ارشد شريف جي مارجڻ کان اڳ عمران کي خبر هئي ته ڪجهه وڏو ٿيڻ وارو آهي: فيصل واوڊا

ڪراچي (م ڊ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته مون اڳ به چيو هو ته ارشد شريف جي قتل جي منصوبابندي ۾ سڀ جيل ۾ ويندا. مراد سعيد کان پڇيو وڃي ته هو ڇو گم ٿي ويو. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته آگسٽ ۾ هن بيان جاري ڪيو جنهن ۾ هن اهڙي ڳالهه ڪئي جيڪا ڳجهن ادارن کي به خبر نه هئي. هن چيو هو ته ٻاهر ارشد شريف تي قاتلاڻو حملو ٿي سگهي ٿو. هن انڪشاف ڪيو ته 2 ماڻهو آهن، هڪ پي ٽي آءِ جو ماڻهو ملڪ کان ٻاهر ۽ ٻيو مراد سعيد آهي، مراد سعيد ارشد شريف جي سڀ کان ويجهو هو ارشد شريف دوستي ۾ مارايو ويو. جيڪڏهن مراد سعيد پڪڙجي ويو ته فيض حميد ۽ عمران خان هٿيڪا ٿي ويندا.

هن وڌيڪ چيو ته مراد سعيد ارشد شريف جي قتل کانپوءِ ارشد شريف جي گهر جي ٻاهرين ڪمري ۾ لڪيل هو تنهن کانپوءِ کيس فيض حميد لڪائي سگهي ٿو. فيصل واوڊا هڪ ٻئي پروگرام ۾ ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته ارشد شريف جي قتل کان اڳ عمران خان کي خبر هئي ته ڪجهه وڏو ٿيڻ وارو آهي، فيصل واوڊا عمران خان جي هڪ آڊيو ڪلپ پروگرام ۾ هلرائڻ لاءِ ڏني جنهن ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته مان احتجاج 30 آڪٽوبر تي يا وري آچر تي اعلان ڪندس. في الحال تاريخ نٿو ڏيان. عمران خان آچر جو ڏينهن ڄاڻايو جيڪو 23 آڪٽوبر 2022 ارشد شريف جي قتل جو ڏينهن ٿئي ٿو. عمران خان کي خبر آهي ته مراد سعيد ۽ فيض حميد جو ڪهڙو ڪردار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.