بجلي رليف لاءِ جدوجهد ۾ گهٽتائي نه ايندي: حافظ نعيم

لاهور (پ ر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته معاهدي تي پروپئگنڊا ڪندڙ مخالف ڌر کي ڄاڻڻ گهرجي ته ان سان عوام کي نقصان ۽ حڪومت کي فائدو ٿي رهيو آهي، اسان جي جدوجهد ۾ گهٽتائي نه ايندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره ۾ واپاري اڳواڻن سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ڌرڻا، لانگ مارچ، شٽر ڊائون سميت سمورا آپشن موجود آهن پهرين سيپٽمبر کان سڄي ملڪ ۾ ميمبرشپ مهم شروع ٿي وئي آهي، آن لائين ميمبرشپ به جاري آهي ۽ روڊن رستن تي به ويندي، آئون واپارين کي اپيل ڪريان ٿو ته متحد ٿي اسان جو ساٿ ڏيو.هن چيو ته هڪ بادشاهه سلامت پنهنجي شهزادي سان گڏ ويٺو ۽ پنهنجي صوبي ۾ قومپرستي جي بنياد ته صوبي قوم جي لاءِ خيرات جو اعلان ڪيائين کيس پوري ملڪ جي عوام جو ڪو احساس نه آهي، عوام بکون ڪٽڻ ته مجبور آهي حڪمران عياشيون ۽ مراعتون ڇڏڻ لاءِ تيار نه آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.