اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا فيس بڪ، واٽس اپ، انسٽاگرام ۽ ٻين پليٽ فارمن تي حفاظتي فائر وال جو ٻيو ۽ آخري ڪامياب تجربو گذريل رات دير سان مڪمل ڪيو ويو. ان حوالي سان جي آءِ ٽي وزارت ۽ پي ٽي اي جا عملدار خاموش آهن ۽ سندن طرفان ڪا به تصديق يا ترديد ناهي ٿي. آءِ ٽي واري وزارت جي هڪ سينيئر آفيسر جو چوڻ هو ته اهو معاملو پي ٽي اي سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته پي ٽي اي جي اعليٰ عملدارن رابطو ڪرڻ تي ڪو به جواب نه ڏنو. ٻئي طرف سڄي پاڪستان ۾ انٽرنيٽ سروس مسلسل معطل آهي.ماهرن موجب سست انٽرنيٽ جا ٽيڪنيڪل سبب آهن، سائبر معاملن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪيبل جو معيار، وڌندڙ ڊجيٽل ٽريفڪ ۽ موسمياتي تبديلي انٽرنيٽ سروس کي متاثر ڪري ٿي. ڪجهه ذريعن جو چوڻ آهي ته حفاظتي فائر وال جي ٻئي ڪامياب ٽيسٽ کانپوءِ سمورا سوشل ميڊيا معمول تي اچي ويندا ۽ سسٽم بحال ٿي ويندو.
-
انٽرنيٽ سروس متاثر، واٽس ايپ ۽ ٻيون ايپس سست رفتاري جو شڪار
اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) پاڪستان ۾ صارفن کي اڃان تائين انٽرنيٽ سروس استعمال ڪرڻ ۾ پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.پاڪستان ۾ انٽرنيٽ ته هلي رهيو آهي پر انهي جي اسپيڊ تمام گهڻي سست آهي خاص طور تي ڊيٽا تي انٽرنيٽ سروس رنڊڪ جو شڪار آهي، ٻئي طرف رابطن جو اهم ذريعو واٽس ايپ ڊائون هجڻ سبب شهري ۽ ڪاروباري ماڻهن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ان حوالي سان شهرين چوڻ آهي ته ان سان نه صرف انهن جا حق متاثر ٿي رهيا آهن پر رياست کي به مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.انٽرنيٽ سروس متاثر ٿيڻ سان آن لائين سواري سميت ڪاروبار جي ڏيتي ليتي ۾ به پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان حوالي سان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي سان ڪيترائي ڀيرا رابطن جي باوجود به انٽرنيٽ سروس متاثر ٿيڻ جي حوالي سان ڪوبه موقف سامهون نه اچي سگهيو آهي.
-
سوشل ميڊيا ۽ موبائل سروس ۾ خلل ڇو؟ پي ٽي اي چيئرمين طلب
اسلام آباد (م ڊ) انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سوشل ميڊيا ۽ موبائل سروس ۾ خلل هجڻ تي پي ٽي اي جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان کي طلب ڪري ورتو آهي سوشل ميڊيا سروس ۾ خلل جا سبب پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اجلاس ۾ اٽارني جنرل کي به طلب ڪيو ويو آهي. ڪميٽي جو اجلاس 21 آگسٽ تي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، ڪميٽي جي چيئرمين سيد امين الحق جو چوڻ آهي ته واٽس ايپ، فيس بڪ، انسٽاگرام تي بندش جا سبب پيش ڪيا وڃن ۽ سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس متاثر ٿيڻ ۽ موبائل سگنلز جي ڪمزور هجڻ جا تفصيل پڻ طلب ڪيا ويا آهن.