ايمانداري سان ڪم ٿئي ها ته گم ٿيل بازياب هجن ها: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت پوليس پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو سخت ڪاروڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مان 13سال سان ڏسي رهيو آهيان ته جي آءِ ٽي اجلاس چانهه پئي ختم ٿي رهيا آهن، 70سال جو ماڻهو ڪتيري ئي عرصي کان عدالت ۾ اچي رهيو آهي اوهان کي بدعائن جو خوف نه آهي، جسٽس نعمت الله ڦليوٽو چيو ته پوليس ايمانيداري سان ڪم ڪري آها ته گم ٿيل ماڻهن بازياب ٿي وڃن ها. عدالت پوليس تي ڪاوڙجو اظهار ڪندي  چيو ته ناقص ڪارڪردگي جي ڪري اوهان کي سينٽرل جيل موڪليو ويندو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جي آءِ ٽي جي سربراهه کي طلب ڪري ورتو آهي .عدالت گم ٿيل شهرين سيدعارف ،سيدعباس شاهه سميت ٻين ماڻهن جي لاءِ وفاقي حڪومت جي ماتحت ادارن کان چئن هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.