ارسا ايڪٽ ۾ڪنھن به ترميم کي قبول نه ڪنداسين:سنڌ آبادگار اتحاد

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار اتحاد، وفاقي حڪومت پاران ارسا ايڪٽ 1991ع ۾ ترميم ڪرڻ واري فيصلي کي سختيء سان رد  ڪندي احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو آھي. ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي مرڪزي صدر نواب زبير ٽالپر، مير ظفر الله ٽالپر ۽ ٻين سان گڏ ڪالھه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس چيو ته 1991ع واري پاڻي ٺاھه تحت ارسا ايڪٽ وجود ۾ آيو. جنھن تي سمورا صوبا متفق ٿيا پر ھاڻ وري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي. جنھن سان صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ ٽڪراءَ ٿيڻ جو خدشو آھي. ھن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري اختيار ارسا ۽ صوبن کان واپس وٺي فرد واحد وزيراعظم حوالي ڪرڻ وارو فيصلو غير آئيني ۽ غير جمھوري آھي. اسان ارسا ايڪٽ ۾ اھڙي ڪنھن به ترميم کي قبول نه ڪنداسين. ھن چيو ته تازين برساتن ۾ زراعت جي شعبي کي تمام گھڻو نقصان پھتو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.