ڪوئيٽا(م ڊ) پنجگور جي ڊپٽي ڪمشنر ذاڪر بلوچ جي شهادت جي حوالي سان ساڻس گڏ زخمي ٿيل ضلعي چيئرمين عبدالمالڪ صالح جي ڀاءُ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر رحمت صالح بلوچ جو چوڻ آهي ته جنهن هٿيار سان مٿن حملو ڪيو ويو هو ”اها ڪلاشنڪوف نه هئي، اها هڪ وڏي بندوق هئي جيڪا ايتري طاقتور هئي جو ان جون گوليون ويگو جي پٺيءَ تي لڳل باڪس، شيشي ۽ سيٽ کي چيري ڊپٽي ڪمشنر ذاڪر بلوچ ۽ عبدالمالڪ کي لڳيون.هن جو چوڻ آهي ته سندن گاڏيون ڳڙهي ڪوچ جي ويجهو پهتيون ته هنن پنهنجي سامهون هڪ وڏي تعداد ۾ هٿياربندن کي ڏٺو جن ٻه ٽي ٽرڪون روڪي ڇڏيون هيون. خطري کي محسوس ڪندي هنن هڪدم پوئتي موٽڻ جي ڪوشش ڪئي ان دوران موڙ ڪاٽيندي گاڏي ٺهندڙ روڊ جي پل ڀرسان ڦاسي پئي، ايتري ۾ سفيد ڪپڙن ۾ هڪ هٿياربند ڊوڙندو آيو. جنهن پويان کان فائرنگ ڪئي.هيل تائين ڪنهن به تنظيم حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي، ٻي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي سي جي سفر دوران ايس او پيز تي عملدرآمد بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.ان حوالي سان مستونگ جي اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته هي واقعو دهشتگرديءَ جو آهي جنهن جي سي ٽي ڊي جاچ ڪري رهي آهي.