حيدرآباد (پ ر)عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ ساجد حسين مهيسر، حورالنساءَ پليجو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ عبدالرحمنٰ سمون پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌو درياءَ تي نوان ڊيم ۽ ڪئنال سنڌين جي نسل ڪشي جي سازش آهن، وفاقي حڪومت سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻي، نوان ڊيم ٺاهي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ارسا ايڪٽ ۾ غيرآئيني ترميم ۽ نون ڊيمن ۽ ڪينالن جا منصوبا ملڪ خلاف سازش آهن. ورلڊ واٽر ڪائونسل جي ميگزين واٽر پاليسي ۾ شايع ٿيل هڪ تحقيقي مقالي مطابق “پاڪستان ۾ 90 سيڪڙو کاڌ خوراڪ سنڌو درياءَ جي ذريعي پيدا ٿئي ٿي.” ڪارپوريٽ منصوبن کي سنڌو درياءَ مان پاڻي فراهم ڪرڻ سبب اڳ ۾ آباد زمينون بنجر بڻجي وينديون.