آصفه کي يو اي اي پاران پوليو خلاف ڪم تي سافٽ ڊپلوميسي ايوارڊ

ڪراچي( رپورٽر) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري کي يو اي اي قونصليٽ ڪراچي ۾ پوليو جي خاتمي ۾ ڪيل خدمتن جي اعتراف ۾ سافٽ  ڊپلوميسي ايوارڊ سان نوازيو ويو. آصفه ڀٽو ايوارڊ تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته هوءَ پاڪستان کي پوليو فري ملڪ بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.  پاڪستان دنيا جي انهن ٻن ملڪن مان هڪ آهي، جتي پوليو موجود آهي، ۽ اهي ان جو تمام گهڻو شڪار آهن. ان موقعي تي پيپلز پارٽي وومين ونگ جي صدر فريال ٽالپر کي متحده عرب امارات سان لاڳاپن جي بهتري لاءِ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. متحده عرب امارات (يو اي اي) جي قونصليٽ ۾ جشن آزادي جي هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، تقريب دوران قرعہ اندازي پڻ ڪئي وئي. جڏهن آصفه ڀٽو زرداري کي  ڪڻا ڪڍڻ لاءِ سڏيو ويو ته هن پنهنجي نالي جي پرچي ڪڍي، جنهن تي هال ٽهڪن سان گونجي ويو. ان موقعي تي آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي نالي تي دبئي جي هوائي ٽڪيٽ واري پرچي واپس ڪندي هڪ ٻئي مهمان کي اهو انعام وٺڻ جو موقعو ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.