ڪراچي جي خادم سولنگي ڳوٺ تي ڪاهه، ڳوٺاڻن جو احتجاج

ڪراچي اوڀر (رپورٽ: شفقت نوناري)بلڊر مافيا جي چرچ تي سپر ھائي وي لڳ قديم سنڌي وسندي خادم حسين سولنگي ڳوٺ تي اينٽي  انڪروچمينٽ فورس ۽ پوليس عملدارن چڙھائي ڪرڻ کانپوءِ ڳوٺ ڊاھڻ شروع ڪيو ته سوين، مردن عورتون ۽ ٻار گھرن کان ٻاھر نڪري آيا ۽ بلڊر مافيا توڻي پوليس خلاف شديد نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن زوار قاسم چانڊيو، ولي بلوچ، حيات خان سرور وٽو، ھاشم سولنگي، مسمات سڪينا، رشيده ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسين غريب پورھيت آھيون ۽ اسان جو ڳوٺ قديم دور کان وٺي آباد آھي جتي ھزارين ماڻھو رھائش پذير آھن پر اسان جي ھن ڳوٺ تي بلڊر مافيا، لينڊ مافيا جي ماڻھن جي نظر آھي جيڪي اسان جي ٻچڙن جا اجھا ڊاھي بي گھر ڪرڻ چاھين ٿا ۽ زمين کي وڪرو ڪري پئسا ڪمائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، جڏھن ته اسان پئسن تي پلاٽ وٺي قرض کڻي ڪچا پڪا گھر تعمير ڪرايا آھن. اسين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، چيف جسٽس ھاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته گھرن جا مالڪاڻا حق ڏئي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.