ويگو گاڏين ۾ ماڻهو کنڀجڻ جي پوليس کي ڪا خبر ناهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته گهرن ۾ ويگو گاڏيون اچن ٿيون ۽ ماڻهن کي کنڀيو وڃي ٿو، پر ايس ايڇ او  سميت ڪنهن کي به خبر ناهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار گم ٿيل شهري فيضان عثمان جي بازيابيءَ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، اسلام آباد جو آءِ جي علي ناصر رضوي عدالت ۾ پيش ٿيو پر عدالتي حڪم باوجود گم ٿيل شهري فيضان عثمان بازياب نه ٿي سگهيو، جسٽس بابر ستار پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان آءِ ايس آءِ سان رابطو ڪيو آهي؟ الزام آهي ته آءِ ايس آءِ جا ماڻهو فيضان کي کڻي ويا، جنهن جي جواب ۾ آءِ جي اسلام آباد چيو ته اسان دفاع واري وزارت سان رابطو ڪيو آهي. جسٽس بابر ستار هدايت ڪئي ته آءِ ايس آءِ سان رابطو ڪيو وڃي، آءِ ايس آءِ بچاءَ واري وزارت جي نه پر سڌي وزيراعظم جي ماتحت آهي. هن رمارڪس ڏيندي چيو ته لڳي ٿو ته ماڻهن کي بنا ڪنهن خوف جي کنڀڻ جو سلسلو جاري آهي، شهرين کي تحفظ ڏيڻ پوليس جي ذميواري آهي، جيڪڏهن اهي ناڪام ويندا ته ماڻهو عدالتن ۾ ايندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.