اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته پهرين ربيع الاول جو چنڊ نظر نه آيو آهي، عيد ميلاد النبي ﷺ 17 سيپٽمبر تي ٿيندي.ربيع الاول جو چنڊ ڏسڻ لاءِ اسلام آباد ۾ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس ڪافي دير تائين جاري رهيو.مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اسپارڪو، موسميات کاتي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي نمائندن شرڪت ڪئي.اجلاس کانپوءِ ربيع الاول جو چنڊ نظر نه اچڻ جو اعلان ڪيو ويو.چنڊ ڏسڻي ڪميٽي چيو آهي ته پهرين ربيع الاول 6 سيپٽمبر جمعي تي ٿيندي، جڏهن ته 12 ربيع الاول اڱاري 17 سيپٽمبر تي ٿيندي.
-
اڳوڻو ايم اين اي علي وزير جي ضمانت منظور، آزاد ڪرڻ جو حڪم
اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبليءَجي اڳوڻي ميمبر علي وزير جي ضمانت منظور ڪري ورتي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ علي وزير کي پنجويهه هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي. ان کان اڳ دهشتگردي ٽوڙ عدالت علي وزير جي ضمانت رد ڪري ڇڏي هئي جنهن کانپوءِ اڳوڻي ايم اين اي ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِڪورٽ سان رابطو ڪيو هو. واضح رهي ته اڳوڻو ايم اين اي علي وزير هن وقت اڊيالا جيل ۾ قيد آهي ۽ سندس خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل آهي.