سنڌ ۾، هاڻ جيڪي به برساتون پيون آهن سي نقصانڪار ثابت ٿيون آهن. ان جو سبب اهو آهي ته، برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ گس ڪونه آهن. پاڻي جي وهڪرن جو قدرتي نيڪال بند آهي. جنهن ڪري ٿوري برسات پوڻ سان ٻوڏ جو منظر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پاڻي هيٺاهين تي بيهي وڃڻ ڪري نقصان ٿي رهيو آهي. گذريل هفتي ۾ لاڳيتو برساتون پونديون رهيون. اهي 2022ع جي برساتن جي ڀيٽ ۾ گھٽ هيون. پر، جيڪي هن وقت نقصان ٿيو آهي سو به رڪارڊ ٽوڙ آهي سڄي سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پاڻي بيهي ويو آهي. جيڪو نيڪال نه ٿيڻ ڪري ماڻهن جي اچ وڃ ۾ تڪليف ڏيئي رهيو آهي. ڪاروبار کي وڏو ڌڪ لڳي ويو آهي. زندگي جي ڪاروهنوار جو ڦيٿو هڪ هنڌ بيٺل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيڪي پورهيت مزدور ڏهاڙي جي اجرت تي ڪمائيندا آهن. سي، سمورا بي روزگار ٿي ويا آهن. سندن ٻچا فاقه ڪشي ڪاٽيندا رهن ٿا. سندن گھرن جا چلها ڪونه ٿا ٻرن. هو، هن وقت بي يارو مددگار آهن. مدد لاءِ واجهائيندا وتن جيستائين پلر جو پاڻي ختم نه ٿو ٿئي ۽ کين ڪي روزگار جا وجهه ۽ موقعا ملن ايستائين هو، انتهائي ڏکيائين ۾ وقت گذاريندا. سندن مالي حالت اڳ ۾ ئي ڪمزور آهي. هو، انتهائي غريب آهن. ويتر، تازين برساتن کين وڌيڪ ڪمزور ۽ غريب ڪيو آهي. انهن کي روزگار ڪونه ٿو ملي. سندن حالت قياس ۽ رحم جوڳي آهي. پر، هن وقت سندن ڪوبه اوهي واهي ۽ مددگار ڪونه آهي. جنهن ڪري انهن جي خسته ۽ خراب حالت ٿيندي پيئي وڃي. سندن جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. هو، سراپا سورن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ٻهراڙين ۾ سرن جا بٺا تمام گھڻا آهن جن تي هزارين ماڻهو مزدوري ڪن ٿا. پر، اهي هاڻ بند ٿي ويا آهن. انهن جي بند ٿيڻ جو سبب برسات ئي آهي. بٺن تي اڃا به گوڏي جيڏو پاڻي ٻيٺو آهي. جيڪو سرن ٺاهڻ ۾ رنڊڪ ۽ رڪاوٽ بنيل آهي. نه، رڳو بٺن جا مزدور بي روزگار ٿيا آهن. پر، ٻين ڪيترن ئي ڪم ڪارين وارا مزدور به گھرن ۾ ويهي ويا آهن ۽ غربت، بدحالي ۽ اهنجن واري زندگي گزاريندا وتن. وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي طرفان بي روزگار مزدورن ۽ پورهيتن جي ڪابه مدد ڪونه ڪئي ويئي آهي. انهن جي مالڪي ڪونه ڪئي پيئي وڃي.
مون اخبارن ۾ پڙهيو آهي ته تازين برساتن ۾ ڪجهه ماڻهو فوت به ٿيا آهن. جنهن ڪري ڪيترائي ٻار يتيم ۽ عورتون بيوه ٿيون آهن. وسندڙ ۽ آباد گھر ويران ۽ غيرآباد ٿي ويا آهن. انهن گھرن ۾ هاڻ ڪا رنگيني ۽ رونق ڪونه رهي آهي. اهي به اطلاع آهن ته غريبن جون جهوپڙيون ڪري پيون آهن. ڪچا گھر ۽ ڪوٽ ڊهي ويا آهن. پڪيون عمارتون به ٽمي پيون آهن. عمارتن جو به ڪافي نقصان ٿيو آهي. اهي سموريون ڳالهيون حقيقتون آهن. پر، تازين برساتن جو پاڻي اڃا به مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ بيٺو آهي. خاص ڪري حيدرآباد، قاسم آباد، سجاول، بدين، ٺٽي ضلعن ۾ تمام گھڻو پاڻي بيهجي ويو آهي. سنڌ ۾ برسات جي پاڻي ۾ جيڪي تباهه ڪاريون ٿيون آهن سي حڪمرانن جي نا اهلي ۽ ڪرپشن کي ظاهر ڪن ٿيون. هاڻ برسات سٽيل ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن. انتظاميه پاڻي نيڪال ڪرائڻ جي ڪم ۾ مڪمل ناڪامياب ٿي چڪي آهي.
عوام عذاب ۾ مبتلا آهي اڄ ڏينهن تائين متاثرين جي ڪا واهر ڪونه ٿي سگھي آهي. متاثرين دربدر ٿي ويا آهن ۽ در، در جون ٺوڪرون کائيندا وتن. جن کان ڪير به پڇڻ وارو ڪونه آهي ۽ نه وري کين ڪو دلاسو ۽ تسلي ڏيڻ وارو به سجهي ٿو. حڪومت مذڪوره پاڻي ته نيڪال ڪري ڪونه سگھي آهي. عوام کي ڪوبه رليف ڪونه ڏنو ويو آهي. پر، بيٺل پاڻي تي مڇر ۽ زهريلا جيت پيدا ٿي رهيا آهن. جيڪي تيزي سان وڌي رهيا آهن. حڪومت ان بيٺل خراب پاڻي تي اسپري (ڦوهارو) به ڪونه ٿي ڪرائي. مڇر، جراثيم ۽ زهريلا جيت ماڻهن کي کائي رهيا آهن. جنهن ڪري مختلف بيماريون وڌي رهيون آهن. خاص ڪري مليريا جو بخار، گيسٽرو، پيٽ ۾ سور، کنگهھ، ڇاتي ۾ سور ۽ خارش وغيره جهڙيون بيماريون وڌن پيون. تمام گھڻا ماڻهو انهن بيمارين ۾ ورتا پيا آهن. جيستائين مڇرن ۽ جراثيمن کي ختم نه ڪيو ويندو تيستائين اهي بيماريون هرگز ڪونه ڇڏينديون. جنهن ڪري حڪومت کي هن طرف ڌيان ڏيئي، واسطيدار ۽ لاڳاپيل کاتي کي هدايتون جاري ڪرڻ گھرجن ته مڇر مار اسپري ڪري ماڻهن کي بيمارين کان بچايو وڃي. ماڻهن جي به اها گھر آهي ته ڦوهارو ڪري عوام توڙي جانورن کي مڇرن جي آزار کان محفوظ ڪيو وڃي. ته جيئن صحتمند ماحول چوڌاري ڏسڻ ۾ اچي. ٻئي حالت ۾ بيماريون گھٽجي نه سگھنديون. گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ حڪومت وٽ مشينون آهن. وسيلا ۽ ذريعا به آهن. جيڪي استعمال ڪري ماڻهن کي مصيبت مان ڪڍي سگھجي ٿو. باقي رڳو اعلان ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ اهو اعلان ٻڌڻ ۾ آيو هو ته، حڪومت برسات سٽيلن کي اڪيلو ڪونه ڇڏيندي. هاڻ ڏسجي ته ان اعلان تي ڪڏهن ۽ ڪيترو عمل ٿئي ٿو. بظاهر ته اڃا تائين ڪابه چرپر ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي. مصيبت جا ماريل سنڌ جا رهواسي اڪيلا ۽ نڌڻڪا ٿي ويا آهن.
سنڌ جي عوام جي اڪثريت زراعت سان واڳيل آهي. هڪ اندازي موجب اسي سيڪڙو عوام زراعت جي ڪرت ڪري ٿو. باقي ويهه سيڪڙو ٻين ڌنڌن سان واسطو رکي ٿو. گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي هتان جي زراعت پوئتي وڃي رهي آهي. سن 2022ع وارين برساتن دوران فصل پاڻي ۾ ٻڏي ويا. وري هٿ سان ڪٽ هڻي زراعت کي تباهه ڪيو ويو. آبادگارن کان اهي سور اڃا وسريا ڪونه آهن وري هن سال ۾ برساتن جو پاڻي فصلن ۾ بيهي ويو آهي جنهن ڪري وڏو نقصان ٿيو آهي. جيڪڏهن هر هڪ فصل جي باري ۾ ويهي لکان ته هن مختصر مضمون ۾ اهو هتي سمائجي ۽ ماپجي ڪونه سگھندو. اهو، احوال پنن تي اوتڻ مشڪل ٿي پوندو. تنهن ڪري اختصار کان ڪم وٺي رهيو آهيان. چوڻ جو مطلب ته زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب، سنڌ جي هاڻوڪي برساتن سبب آبادگارن کي 86 ارب ۽ 86 ڪروڙ روپين جي ماليت جو نقصان ٿيو آهي.
سنڌ جي زراعت کاتي برساتن سبب فصلن کي ٿيندڙ نقصان جا ابتدائي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. زراعت کاتي جو چوڻ آهي ته، صوبي ۾ تازين برساتن سبب 541351 ايڪڙ ايراضي تي بيٺل فصل کي نقصان پهتو آهي تنهن کان سواءِ سارين، ڪمند، ترن، کجين، ۽ ڪن ٻين فصلن کي نقصان ٿيو آهي. زراعت کاتي کي وڌيڪ هدايت ڪندي آبادگارن کي چيو آهي ته جن فصلن کي جزوي نقصان پهتو آهي تن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ تڪڙا اپاءَ وٺڻ گھرجن ته جيئن انهن مان ڪجهه آمدني ۽ پيدائش حاصل ٿي سگھي. حڪومت جيڪي زراعت جي تباهي جا انگ اکر ظاهر ڪيا آهن. انهن انگن اکرن کان وڌيڪ نقصان ٿيل آهي. سروي ڪرڻ کان پوءِ اصل حقيقت سامهون ايندي ۽ پوءِ نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ سولو ٿي پوندو. ان لاءِ ضروري آهي ته، حڪومت متاثر زرعي ايراضي ۽ فصلن جي نقصان جي سروي ڪرائي. ته جيئن صحيح خبر پئجي سگھي ته ڪيترو نقصان ٿيو آهي. سموري نقصان جو ازالو ته ڪونه ٿو ٿي سگھي. اهو ناممڪن آهي تنهن هوندي به جيترو ممڪن ٿي سگھي اوتري مدد ڪرڻ به وقت جي اهم تقاضا آهي. ان لاءِ حڪومت کي پنهنجا وسيلا ۽ ذريعا استعمال ڪري سروي ڪرائڻ گھرجي. تنهن کان پوءِ رليف ڏيڻ لاءِ مناسب قدم کڻڻ گھرجن. آئون سمجهان ٿو ته، جيترو نقصان ٿيو آهي. حڪومت اوتري مدد ته ڪانه ٿي ڪري سگھي. تنهن هوندي به سرڪاري فنڊن مان ڪن آبادگارن جي مالي مدد ڪري سگھي ٿي يا بيروني امداد جي ذريعي هارين ۽ آبادگارن جي سهائتا ممڪن ٿي سگھي ٿي. ان سلسلي ۾ حڪومت کي سوچڻ گھرجي ۽ مصيبت ماريل عوام جي ترجيحي بنيادن تي واهر ڪرڻ حڪومت جي اولين ذميواري مان هڪ آهي. هتي اهو به ذڪر ڪندو هلان ته سنڌ جي اڪثر ڳوٺن ۽ شهرن جي پاڻي جو نيڪال ڪونه آهي. ڊرينيج سسٽم ناڪاري ۽ غيرفعال هئڻ ڪري برساتي پاڻي ڪونه پيو نڪري. ان سسٽم کي فعال ڪرڻ لاءِ تڪڙن اپائن وٺڻ جي ضرورت آهي ته جيئن تازو پلر جو پاڻي شهرن ۽ ڳوٺن جي گھٽين، بازارن، دوڪانن ۽ گھرن مان نڪري سگھي. ان کان پوءِ صفائي جي عمل کي به يقيني بنايو وڃي ان لاءِ مڪاني ادارن، يونين ڪائونسلن، ٽائون ڪاميٽين ۽ ميونسيپلٽي ادارن جي عملي کي پابند ڪيو وڃي ته هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ صفائي هئڻ گھرجي صفائي نه هوندي ته بيماريون پکڙجي سگھن ٿيون. ان سلسلي ۾ حڪومت کي سخت ۽ ٺوس هدايتون جاري ڪرڻ گھرجن ۽ انهن هدايتن تي عمل نه ڪندڙ عملي جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ به حڪومت جي ذميوارين ۾ شامل آهي.موجوده حالتن ۾ عوام مونجهاري جو شڪار ۽ پريشانين ۾ آهي سنڌ حڪومت کي عوام جي واهر ۽ مدد ڪرڻ گھرجي. ماڻهن جي مالڪي ڪرڻ گھرجي.