ڪراچي ( رپورٽر) جماعت اسلامي جي عورتن حجاب جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب تائين حجاب واڪ ڪيو.جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر حجاب واڪ کي خطاب ڪندي چيو ته هي ڏينهن جرمني ۾ خنجر سان شهيد ٿيل ناري جي ياد ۾ ملهايو پيو وڃي، ڇوڪري جو ڏوهه اهو هو ته هن اسلام جي تعليم تي عمل ڪيو. هن چيو ته اسلام ۾ قدرت اها لچڪ ڏني آهي ته جنهن شيءَ کي جيترو دٻايو ويندو اهو اوترو ئي اڀرندو.
-
گنڊاپور اڪثريت وڃائي چڪو،اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ گهرجي:ڪنڊي
پشاور ( م ڊ ) پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته علي امين گنڊاپور اڪثريت وڃائي چڪو آهي، کيس اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ گهرجي، ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت رکندڙ وڏو وزير پنهنجي اسيمبلي ۾ وڃڻ کان ڊڄي رهيو آهي، اجلاس چار ڀيرا ملتوي ڪيو ويو آهي، هن چيو ته وڏي وزير وٽ اڪثريت ناهي، سندس خلاف بي اعتمادي جي رٿ اچي سگهي ٿي، مان باضابطا طور وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ به چئي سگهان ٿو.گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خدا نه ڪري ته صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن جي سمري تي قدم کڻان، ٻڌايو وڃي ته وزير ۽ صلاحڪار ڇو تبديل ڪيا پيا وڃن، جيڪڏهن اهي ڪرپٽ ۽ نااهل آهن ته انهن کي سزا ڇو نٿي ڏني وڃي.هنن چيو ته صوبي ۾ تعليم جو نظام بهتر ٿي چڪو آهي، اسيمبلي ۾ اهڙو بل آندو وڃي ته سياستدانن ۽ بيوروڪريٽس جا ٻار به سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهن، جيتري مان ويٺو آهيان يونيورسٽي جي زمين جو هڪ انچ به وڪرو ڪرڻ نه ڏيندس.
-
منشيات ڪيس: علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ هٿيار ۽ شراب برآمدگي ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور جي طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي سندس ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ علي امين گنڊاپور جي طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي ايس ايڇ او بهارا ڪهو کي حڪم جاري ڪيو ته علي امين گنڊاپور کي اڄ گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.