ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان حڪومت چرنا ٻيٽ کي پاڪستان جو ٻيو محفوظ سامونڊي علائقو قرار ڏنو آهي. ورلڊ وائيڊ فنڊ فار نيچر (ڊبليو ڊبليو ايف) جي ترجمان چيو ته هو چرنا ٻيٽ کي پاڪستان جو ٻيو سامونڊي تحفظ وارو علائقو قرار ڏيڻ کي ساراهي ٿو. هن چيو ته بلوچستان ڪابينا چرنا ٻيٽ کي محفوظ سامونڊي علائقو قرار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ترجمان موجب بلوچستان حڪومت جون 2017ع ۾ استولا ٻيٽ کي پهريون محفوظ سامونڊي علائقو قرار ڏنو هو. ترجمان موجب چرنا ٻيٽ استولا ۾ مرجان پهاڙن جو مرڪز آهي.