سنڌوءَ تي ڪنهن به قسم جو ڊيم قبول ناهي: صنعان قريشي

ڌاٻيجي (رپورٽ: مقصود جوکيو) ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته سنڌ  تي ڪنهن به قسم جو ڊيم قبول ناهي، وفاق ڪالا باغ ڊيم جي هوڏ تان لهي نه ته ڊگهي احتجاجي تحريڪ هلائينداسين، جسقم چيئرمين صنعان قريشي وڌيڪ چيو ته برسات سامونڊي پٽي اندر تباهي مچائي ڇڏي آھي، فصل مڪمل طور تي سڙي تباھه ٿي ويا آهن ۽ مارو ماڻھو بي يارو مددگار بڻجي ويا آھن، جسقم چيئرمين چيو ته وفاقي حڪومت پنهجي هوڏ تي قائم رهندي برساتون پوئڻ کانپوءِ ٻوڏ جو جواز ڄاڻائي ڪالا باغ جو رينگٽ شروع ڪري ڏيندي آھي جيڪو ناقابل برداشت آھي. ان موقعي تي نظام جوکيو، حاجي سڪندر جمالي ،حافظ غلام حسين پنهور ،ديدار ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.