اسلام آباد (م ڊ)وفاقي حڪومت جي شماريات کاتي پاران ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿيڻ واري دعوي’ ڪوڙي نڪتي آهي. شماريات بيورو 2 سيپٽمبر تي مهانگائي بابت رپورٽ جاري ڪندي چيو ته مهانگائي جي شرح جيڪا آگسٽ 2023ع ۾ 27.84 سيڪڙو هئي، اها هن سال آگسٽ ۾ گهٽجي 9.6 سيڪڙو ٿي وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف پڻ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي جي خوشخبري ٻڌائي هئي.هن سال جي بجيٽ ۾ حڪومت پاران لڳايل ڳرين ٽئڪسن سبب ڪپڙن، بوٽن، کاڌي پيتي جي شين، گهرن جي ڀاڙن ، پاڻي، بجلي، گئس، پئٽرول، تيل، صحت جي سهولتن ۽ تعليم جا خرچ ٻيڻا ٿي ويا آهن. گذريل سال جي مقابلي ۾ هن سال آگسٽ ۾ گئس جي قيمتن ۾ 319 سيڪڙو، گاڏين جي ٽئڪس ۾ 169 سيڪڙو ۽ ٽرانسپورٽ سروسز ۾ 23 سيڪڙو اضافو ٿيو. جڏهن ته بصرن جي قيمتن ۾ 136 سيڪڙو، تازين ڀاڄين ۾ 77 سيڪڙو، دال جي قيمتن ۾ 43 سيڪڙو، تازو ميون جي قيمتن ۾ 27 سيڪڙو، کير واري پائوڊر ۾ 24 سيڪڙو، گوشت ۾ 20 سيڪڙو ۽ کير جي قيمتن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمنٽ اڪنامڪس جي تازي رپورٽ موجب پاڪستان جي لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو آبادي هن وقت غربت جي لڪير کان هيٺ آهي. ثنا توفيق چيو ته عام ماڻهوءَ کي سڀ کان وڌيڪ کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون متاثر ڪن ٿيون، جن مان گهڻيون قيمتون گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌي ويون آهن. اقتصادي ماهر سميع الله طارق چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ نه ٿي آهي پر مهانگائي جي رفتار گهٽجي وئي آهي.