اين ايف سي ايوارڊ تي وري وفاق ۽ صوبا آمهون سامهون

تحرير: اعجاز ممنائي

هر حڪومتي دور ۾ اين ايف سي ايوارڊ تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ جهيڙو ٿيندو رهيو آهي، صوبن کي وفاق مان هميشه اها شڪايت رهي آهي ته اين ايف سي ايوارڊ مان صوبن کي پورو حصو نه ٿو ملي جنهن ڪري صوبن جو ڪاروهنوار هلائڻ مشڪل آهي. جڏهن ته وفاق سمورو نزلو آءِ ايف ايف تي ڪيرائي ڇڏيندو آهي ۽ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري شڪ پيدا ڪندو رهيو آهي پر صوبن جو هر بار مطالبو رهيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ جي فارمولي ۾ تبديلي آڻيو ۽ مالياتي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو نه گهٽايو.جڏهن ته ايوارڊ ۾ صوبن ۽ وفاق جو جيڪو حصو آئين تحت طئي ٿيل آهي، تنهن تي عمل ڪيو تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته”جيڪڏهن اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽايو ويندو ته ان سان حڪومت جي اتحادي جماعت پيپلز پارٽي ناراض ٿي ويندي جيڪا ڳالهه شهباز شريف جي سرڪار لاءِ ڏکي ثابت ٿيندي“. جيڪڏهن پيپلز پارٽي اتحادي جماعت هوندي به فرينڊلي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري ٿي ته اهو مثبت عمل ليکيو ويندو.

تازو سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران لکيل خط جي جواب ۾ ناڻي واري وفاقي وزارت سمورن صوبن کي جاري ڪيل فنڊن جا تفصيل ٻڌايا. اجلاس ۾ چيو ويو ته ناڻي واري وزارت صوبن کي ڪل 9 ارب 97 ڪروڙ روپين جا ترقياتي فنڊ جاري ڪيا.  جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ پنج ارب 58 ڪروڙ رپيا سنڌ کي جاري ڪيا ويا. خط ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته هن سال سڀ کان گهٽ ترقياتي بجيٽ خيبرپختونخواهه صوبي کي صرف 39 ڪروڙ رپيا جاري ڪئي وئي، بلوچستان کي 3 ارب رپين کان وڌيڪ ۽ پنجاب کي 90 ڪروڙ رپيا ترقياتي فنڊ ڏنا ويا، ان جي باوجود سنڌ صوبي کي سڀ کان وڌيڪ ترقياتي بجيٽ ملي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت به هن سال لاءِ جاري ڪيل حڪمت عملي تحت سنڌ کي فنڊ جاري ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي ته وڌ ۾ وڌ 40 سيڪڙو ترقياتي فنڊ جاري ڪيا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران وزيراعظم کي لکيل خط جا تفصيل به سامهون اچي ويا آهن. خط ۾ مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ترقياتي اسڪيمن جي منظوري ڏني وڃي، فنڊنگ ۽ خرچ ڪيا وڃن، حيدرآباد اربن انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ پيڪيج تحت 5 ارب رپيا جاري ڪيا وڃن، سنڌ ۾ اسڪولن جي تعمير ۽ سار سنڀال لاءِ 5 ارب رپيا جاري ڪيا وڃن ۽ اها رقم استعمال ڪرڻ جي به اجازت ڏني وڃي. خط ۾ اهو به چيو ويو ته وفاقي حڪومت روهڙي کان گڊوبيراج تائين روڊ جي بهتري لاءِ 100 سيڪڙو فنڊ فراهم ڪري، وفاقي حڪومت ٽنڊوالهيار کان ٽنڊوڄام تائين ٻه لين روڊ لاءِ 4 ارب 25 ڪروڙ رپيا فراهم ڪري، جڏهن ته ٽنڊوالهيار کان ٽنڊوڄام تائين روڊ جي بهتري لاءِ 4 ارب 25 ڪروڙ رپيا رکيا وڃن. مهراڻ هاءِ وي تي اضافي گاڏين جي تعمير لاءِ 92 ارب رپيا وفاقي حڪومت ڏنا. خط جي متن موجب ٻوڏ متاثر علائقن ۾ گهرن جي تعمير لاءِ 50 ارب روپيا خرچ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

اسان سمجهون ٿا ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ملڪ جون نه رڳو وڏيون سياسي جماعتون آهن پر ٻنهي جماعتن کي واري واري سان حڪومت ڪرڻ جو وسيع  تجربو به آهي. پر ان جو هرگز اهو مقصد ڪونهي ته اهي صوبن جي حقن تي ڌاڙو هڻن جيڪڏهن وفاق کي صوبن اين ايف سي ايوارڊ جي ورڇ تي ڪو شڪ آهي ته صوبا انهن پئسن جو صحيح استعمال نه ٿا ڪن يا ڪرپشن ڪن ٿا ته ان لاءِ هڪ ڪميٽي تشڪيل ڏني وڃي جيڪا صوبن کي مليل رقم ۽ خرچن جو نه رڳو ڪاغذن پر عملي ڪمن کي پڻ ڏسن جيڪڏهن صوبن غلط خرچ ڪيو آهي ته انهن جو احتساب ڪن۔ باقي الزام هڻي اين ايف سي ايوارڊ مان بنا ڪنهن سبب جي ڪٽوتي ڪرڻ سان وفاق ۽ صوبن ۾ اختلاف جنم وٺندا ۽ نقصان صوبي جي عوام جو ٿيندو.  ان لاءِ لازمي آهي ته وفاق ۽ صوبا گڏيل طور فيصلا ڪن.

اين ايف سي ايوارڊ ۾ جيڪا وڏي ۾ وڏي صوبن سان زيادتي ڪئي وئي آهي اها سيلز ٽيڪس وفاقي پول ۾ شامل ڪرڻ واري آهي. پوري دنيا ۾ سيلز ٽيڪس صوبائي ٽيڪس ۾ شامل هوندو آهي پر پاڪستان ۾ اها وفاق ٿو وصول ڪري. ٻيو ظلم اهو آهي ته پوري دنيا ۾ ٽيڪس وصول ڪرڻ جي چارج 5 کان 10 سيڪڙو هوندي آهي پر پاڪستان ۾ وفاق صوبن کان 20 سيڪڙو وصولي چارجز وٺي ٿو. جيڪو ٽيڪس وصول ٿيندو آهي ان مان 20 سيڪڙو رقم کي 100 سيڪڙو ڊڪليئر ڪري اها صوبن ۾ 1981ع جي آدمشماري مطابق ورهائي ٿو.

گذريل 25 سالن کان صوبا رڙيون ٿا ڪن ته وفاق پهرين ڳالهه ته ٽيڪس وصول پاڻ نه ڪري ۽ سيلز ٽيڪس صوبن کي پاڻ وصول ڪرڻ ڏئي. اها ڳالهه وفاق ان ڪري نٿو مڃي ته ڪجهه صوبن جا خاص ڪري سنڌ مان سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ٿئي ٿي سرحد ۽ بلوچستان مان رقم بنهه ٿوري ٿي ملي. پنجاب کي به نقصان ٿئي ٿو. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته هر حڪمران پنهنجو سمورو خرچ به صوبن جي کيسي مان ٿو ڪڍي. اهڙي صورتحال صوبن کي انتهائي ڪمزور ۽ تباهه ڪيو آهي پر مضبوط وفاق به نه ٿي سگهيو آهي. بهرحال پيپلز پارٽي جو ڳڙهه سنڌ صوبو آهي ان ڪري پنهنجي اتحادي جماعت کان اين ايف سي ايوارڊ تي سخت فيصلو وٺڻ گهرجي ان ۾ سنڌ جي عوام لاءِ خوشحالي جي لاٽ ٻري سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.