ملڪ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ نھ رڳو ختم ٿيندي نظر نھ پئي اچي،پر ھر نئين ڏينھن نوان مسئلا اڀري رھيا آھن ۽ عام شھري لاءِ پنھنجي رواجي زندگيءَ گھارڻ بھ ڏکيو ٿي پيو آھي.اھو امڪان ڪڏھوڪو ختم ٿي ويو تھ چونڊن بعد ملڪ ۾ استحڪام ايندو،بلڪھ غير مقبول ۽ ھٿ ٺوڪي حڪومت ھاڻي پنھنجن فيصلن مڃرائڻ جي لاءِ عوام جي راءِ جي احترام بدران سخت رويي سان پيش اچي رھي آھي، ضد ۽ انا جي اھڙي روش سان حڪومت جي پت وائکي ٿيندي پئي وڃي ۽ وقت سان گڏوگڏ ان جي مقبوليت گھٽ ٿيندي پئي وڃي.جنھن جو نتيجو اھو نڪتو آھي تھ عوام جو ڪو بھ مسئلو حل ٿيندي نظر نٿو اچي.
جڏهن ته حقيقي معاشي مقصدن جي حاصلات لاءِ ملڪ ۾ امن امان، سياسي بحران جي خاتمي ۽ صوبائي سطح تي احساس محرومي ختم ڪرڻ بدران، سکڻا نعرا ھنيا پيا وڃن جنھن مان عوام کي ڪجھه ھڙ حاصل نھ پيو ٿئي.جنھن سان ويتر معاملا وڌيڪ وچڙندا پيا وڃن ۽ عوام جي اندر بيزاري اڳي کان وڌي رھي آھي.
ملڪ جي سياسي اڳواڻن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته سياسي بدامني ۽ وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ جي بنياد تي پيدا ٿيندڙ شڪايتن کي رياستي طاقت سان دٻائي تھ سگهجي ٿو، پر حل نٿو ڪري سگهجي. حڪومت هن وقت بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي صورتحال کان بلڪل لاتعلق نظر اچي رهي آهي. سردار اختر مينگل جي قومي اسيمبليءَ مان استعيفيٰ ۽ اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان جي تقرير مان واضح ٿئي ٿو ته هاڻي طاقت ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. هاڻي ضرورت آهي ماڻهن جي زخمن تي مرهم رکڻ ۽ انهن کي دردمنديءَ سان ٻڌڻ جي بدران حڪومت اجائي انا سان اھم ۽ ڳنڀير معاملن کي نبيرڻ جو فيصلو ڪري رھي آھي. جيتوڻيڪ اھڙي ڪا بھ مھم جوئي ھن حڪومت جي لاءِ وڌيڪ مسئلا ئي کڙا ڪندي پر حڪومت جي واڳ وٺندڙن وٽ ان جو ڪو حل نه آھي.
ملڪ ھن وقت حقيقي طور تي نازڪ صورتحال ۾ آھي.جنھن جي لاءِ وري بھ اھو بار حڪومت جي مٿان ئي اچي ٿو تھ اھا حالتن ۽ مسئلن جو ادراڪ ڪندي انھن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پھلڪاري ڪري، پر گذريل ڪجهھ وقت کان سرڪار جي ڪارڪردگيءَ مان لڳي ٿو تھ اھڙو ڪو وزن انھن وٽ نھ آھي.جنھن ڪري اھي وقت کي ڌڪو ڏئي رھيا آھن،جنھن سان ملڪ جا مسئلا نھ رڳو حل نھ ٿيندا بلڪھ ان سان ويتر پيچيدا ٿي ويندا.
هڪ سبب سياسي مفاهمت جو فقدان آهي ۽ ٻيو اقتدار سان چھٽيل رھڻ خواهش آهي.وزيرن ۽ مشيرن جي غيرذميواري وارن بيانن ۽ سندن ڳالھين جي سياسي انتشار کي ھٿي ڏيڻ واري عمل مان اھو سڀ ڪجهھ جھلڪي رھيو آھي.اھو درست آھي تھ اپوزيشن وڌيڪ ھٺ ڌرمي جو مظاھرو ڪري رھي آھي ان ھوندي بھ اھو سمورو معاملو سياسي آھي تھ ان کي حڪمت سان ئي حل ڪري سگھجي ٿو.
حڪومت جي ڪمزور ۽ ناڪام ٿيڻ سان سمورا شعبا ڪمزور ۽ ناڪام ٿي وڃن ٿا، جنھن سان سڀني کان وڏو نقصان عوام جو ٿئي ٿو، عوام جا مسئلا بلڪل چٽاآھن. بيروزگاري،مھانگائي،بجلي،گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙي اضافو ئي اھڙا معاملا آھن جنھن ڪري عوام وڌيڪ معاشي دٻاءَ جو شڪار ٿي رھيو آھي.
سياسي بحران اصل ۾ سياسي جماعتن جي انا ۽ ضد جي ڪري پئدا ٿي رھيو آھي.بدقسمتيءَ سان ملڪ جي سياست ۾ اھڙيون روايتون ۽ طريقا متعارف ڪرايا ويا آھن.جنھن سان ھر ڌر طاقتور ڌر جي ڪلھي تي چڙھي ڪري اقتدار جي واڳ حاصل ڪرڻ چاھي ٿي،جنھن سان اصل سياسي ڪلچر ۽ عام ماڻھو جي سياست تھ ڪٿي گم ٿي وئي آھي. جيتوڻيڪ پاڪستان جون لڳ ڀڳ سموريون وڏيون سياسي پارٽيون ذاتيات جي بنياد تي هلن ٿيون ۽ ڪنهن هڪ فرد جا حڪم ئي فيصلا ڪن ٿا.
وقت خاصو گذري ويو آھي ڪئين سياسي ۽ آئيني معاملن کي اينگھايو ويو آھي،جنھن ڪري اپوزيشن جي سياسي جماعتن ۾ بي چيني وڌي آھي. چونڊون کان پوءِ فوري طور تي چونڊ اپيلن تي فيصلا نه ٿي سگهيا ته اها چونڊ نظام جي ناڪامي آهي، پر حڪومت فوري طور تي اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سپريم ڪورٽ جي حڪم کي ڪالعدم قرار ڏئي ٿي، پر چونڊ شڪايتن جي معاملي کي حل ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نٿي وٺي، جنھن سان معاملا وڌيڪ خراب ٿي رھيا آھن.
تحريڪ انصاف سان ُسر ملائيندي جماعت اسلامي ۽ جميعت علماءِ اسلام (ف) جو سربراهه مولانا فضل الرحمان به ملڪ ۾ غير يقيني ۽ بحران پيدا ڪرڻ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.ٻئي پاسي جيڪي جماعتون حقيقي جمهوريت جو مطالبو ڪن ٿيون پر ساڳئي وقت انهن جون حڪمت عمليون سمورين جمهوري ۽ انساني روايتن جي ابتڙ آهن.
حڪومت، اپوزيشن سميت ھر اسٽيڪ ھولڊرکي اهو سمجهڻ گهرجي ته جڏهن ڪنهن ملڪ جا شهري پنهنجي ملڪ ۽ حڪومت تي ڀروسو ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ لڳندا ته اهڙو ملڪ جلد ئي پنهنجي قانوني حيثيت وڃائي ويهندو. اھو تاريخ جو سبق آھي جيڪڏھن ڪو ان مان نٿو سکڻ چاھي تھ ان جو ڪو بھ علاج تھ نھ آھي پر ان سان وڌ کان وڌ نقصان عوام ۽ ملڪ جو ٿيندو.
حالتون ڪيتريون بھ ڏکيون ھجن پر انھن ۾ بھتري جي اميد رھندي آھي يا اھو بھ چيو ويندو آھي تھ نيڪي جي شروعات ڪڏھن بھ ڪري سگھجي ٿي.ھاڻي بھ وقت آھي سياسي ڌريون توڙي سمورا اسٽيڪ ھولڊر ملڪ کي درست رخ ۾ آڻڻ جي لاءِ گڏجي ان جو ڪو حل ڪڍي سگھن ٿا.
ٻي صورت ۾ جاري بحران ھڪ ٻئي بحران کي جنم ڏيندو جنھن سان ويتر معاملا مونجھاري جو شڪار ٿيندا.ان کان اڳ جو معاملا حل نھ ٿي سگھڻ جھڙي نقطي تي پھچي وڃن سموري قيادت جي مٿان اھو ڀاري بار آھي تھ اھا بھتري ڏانھن ڪو قدم کڻي.ھاڻوڪي حڪومت ۽ ان کي ٽيڪ ڏيندڙن کي بھ اھو سمجھڻ گھرجي تھ اقتدار جي ڪرسي تي ويٺلن کي عام ماڻھو رد ڪري رھيو آھي، جنھن سان سمورا ادارا ڪمزور ٿي رھيا آھن، نتيجي طور عوام جو ڪو معاملو حل نھ پيو ٿئي ۽ ماڻھو ھاڻي ويڳاڻپ جو شڪار ٿي رھيا آھن.اھڙي بي فيض حڪومت خلاف وڌيندڙ ڪاوڙ ڪنھن وقت بھ لائو بڻجي ٻاھر نڪري سگھي ٿي.