سرڪاري ٻيلن جي ٿيندڙ تباهي

تحرير: امير علي ملڪ

ساھتي پرڳڻي ضلعي نوشھروفيروز ۾ هونئن ته ڪيترائي ٻيلا آهن پر اسان ذڪر ڪنداسين مٺياڻي ، ڀورٽي ، ۽ دليپوٽا جي ٻيلن جو جيڪي هزارين ايڪڙن تي ٻڌل آهن ۔ ڪو دور هو جو هن ٻيلن مان پکي پکڻ ، ڳيرا ، جهرڪيون ، پاريھر ، ڪبوتر ۽ طوطن سميت مختلف پکين جون  مٺيون مٺيون لاجواب ٻوليون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون ، هي ٻيلا درياھ جي ڪپ تي هئڻ ڪري هتي پرديسي پکي آرامي ٿيندا هئا ۽ هن ٻيلن ۾ مختلف جھنگلي جانور ڦاڙها ، هرڻ ، گڊ سميت ٻيا ڪيترائي ناياب جانور هتي رهائش پذير هئا پر افسوس ٻيلي کاتي جي عملدارن ٻيلن کي ماڪڙ وانگي ڪھاڙن ، مترڪن ، آرا مشينن سان ٻيلي وڍائي نيست نابود ڪري ڇڏيو  آهي

هڪ طرف حڪومت ڪروڙين روپيا خرچ ڪري ٻيلن کي بحال ڪرڻ لاءِ وٺي رهي آهي ته ٻئي طرف هن ٻيلي کي هن وقت ٻيلي کاتي جي عملدارن ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي .

هن ٻيلن کي جيترو ٻيلي کاتي جي عملدارن نقصان رسايو ، شايد ڪنهن رسايو هجي ۔ هنن ٻيلي کاتي جي عملدارن درياھ جي چاڙه جو جواز ڄاڻائي ڀورٽي ٻيلي جي مخلتف چوڪڙين مان لکين روپين جا قيمتي وڻ غيرقانوني وڍرائي مٿي پنھنجي اعليٰ آفيسرن کي درياھ ۾ ٻيلا ٻڏي وڃڻ جو رپورٽون اماڻي ڇڏيون ۔ هنن عملدارن مٺياڻي جي ڪچي واري ٻيلي جي مخلتف چوڪڙين مان لکين روپين جا قيمتي وڻ وڍرائي ٻيڙين ۾ درياھ پار ڪرائي پنھنجي سرپرستي ۾ مختلف شهرن ۾ ٽريڪٽر ٽرالين ، گڏھ گاڏن ۽ موٽرسائيڪلن تي وڪرو ڪيا پيا وڃن

جڏهن ته ڪجهھ ڏينھن پهريان ٻيلي کاتي جي  عملدارن جي ڪاٺ جي اڏن تان رشوت وٺڻ جي سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي هئي ۔ جن جي خلاف هن مھل تائين ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي ۔ پنھنجي پٽي ڀائين کي بچائڻ جي لاءِ ٻيلي کاتي جا عملدار سرگرم بڻيل آهن ۔

اڄ به مٺياڻي ، ڀورٽي ۽ دليپوٽا جي سرڪاري ٻيلن جون هزارين ايڪڙ زمينون ٻيلي کاتي جي عملدارن جي ڳٺ جوڙ سبب بااثر وٽ مقاطي تي ڏنل آهن ۔ جتي بااثر سرڪاري زمينن تي مختلف فصل ڪاهي ڪروڙين روپيا ڪمائي رهيا آهن ۔ جتان هي ٻيلي کاتي جا عملدار مقاطي جي مد لکين روپيا رشوت وصول ڪري رهيا آهن ۔ جڏهن ته سرڪاري ٻيلن مان واڍي ڪرائي خالي  ٿيندڙ زمينون رشوت عيوض مقاطي تي ڏنيون وڃن ٿيون پر پنهنجي آفيسرن کي قبضن جو جواز ڄاڻائي رپورٽون اماڻيون وڃن ٿيون جنهنڪري بااثرن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي

سرڪاري بنگلي دليپوٽا نرسري مان رات پيٽ ۾ بڻيل لکين روپين جا وڻ وڍرائي وڪرو ڪيا ويا آهن ۔ جڏهن ته ست نمبري ۾ جمادار اسحاق لاکير جي مدد سان ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمين ٻه لک عيوض هڪ جريب وڪرو پڻ ڪئي وئي آهي۔ اھڙي خبر پوڻ تي ڳوٺاڻن سخت مزاحمت تي راڄوڻي ڪرائي هي سودو ڪينسل ڪيو ويو ۔ جڏهن ته هر سال ايندڙ ٻجن ۽ وڻن پوکڻ لاءِ ايندڙ ڪروڙين روپيا ڪاغذن ۾ گم ڪيا وڃن ٿا پر حقيقت ۾ فوٽو سيشن کانسواءِ هڪ به وڻ پوکيو نه ويو آهي ۔ درياه ۾ چيچڪا هاري ڦوٽو ڪڍي پنھنجن آفيسرن کي ٻيلا پوکڻ جون رپوٽون اماڻي اهي زمينون بااثرن کي ڳرين تي ڏنيون وڃن ٿيون جتي هو مختلف فصل پوکين ٿا ۔

جڏهن ڪورٽون نوٽيس وٺنديون آهن ۽ ٻيلي کاتي جي عملدارن کي آپريشن جو چونديون آهن ته ٻيلي کاتي جا عملدار ڪنهن به صحافي کي بريفنگ ڏيڻ کانسواءِ پنهنجي هٿ سان ڪجھه ايڪڙ پوکيل فصلن تي آپريشن ڪري پنھنجي آفيسرن کان شاباسي وصول ڪن ٿا ۔

هتان جي سڄاڻ ڌرين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ، هائي ڪورٽ آف سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي سرسبز ٻيلن کي تباهه ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري  ٻيلن کي آباد ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن ۔

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.