اسلام آباد(م ڊ) اڄ خميس ڏينهن گهرايل پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق ۽ پارلياماني معاملن واري وزير اعظم نذير تارڙ وچ ۾ ملاقات ٿي. جنهن ۾ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائڻ واري فيصلي کي ملتوي ڪرڻ تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي.جنهن بعد اجلاس ملتوي ڪرڻ بابت ايوان صدر کي به آگاهه ڪيو ويو.ياد رهي ته صدر پارليامينٽ گڏيل اجلاس وزيراعظم جي صلاح مشوري تي گهرايو هو.