ڪراچي: جناح اسپتال ۾ مريض عورت جي وارثن جو ڊاڪٽرن تي حملو، 2 زخمي

ڪراچي( رپورٽر ) جناح اسپتال ۾ 70 ورهين جي عورت مريض جي وارثن ڊاڪٽرن تي حملو ڪري ڏنو ، حملي جي نتيجي ۾ 2 ڊاڪٽر زخمي ٿي پيا. ڪراچي جي جناح اسپتال جي ايمرجنسي ۾ گذريل رات افسوسناڪ واقعو پيش آيو. ڊائريا ۾ مبتلا 70 ورهين جي عورت مريض کي طبي امداد ڏيڻ بعد اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو ته مريض سان گڏ آيل سندس وارثن حملو ڪري ٻن ڊاڪٽرن کي زخمي ڪيو،  واقعي بعد ڊاڪٽر پوليس ٿاڻي تي پهتا پر پوليس ڪو به سهڪار نه ڪيو ۽ ايف آءِ آر به داخل نه ڪئي وئي، جنهن تي ڊاڪٽرن رات دير سان ايمرجنسي اسپتال ۾ علامتي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.احتجاج ڪندي ڊاڪٽرن مطالبو ڪيو ته جناح اسپتال ۾ سڪيورٽي نه هجڻ سبب ڊاڪٽرن تي تشدد جا واقعا وڌي رهيا آهن. هنن چيو ته اسپتال ۾ حفاظتي انتظامن کي بهتر بڻايو وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.