پي پي ايڇ آءِ ڪرپشن جو ڳڙهه، جعلي ڪمپني کان اربين رپين جي دوائن جي خريداري!

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سنڌ پاران انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پي پي ايڇ آءِ جيڪو سنڌ حڪومت جي اکين جو تارو ۽ بهترين ادارو آهي، جنهن وٽان صرف هڪ سال ۾ هڪ ارب 9 ڪروڙ  رپين جون اهڙيون دوائون هٿ آيون آهن، جن تي مدي ختم ٿيڻ جي ڪابه تاريخ لکيل ناهي، يعني اهي دوائون ڪنهن رجسٽرڊ ڪمپني جون ناهن، اهي هڪ جعلي ڪمپني جون آهن جنهن جي ڪڏهن به انسپيڪشن ناهي ٿي، اهڙو انڪشاف آڊٽ رپورٽ ۾ ٿيو آهي، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر ڊاڪٽر پير منظور علي چيو آهي ته جيڪڏهن هڪ سال ۾ صرف دوائن جي هڪ حصي ۾ ڪرپشن جي اها حالت رهي ته باقي بجيٽ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن چيو ته پي پي ايڇ آءِ جي آفيسرن ۽ انهن جي فرنٽ مين دوائن جا جعلي ڪارخانا قائم ڪري ڇڏيا آهن جيڪي صرف پي  پي ايڇ آءِ  وارا خريد ڪن ٿا ڪنهن به عام ميڊيڪل اسٽور تي دستياب ناهن. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر ڊاڪٽر پير منظور علي وڌيڪ چيو ته پي ايم اي سنڌ شروع کان وٺي هر فورم تي آواز اٿاريو آهي ته پي پي ايڇ آءِ صحت کاتي جو سفيد هاٿي ۽ ڪرپشن جو ڳڙهه بڻيل آهي، هڪ مخصوص مافيا ان جي روح روان آهي، جنهن جو واحد مقصد ڪرپشن آهي. هن چيو ته پي پي ايڇ آءِ کي جيڪي سهولتون ڏنيون ويون آهن ۽ بجيٽ کان سواءِ اربين روپين جي سالياني گرانٽ ڏني وئي آهي ان جو جيڪڏهن صحيح استعمال ٿئي ها ته اڄ صحت جي شعبي ۾ انقلاب اچي ها. ڊاڪٽر پير منظور علي چيو ته جيڪڏهن انقلاب آيو آهي ته اهو ڪرپشن سان آيو آهي ۽ ڪجهه ماڻهن جا کيسا ڀرجي ويا آهن. آڊٽ رپورٽ پي ايم اي سرٽيفڪيٽ جي سچائي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.هن چيو ته پي ايم اي سنڌ صحت جي وزير ۽ سيڪريٽري کان مطالبو ڪري ٿي ته هن سنگين ڪرپشن جو نوٽيس وٺي پي پي ايڇ آءِ ۾ ٿيل ڪرپشن جي شفاف ۽ جامع جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.