سوشل ميڊيا تي مڙهيل الزام ڪوڙا آهن، جواب نه ڏيندس: ثاقب نثار

لاهور (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار پاڪستان پهچي ويو ۽ پاڻ مٿان مڙهيل الزامن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، جسٽس (ر) ثاقب نثار ڪالهه رات پاڪستان پهتو، هن سپٽيمبر ۾ پاڪستان اچڻ جو اعلان ڪيو هو.
جسٽس رٽائرڊ ثاقب نثار گذريل رات لاهور هوائي اڏي تي لينڊ ڪيو ۽ مختصر ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته پاڪستان اچي ويو آهيان، سوشل ميڊيا مڙهيل الزام ڪوڙا آهن جن تي ڪو به جواب نه ڏيندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.