عدليه کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش خلاف تحريڪ هلائينداسين: عمران خان

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عدليه ئي واحد ادارو آهي جنهن ۾ اميد آهي، پر هاڻي هو سپريم ڪورٽ تي به حملو ڪري رهيا آهن، عدليا کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته احتجاج ڪنداسين. 190 ملين ريفرنس جي ٻڌڻي دوران اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته قومن کي تباهه ڪرڻ لاءِ دشمن جي حملي جي ضرورت ناهي، جيڪڏهن ڪرپٽ ۽ نااهل ماڻهن کي ادارن ۾ لڳايو ويو ته قوم تباهه ٿي ويندي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ادارو سڀني جو هوندو آهي، رڳو آرمي چيف نه پر سڄي قوم لاءِ ضروري آهي ته ادارو مضبوط هجي.عمران خان چيو ته پارليامينٽ ۾ ڪوڙ ڳالهايو ويو آهي ته مون کي جيل ۾ فائيو اسٽار سهولتون ڏنيون ويون آهن، مون کي ته اهي ئي سهولتون مليل آهن جيڪي موت جي سزا جي قيدي کي آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.