيءَ جي پيءُ (يعني قائداعظم جي پڙڏاڏي) جو نالو ’ميگھه جِي‘ هو. ”جناح“/ ”جِيڻا“ لفظ جي معنيٰ آهي: ”ٻانهن جي طاقتَ“ يا ”ٻانهن جو ٻَلُ“.جناح پونجا / جيڻا ڀائي، پنهنجي جنم ڀوميءَ گجرات صوبي جي ڪاٺياواڙ علائقي جِي ’گونڊل‘ نالي ننڍڙي رياست جي ننڍڙي ڳوٺ ’پانيليءَ‘ مان محمّد عليءَ جي پيدائش کان رڳو ٻه سال اڳ (1874ع ۾) ئي اچي ٺٽي جي وسنديءَ جھرڪن ۾ آباد ٿيو هو، جتي ٻن ورهين بعد کيس شيرين موسيٰ مان ايم. اي. جناح صاحب ڄائو.
محمّد علي جناح کي ٻه ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ هو. محمّد علي سڀني کان وڏو هو. مٿس ”محمّد علي“ نالو سندس مامي قاسم موهنيءَ رکيو هو. جناح صاحب جِي مادري ٻولي گجراتي هئي، جيڪا قائداعظم نفاست سان ڳالهائيندو هو. جڏهن ته اهي سڀئي ڀائر ڀينر ”ڪڇيءَ“ سان گڏ انگريزي پڻ ”ثانوي ٻولين“ طور سکيا هئا ۽ اهي ٻئي ٻوليون پڻ مهارت سان ڳالهائيندا هئا. جناح صاحب ٺٽي ضلعي جي شهر ’جھرڪَ‘ ۾ پيدا ٿيو، پر سندس عقيقو پنجن مهينن جي عمر ۾، پنهنجي پڙڏاڏاڻي ڏيهَه (”گوڊل“ ــ ڪاٺياواڙ ) ۾ ’پانيليءَ‘ جي درگاهه تي ٿيو. رسول بخش پليجو صاحب ان ڏس ۾ لکي ٿو ته: ”ٻار (جناح صاحب) تمام ڪمزور ۽ پتڪڙو هو. سندس ڊگهيون ٻانهُون سنهڙيون هيون ۽ مٿو وڏو هو. جيڻا ڀائي ۽ شيرين پنهنجي پوڻيٺڙي جي پٽ جو عقيقو ڪرڻ لاءِ موٽي پنهنجي ڳوٺ پانيليءَ ويا ۽ پنهنجي سڄي خاندان سميت شهر کان 10 ميل پري حَسن پير جي درگاهه تي 4 ڏينهن وڃي رهيا ۽ پُٽ جو عقيقو ڪري، سڄي ڳوٺ کي دعوتون کارايائون.“جوانيءَ کي پهچي پوري واڌ ويجھه ٿي وڃڻ کانپوءِ جناح صاحب جو قد 5 فوٽ 10ساڍا انچ هو. پروفيسر ايس. ايم. اي. صوفيءَ پنهنجي اردو ڪتاب ”رهبر ملت: قائداعظم محمد علي جناح“ ۾ لکيو آهي ته جناح صاحب ’سِيري پُڙيءَ‘ (حلوي پُوريءَ) جو تمام گهڻو شوقين هو، جڏهن ته جناح جي ڌيءَ ”دِينا“ موجب جناح کائڻ ۾ چانور ۽ ٻوڙُ (رائيس اينڊ ’ڪَرِي‘) وڏي شوق سان کائيندو هو. هوءَ ٻڌائي ٿي ته جناح صاحب جا ٻه ذاتي بورچي (شيف) هئا. جن مان هڪ هندستاني هو ۽ ٻيو آئرش (آئرلينڊ) جو شيف هو. جناح صاحب کي 4 جولاءِ 1936ع تي برطانوي هندستان (برٽش انڊيا) جي سرڪار طرفان پاسپورٽ جاري ڪيو ويو، سندس پاسپورٽ نمبر 400878 هو. جناح جي پهرين شادي ”ايمي ٻائيءَ“ سان فيبروري 1892ع ۾ ٿي، جيڪا سندس ڏاڏاڻي ڏيهه ”پانيلي“ ۾ رهندڙ هڪ 14 سالن جي ڇوڪري هئي. هن پهرين شاديءَ وقت نؤخيز محمّد عليءَ جي عمر 16 سال مسَ هئي. جيئن ته اها پونجا ڀائيءَ جي پهرئين پُٽ جِي شادي هئي ۽ خاندان جي پهرين وڏي خوشي هئي، تنهن ڪري ان موقعي تي سڄي برادريءَ ۾ وڏو جشن ملهايو ويو، جنهن ۾ سڄي ڳوٺ شرڪت ڪئي ۽ سڄي راڄَ جِي لذيذ طعامن سان دعوت ڪئي وئي. 1893ع ۾ جناح اعليٰ تعليم لاءِ انگلنڊ روانو ٿي ويو ۽ سندس وڃڻ کان پوءِ، ايمي پنهنجي خراب صحت سبب گهڻو وقت زندهه رهي نه سگهي ۽ جلد ئي وفات ڪري وئي. اهڙيءَ طرح جناح جي پهرين شادي صرف چند هفتن کان وڌيڪ هلي نه سگهي.
(هلندڙ)