نائين اليون کان پوءِ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي جنھن قرارداد تحت افغانستان ۾ ڪارروائي جي شروعات ڪئي ھئي، ان قرارداد جي چين ۽ روس پڻ حمايت ڪئي ھئي. هڪ طرف آمريڪي ڌمڪيون هيون ۽ ٻئي طرف اھو ٺهراءُ، تنهن ڪري پاڪستان وٽ آمريڪا جي ساٿ ڏيڻ کان سواءِ ڪو رستو نه هو، ها البتھ اهو تعاون ڪجهه بهترشرطن سان ٿي پئي سگهيو. جيڪو جنرل مشرف نه ڪيو هو، ان وقت طالبان گھڻو پاڪستان تي ڀاڙي رھيا ھئا، تنهن ڪري جڏهن پاڪستان هٿ کڻي ورتو ۽ انٽيليجنس معلومات آمريڪا سان شيئر ڪئي ته طالبان کي شڪست ڏيڻ آمريڪا جي لاءِ آسان ٿي ويو.
طالبان جي حڪومت آمريڪي اميدن کان بھ اڳ ختم ٿي وئي ۽ جنهن ڏينهن اهي ڪابل ڇڏي رھيو ھو، ان ڏينهن پاڪستان جو ڊي جي آءِ ايس آءِ واشنگٽن ڊي سي ۾آمريڪي عملدارن سان ان صلاح مشوري لاءِ موجود ھو ته طالبان جي حڪومت ڪيئن ختم ڪئي وڃي. طالبان ڪجھه مهينن اندر منظر عام تان مڪمل غائب ٿي ويا.ٻئي طرف بون ڪانفرنس جي نتيجي ۾ حامد ڪرزئي جي حڪومت قائم ٿي وئي. افغانستان استحڪام طرف وڌڻ لڳو. پارليامينٽ ٺهي وئي ۽ لويا جرڳي جون چونڊون ٿيون. ڪرنسي جي مسئلي کي حل ڪيو ويو.
آمريڪا ۽ يورپ مان اشرف غني جهڙا افغان واپس اچي افغانستان جي نئين سر تعمير ۾ حصو وٺڻ لڳا. پر آمريڪين پنهنجي فتح جي نشي ۾ خطي سان لاڳاپيل پنهنجن خوابن کي پورا ڪرڻ لڳا. پاڪستان جو مطالبو هو ته ھندستان کي افغانستان ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو وڃي پر آمريڪا ان کي اچڻ جي اجازت ڏني ۽ پاڪستان خلاف ڪاررواين کان بھ پري نه رکيو. ڪجهه ماڻهو ڪابل ۾ پختونستان جي اشو کي تازوڪرڻ لڳا.پر سڀ کان وڏي اڳڀرائي اها ٿي ته آمريڪا هندستان سان سول نيوڪليئر ڊيل ڪري ورتي.
پاڪستان مطالبو رکيو ته ان سان به ساڳي طرح جو نيوڪليئر معاهدو ڪيو وڃي، پر آمريڪي ان لاءِ تيار نه هو، تنهن ڪري پاڪستان وري طالبان جي حمايت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ اڄ جيڪڏهن طالبان ڪابل ۾ فاتح بڻجي ويٺا آهن ۽ آمريڪا شڪست جا زخم سيڪي رھيو آھي ته ان ۾ ايران، روس ۽ خاص ڪري پاڪستان جو بنيادي ڪردار آهي.ان سڄي عرصي دوران آمريڪي پاڪستان تي دٻاءُ وجھندا رھيا تھ اهو طالبان جي پردي پٺيان سپورٽ بند ڪري، پر پاڪستان نه مڃيو، بلڪھ ان پاليسيءَ جي ڪري تحريڪ طالبان پاڪستان کي به پاڪستان ۾ ُاسرن ۽ اڀرڻ جو موقعو مليو، پر پاڪستان ان ڳالهه تي قائم رهيو. حامد ڪرزئي ۽ اشرف غني مسلسل آمريڪين کي ٻڌائيندا رهيا ته طالبان ۽ القاعده افغانستان ۾ نه پر پاڪستان ۾ آهن ۽ آمريڪا کي اتي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي پر آمريڪي ڊرون کانسواءِ پاڪستان ۾ ٻي ڪنھن ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا.
هڪ دفعي جڏهن حامد ڪرزئي اها ئي ڳالهه موجوده آمريڪي صدر جو بائيڊن سان ڪئي، جيڪو ان وقت صدر نه هو، ته هن جواب ڏنو ته مسٽر ڪرزئي پاڪستان آمريڪا لاءِ افغانستان کان پنجاهه ڀيرا وڌيڪ اهم آهي ۽ شايد ھندستان جي معاملي تي بھ اهو ئي جواب ڏنو اھي پاڪستان کي ڏيندا رھيا تھ پاڪستان اسان لاءِ اھم آھي پر ھندستان پنجاهه ڀيرا وڌيڪ اهم آهي، بھرحال اهو ڏينهن اچي ويو تھ ڊگھي جنگ اڍائي هزار آمريڪي فوجين جي قرباني ۽ اربين ڊالرن جي خرچ جي باوجود. آمريڪا کي انتھائي ذلت جي عالم ۾ افغانستان مان نڪرڻو پيو.
آمريڪا نڪري ويو ۽ طالبان اڳي کان وڌيڪ بهتر ۽ طاقتور پوزيشن ۾ افغانستان جي حڪمران بڻيا.آمريڪا قطر معاهدي ۾ طالبان کان اھو شرط مڃرائي ورتو تھ اھي ٻيھر القاعدھ کي پاڻ وٽ پناھ نھ ڏيندا، پر پاڪستان جڏھن مطالبو ڪيو تھ تحريڪ طالبان پاڪستان جي اشو کي بھ قطر معاھدي ۾ شامل ڪيو وڃي تھ آمريڪا ۽ طالبان مان ڪنھن نھ مڃيو. بھرحال وقت جي سپر پاور آمريڪا اڄ تاريخي شڪست کائڻ کانپوءِ پنهنجي شڪست جا زخم سيڪي رهيو آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ ، جيڪو بائيڊن تي الزام هڻي رهيو آهي، تھ ھن غلط طريقي سان انخلا ڪيو، جڏهن ته ڊيموڪريٽس ٽرمپ تي الزام لڳائي رھيا آھن تھ ھن غلط طريقي سان ڳالهيون شروع ڪيون. جيڪي افغاني، افغانستان مان نڪري ويا آهن، اهي به پاڪستان کي گاريون ڏئي رهيا آهن ۽ آمريڪا تي بي وفائي جو الزام ھڻي رھيا آھن.انھن جو خيال آھي تھ هنن سان جيڪو ٿيو سو پاڪستان جي ڪري ئي ٿيو آهي، آمريڪي بھ اھو ئي سمجھن ٿا، انھن جي فتح شڪست ۾ پاڪستان جي سبب تبديل ٿي، رڳو آمريڪي سياستدان ئي نه بلڪھ اتي افغانستان جي اسٽيوڪول جھڙا ماهر بھ اھو ئي سمجھن ٿا ته جيڪو ڪجهه ٿيو سو پاڪستان جي ڊبل گيم سبب ٿيو.
سو هاڻي جڏهن به افغانستان جو ذڪر ٿئي ٿو ته آمريڪين جو رت پاڪستان جي حوالي سان گرم ٿي وڃي ٿو. ٿي سگهي ٿو مان غلط هجان، پر منھنجو يقين آھي ته آءِ ايم ايف جي ذريعي پاڪستان جو جيڪو نڪ رڳڙايو پيو وڃي اھو افغانستان جي انتقام جو ھڪ حصو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته اڳي ھلي ڪري آمريڪا ڪهڙن ڪھڙن طريقن سان پاڪستان کان پنھنجو بدلو وٺي ٿو. ٻئي طرف جڏهن پاڪستان افغان طالبان تي پنھنجا احسان جتائي ٿو ته اھو نائن اليون کانپوءِ پاليسي تبديل ڪرڻ جي ياد ڏياريندا آهن. ھو پاڪستاني قيد ۾ مرندڙ ملا عبيدالله آخوند کي ياد ڏيارين ٿا.اھي استاد ياسر کي ياد ڏيارن ٿا.اھي ملا برادر کي جيل ۾ وجهڻ جو ذڪر ڪندا آهن.
يعني ھو اھو چون ٿا ته پاڪستان ڪو احسان ناھي ڪيو.بلڪھ نائن اليون بعد طالبان سان بيوفائي بھ پنھنجي مفاد ۾ ڪئي ۽ ان کان پوءِ به جيڪڏهن ڪجهه ڪيو ته اهو پنهنجي فائدي لاءِ ڪيو.يعني پاڪستان جي ھن وقت اھا ڪيفيت آھي نھ خدا مليو نھ وصال صنم. سوال اهو آهي ته ڇا ڪو انهن ماڻھن جو محاسبو ڪري سگهندو، جن اهي پاليسيون ٺاهيون ۽ ھلايون.