آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ چانسلر جي چونڊ جيل مان فرار ٿيڻ جو ڪو منصوبو ته ناهي

تحرير: محمد حنيف

مون زندگيءَ ۾ انگريزي جو جيڪو ٿلھو ڪتاب پڙهيو ھو، ان جو نالو ھو ’دي گريٽ اسڪيپ‘. ان ۾ قيدين جون ڪهاڻيون هيون، جيڪي دنيا جي محفوظ ترين جيلن مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا ھئا.ڪو جيل جي گارڊ جو روپ بدلائي ڀڳو ھو، ڪنھن پاڻ کي ڌوٻيءَ جي وين ۾ لڪايو ھو، ھڪ  هوشيار قيدي بستري جي چادر سان هينگ گلائڊر ٺاهي جيل جي اونچي ڀت تان پرواز ڪري ويو ھو.پر گھڻين ڪهاڻين ۾ قيدي  خاموشي سان سالن جا سال سرنگهھ کوٽيندا ھئا، اڪثر پڪڙجي پوندا هئا پر ڪي خوش قسمت پنھنجي آزادي حاصل ڪري وٺندا ھئا. جيڪي پڪڙجي پوندا هئا، اهي جيل ۾ واپس ايندي ئي هڪ ٻي سرنگهھ کوٽڻ جي تياري شروع ڪري ڏيندا هئا.ڪهاڻين جو سبق اهو ئي هو ته جيڪڏهن قيدي جو جذبو سچو آهي ته دنيا جي ڪا به جيل کيس فرار ٿيڻ کان نھ ٿي روڪي سگهي.

پاڪستان جو سڀ کان مشهور قيدي عمران خان آهي ۽ ڪنهن زماني ۾ پاڪستان جي  سڀ کان سخت ترين جيل مڇ جيل سمجهي ويندي هئي، پر اڄ اڊيالا جيل آهي، جتي جيلرن کي قيدي سان کِلندي ڳالھائڻ تي غائب ڪري ڇڏبو آھي ۽ قيدي جو جذبو اھڙو آھي جو توهان کي هن جي سياست سان لک اختلاف  ھجن پر هن جي جذبي کان ان جا سياسي مخالف بھ تنگ آهن.

جھڙي طرح  عمران خان پاڪستان جي سياست ۾ نوان انداز متعارف ڪرايا آهن، اهڙي طرح هن اڊيالا جيل مان فرار ٿيڻ لاءِ انوکو منصوبو سوچيو آهي ته هو آڪسفورڊ يونيورسٽي جي چانسلر جي چونڊ وڙهندو.سچي ڳالھھ ھي آھي تھ عمران خان جي اليڪشن ۾ لھڻ کان اڳ نه پاڪستانين کي ۽ نه ئي اڪثر انگريزن کي خبر هئي ته آڪسفورڊ  جي چانسلر جي ڪا  اليڪشن بھ ٿيندي آهي.هن جي اعلان سان، سڀني کي چانسلر جي چونڊ جو اھڙو پتو لڳي ويو. جيئن ھاڻي ٻار ٻار کي اليڪشن فارم 45 ۽ اليڪشن فارم 47 بابت پتو آھي.

گورن جي ھڪ قديم اداري جي وساريل اليڪشن ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري عمران خان ان ۾ ساھ  وجھي ڇڏيو آھي پلان اهو ناهي ته عمران خان اڊيالا جيل مان سرنگهه کوٽڻ شروع ڪري ڇڏيندو ۽ هڪ ڏينهن آڪسفرڊ جي چانسلر جي آفيس ۾ نمودار ٿيندو.ا هو رھندو تھ جيل ۾ ئي ۽ جيئن سندس جانِ نثار سمجھن ٿا، جيل ۾ رهندي مضبوط کان مضبوط تر ،مقبول کان مقبول تر ٿيندو ويندو، پر چانسلر جي چونڊ وڙهڻ سان  ھن جو نالو اولھھ جي  راڄڌانين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گونجندو.سڀني کي ياد ايندو تھ ھو ھڪ شھرآفاق ڪرڪيٽر ھو،سندس چاھيندڙن کي لنڊن جون پارٽيون، شاهي خاندان سان ملاقاتن۽ اڳوڻي زال جمائما خان سان گڏ تصويرون ٻيھر شيئر ڪرڻ جو موقعو ملندو.سندس ڪينسر اسپتال جو ذڪر ايندو، اها ڳالھھ  به ياد ايندي ته هو پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم به آهي ۽ هاڻي مٿس ِکل جوڳا ڪيس هلايا پيا وڃن.چانسلر جي چونڊ لاءِ عمران خان کانسواءِ ڪنهن ٻئي اميدوار جي نالي کي بھ شايد آڪسفورڊ کان ٻاهر ماڻهون نٿا سڃاڻن، پر اليڪشن اليڪشن ھوندي آهي، گمنام اميدوار به پنهنجو زور لڳائيندا.

ھڪ برطانوي صحافي پنهنجي ڪالم ۾ عمران خان خلاف چونڊ مهم جو محاذ کولي ڇڏيو آهي. الزام اھي ئي پراڻا آهن،سلمان رشدي سان اسٽيج تي ويهڻ کان انڪار،طالبان ۽ اسامه لاءِ نرم گوشو ۽ عورتن بابت پراڻا خيال.انهن ڳالهين سان آڪسفرڊ جي اليڪشن ۾ پتو ناھي،ھن جا ڪيترا ووٽ ٽٽندا، پر پاڪستان ۾ اهي ضرور وڌندا.جيڪڏهن ھو  اليڪشن کٽي وڃي ٿو، ته قيدي نمبر 804 کي گورن بھ پنهنجو ليڊر مڃي ورتو ۽ هارائجي ويو تھ گورن جي ازلي اسلامي دشمني.

چونڊن جو نتيجو جيڪو به نڪري، دنيا کي ياد ايندو تھ عمران خان ھڪ سياسي قيدي آهي ۽ گھڻو ڪري دنيا جو سڀ کان حسين سياسي قيدي آهي.سياسي قيدي جيل جون سختيون برداشت ڪري ويندو آھي پر گمنامي نه. تھ عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر اولھھ ميڊيا جي شھ سرخين ۾ هوندو.جيڪو به سياستدان پاڪستان جي ڪنهن به جيل مان فرار ٿيڻ چاهيندو آھي، ان جي سرنگهه جو رستو جي ايچ ڪيو مان ٿي ويندو آھي.عمران خان پنهنجو رستو پاڻ ٺاهڻ لاءِ  ُمصروف آهي.

شايد هو پھرين، فرار ٿيندڙ قيدين جو انجام ڏسي چڪو آھي،سياستدانن ۾ جيل مان فرار ٿيڻ جو سڀني کان گھڻو تجربو نواز شريف رکي ٿو. اٽڪ قلعي مان فرار ٿي چڪو آھي، ڪوٽ لکپت مان به، پر ايترا ڀيرا فرار ٿيڻ  کان پوءِ هاڻي هو پنهنجي گهر امرا جاتي  ۾ پڻ  پنھنجو پاڻ کي قيدي سمجهندو هوندو. ھاڻي فرار ٿيندو تھ ڪيڏانھن ويندو؟ٻئي طرف عمران خان پنهنجي سرنگهه کوٽي رهيو آهي، ڪو جيلر روڪي پڻ نٿو سگهي.

(بي بي سي جي ٿورن سان)

جھڙي طرح  عمران خان پاڪستان جي سياست ۾ نوان انداز متعارف ڪرايا آهن، اهڙي طرح هن اڊيالا جيل مان فرار ٿيڻ لاءِ انوکو منصوبو سوچيو آهي ته هو آڪسفورڊ يونيورسٽي جي چانسلر جي چونڊ وڙهندو.سچي ڳالھھ ھي آھي تھ عمران خان جي اليڪشن ۾ لھڻ کان اڳ نه پاڪستانين کي ۽ نه ئي اڪثر انگريزن کي خبر هئي ته آڪسفورڊ  جي چانسلر جي ڪا  اليڪشن بھ ٿيندي آهي.هن جي اعلان سان، سڀني کي چانسلر جي چونڊ جو اھڙو پتو لڳي ويو. جيئن ھاڻي ٻار ٻار کي اليڪشن فارم 45 ۽ اليڪشن فارم 47 بابت پتو آھي.گورن جي ھڪ قديم اداري جي وساريل اليڪشن ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري عمران خان ان ۾ ساھ  وجھي ڇڏيو آھي پلان اهو ناهي ته عمران خان اڊيالا جيل مان سرنگهه کوٽڻ شروع ڪري ڇڏيندو ۽ هڪ ڏينهن آڪسفرڊ جي چانسلر جي آفيس ۾ نمودار ٿيندو.ا هو رھندو تھ جيل ۾ ئي ۽ جيئن سندس جانِ نثار سمجھن ٿا، جيل ۾ رهندي مضبوط کان مضبوط تر ،مقبول کان مقبول تر ٿيندو ويندو، پر چانسلر جي چونڊ وڙهڻ سان  ھن جو نالو اولھھ جي  راڄڌانين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گونجندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.